باغي عليم
سينيئر رڪن
دل کان جيڪو ڌار ئي ڪونهي
تنهن سان ڪاوڙ ڪار ئي ڪونهي
ڪنهن تي ڪنهن تي مرهم مکيندئين
پيڙائن جو پار ئي ڪونهي
ڪير سفر ۾ آٿت ڏيندئي
ساڻ ڪا هاڻي سار ئي ڪونهي
لُٽجي ويندين سمجهان پيو پر
دل تي ڪو اختيا ئي ڪونهي
ڏک انهي ۾ ٻير لڏي وئي
ڳوٺ ۾ ننڍرا ٻار ئي ڪونهي
درد ڇپايون جنهن ۾ پنهنجا
اهڙي ته ڪا اخبار ئي ڪونهي
مون ۾ اکيرو ڪيئن اڏين ٿي
مون ۾ ڪوئي ٽار ئي ڪونهي
تنهن سان ڪاوڙ ڪار ئي ڪونهي
ڪنهن تي ڪنهن تي مرهم مکيندئين
پيڙائن جو پار ئي ڪونهي
ڪير سفر ۾ آٿت ڏيندئي
ساڻ ڪا هاڻي سار ئي ڪونهي
لُٽجي ويندين سمجهان پيو پر
دل تي ڪو اختيا ئي ڪونهي
ڏک انهي ۾ ٻير لڏي وئي
ڳوٺ ۾ ننڍرا ٻار ئي ڪونهي
درد ڇپايون جنهن ۾ پنهنجا
اهڙي ته ڪا اخبار ئي ڪونهي
مون ۾ اکيرو ڪيئن اڏين ٿي
مون ۾ ڪوئي ٽار ئي ڪونهي