• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل جي وطن ۾ وڳوڙن جيان.... ساگر خاصخيلي

باغي عليم

سينيئر رڪن
غزل..ساگر خاصخيلي
دل جي وطن ۾ وڳوڙن جيان
وصل هئا اوهان جا وڇوڙن جيان

بهارن به ڀڃ ڊاهه اسان ۾ ڪئي
هئي مند هرڪا هٿوڙن جيان

ڇاڇرو اسان کي سمجهي زماني
لتاڙيو مدد جي گهوڙن جيان

ڪي ڪي ويسارون وڏي چين وانگي
ڪائي ياد من تي مروڙن جيان

غمن جيء گهائي اڳيئي ڇڏيو هو
مٿان تنهنجي ڪاوڙ ڪوڙن جيان

اچيو تنهنجيون ڳالهيون ڳڙن شام ٽاڻي
ڳوٺ جي ڳلن تان ڳوڙهن جيان

لوڏي ڪو سُمهاري ڊگهي ننڊ ڪجي
هُجي هنج ڪائي هندورن جيان.
 
Back
Top