وٺا آهن هيل پوڇانڊا، ٿيا آهن رابيل پوڇانڊا، اچي تنهنجي اجهي رهجي، ٻئي رهون ٻيل پوڇانڊا، اماسن ۾ وجهي رکجان، ڏيئي ۾ تيل پوڇانڊا، اوهان جو ڳوٺ ڳاٽن تي، اسان جي ريل پوڇانڊا، نچي ٿو مور ماٿاريء تي، ڊڪي ٿي ڊيل پوڇانڊا، ڏيئو هڪ ڏات منهنجي کي، ڪري ويو ڀيل پوڇانڊا، امام علي جنجهي