شبير ڪنڀار
سينيئر رڪن

سنڌي ويب ڪيبورڊ انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ جي مسئلي جو معقول حل آهي جنهن سان انٽرنيٽ استعمال ڪندي اسان هرهنڌ سنڌي لکڻ جي قابل ٿي وڃون ٿا، ان جي مدد سان جي ميل، هاٽ ميل ۽ ياهو وغيره ۾ اي ميل سنڌي ۾ لکي سگھجي ٿي، گوگل، بنگ وغيره جھڙين ڦولهيندڙ ويبسائٽس ۾ سنڌي ۾ ڳولها ڪري سگھو ٿا، سوشل ميڊيا فيسبوڪ، ٽئٽر ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ پنهنجا سنيها لکي سگھو ٿا. يقيناً هيءُويب ڪيبورڊ سنڌيءَ جي انٽرنيٽ تي استعمال لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ويب ڪيبورڊ کي استعمال کان پهرين سلسليوار ڪجھه سِٽاءَ ڪرڻا آهن، جن بعد انٽرنيٽ تي ڪيبورڊ فعال ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان جتي ڪٿي سنڌي لکڻ ممڪن بڻجي ٿي. هونءَ ته انٽرنيٽ جي استعمال لاءِ عام طور ڪيترائي برائوزرس ڪتب اچن ٿا ۽ هر ماڻهو پنهنجي پسند ۽ ضرورت آهر انهن جي چونڊ ڪري ٿو. ويب ڪيبورڊ جي درست ۽ سولي استعمال لاءِ هيٺين مان ڪو به برائوزر منتخب ڪرڻ جي استعمال جي سفارش ڪجي ٿي:
مڪمل پِي ڊي ايف پڙهڻ لاءِ منهنجي بلاگ جو ڦيرو ڀريو ، جنهن جي لنڪ آهي
http://shabirkumbhar.blogspot.com/