• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تــوکـــي شـــــاعــــر ڪـــل ڪـــهــڙي

امام علي جنجهي

سينيئر رڪن


نظم
اســــان مـــــــــزدور مــــاڻـــهـــن جـــي
تـــوکــــي شـــاعـــر ڪــل ڪــهــڙي
لـــــڱــــن تــــان روز لــــهنــــدي آ
کـــــڙيءَ تــــائــــين کـل ڪـــهــڙي
تــوکـــي شـــــاعــــر ڪـــل ڪـــهــڙي
هـتـي هـي پـيٽ بکـيو پـاپـي
هـتـي ان پـــاڻــي جــي کـاپــي
هـتـي ڳـــڀـرو نـــه سـتا ڍاپــــي
هـتـي هــر روز چـٽـي چـاپــي
ڪـري مـظـلوم سـان مـل ڪـهـڙي
تــوکـــي شـــــاعــــر ڪـــل ڪـــهــڙي
لـکـيـن هــر روز حسينـن تـــي
رهــيــن قــائــم يــقـيـنــن تــي
پــورهــيو ڪـنـدڙ پسـيـنـن تــي
ڪــڏهــن لــکــجــان مـسـڪـيــنـن تــي
تـنـهـنـجــي جــذبــن کــي جـهـل ڪـهـڙي
تــوکـــي شـــــاعــــر ڪـــل ڪـــهــڙي
هــــتــي ڏاڍن ڏهــــاڪــو آ
دٻـــدٻـــو ائــيــن ڌهـــاڪـــو آ
نـــڙيءَ تـــي نــنــهــن نـــاڪــو آ
اســـان لــئه ايءُ پــهــاڪـــو آ
ڦـــٽــي تــي آهــي ڍل ڪــهــڙي
تــوکـــي شـــــاعــــر ڪـــل ڪـــهــڙي
امام علي جنجهي
 
Back
Top