ماروئڙن جو ملڪ ملير

'سنڌي شاعري' فورم ۾ امام علي جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2013۔

  1. امام علي جنجهي

    امام علي جنجهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    55
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سماجي ڪارڪن
    ماڳ:
    اسلامڪوٽ ٿرپارڪر
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    مولى سائين عرض اگھائين ماروئڙن تي مينهن وسائين
    مونکي مارو محب ملائين قيد ڪيو آ تقدير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    مارو منهنجا موتي داڻا ٽڪي پئسي ڪونه وڪاڻا
    مڻئي تي هو مور نه مٽاڻا صبر تن جو آهي سير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    ماروئن تي ٿا مينهن وسن، ساوا گاه جام ڦٽن
    للر ۽ لنڀ ڪُوري پچن، مروئو مريڙو ڳم ڳنڍير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    ماروئڙا مهمان نوازي، رب تنين تي آهي راضي
    ڀلين هڻي ڪو اچي بازي، ڪونه ٿيندا دلگير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    مارن لاٿو من منجهي، دلڙي ڏاري ڏک ڏنجهي
    رات ساريم سانگي سنجهي، روئي روئي نيڻن نير
    مارئوئڙن جو ملڪ ملير
    جھانگي منهنجا جھڻ پياڪو، چور ۽ لوفر ناهن ڊاڪو
    کليو مرڪيو ڪن مذاڪون، ماکي مصري کنڊ ۽ کير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    پڪا ڏٿ ۽ پيرون جام، گُگهر گھانگھيٽا ٻيرون عام
    سنڱر نموريون ڍيرون لام، کوئنر کنڀيون کاڄ امير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    پيٽ بکائي پيٽ پليان، مٿي ۾ ڪين ميٽ مليان
    نظر نماڻي هيٺ جھليان، لٽا ٿي ويا ليرون لير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    هتي هڪڙي آهيان آئون، درد ونديون ٿي ڪريان دانهون
    هتي سرتيون لهن لائون، چني پيئڙا هوندن چير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير
    جنجهي امام علي جيسين جيئان، ملڪ ملير جو راهي ٿيان
    زم زم پي پوءِ دم ڏيان، جت مرسل آهي محمد مير
    ماروئڙن جو ملڪ ملير

    امام علي جنجهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو