• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وٺا آهن هيل پوڇانڊا

امام علي جنجهي

سينيئر رڪن

وٺا آهن هيل پوڇانڊا،
ٿيا آهن رابيل پوڇانڊا،


اچي تنهنجي اجهي رهجي،
ٻئي رهون ٻيل پوڇانڊا،


اماسن ۾ وجهي رکجان،
ڏيئي ۾ تيل پوڇانڊا،


اوهان جو ڳوٺ ڳاٽن تي،
اسان جي ريل پوڇانڊا،


نچي ٿو مور ماٿاريء تي،
ڊڪي ٿي ڊيل پوڇانڊا،


ڏيئو هڪ ڏات منهنجي کي،
ڪري ويو ڀيل پوڇانڊا،

امام علي جنجهي

 
Back
Top