ويب ڪيبورڊ

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ شبير ڪنڀار طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2013۔

  1. شبير ڪنڀار

    شبير ڪنڀار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽنگ
    ماڳ:
    سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري (هالا شهر)
    [​IMG]
    سنڌي ٻوليءَ جي انٽر نيٽ / ويب تي سڌي سنئين (انسٽاليشن کانسواءِ) لکت جي لاءِ محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ورچوئل ويب ڪيبورڊ ترتيب ڏنو آهي، جنهن وسيلي سسٽم ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ کانسواءِئي(انٽرنيٽ /‌ ويب ۾) سنڌي لکڻ ممڪن ٿيو آهي، هي عام طور سڀني انٽرنيٽ جي صارفين لاءِ هڪ ڪمائتو ٽول آهي، جڏهن ته خاص طور انهن ڪمپيوٽرن جي لاءِ وڌيڪ ڪارآمد آهي جن کي ڪن سببن جي ڪري مهمان (Guest)طور استعمال ڪبو آهي، جيئن آفيسن، نيٽ ڪيفيز، عوامي هنڌن تي انٽرنيٽ جي سهوليتون آڇيندڙن جا يا وري ذاتي ڪمپيوٽر وغيره. مطلب ته اهڙا ڪمپيوٽر جن ۾ عام ماڻهن کي Administrativeحق حاصل نه هوندا آهن ۽ انهن تي ڪو واڌارو پروگرام لاڳو ڪري نه سگھبو آهي. مهمان طور فقط لاڳو ٿيل پروگرام ئي استعمال ڪري سگھبا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن لاڳاپيل سسٽم ۾ ايم بي سنڌي لاڳو ٿيل نه هجي ته سنڌي لکڻ ئي محال ٿي ويندو آهي.
    سنڌي ويب ڪيبورڊ انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ جي مسئلي جو معقول حل آهي جنهن سان انٽرنيٽ استعمال ڪندي اسان هرهنڌ سنڌي لکڻ جي قابل ٿي وڃون ٿا، ان جي مدد سان جي ميل، هاٽ ميل ۽ ياهو وغيره ۾ اي ميل سنڌي ۾ لکي سگھجي ٿي، گوگل، بنگ وغيره جھڙين ڦولهيندڙ ويبسائٽس ۾ سنڌي ۾ ڳولها ڪري سگھو ٿا، سوشل ميڊيا فيسبوڪ، ٽئٽر ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ پنهنجا سنيها لکي سگھو ٿا. يقيناً هيءُويب ڪيبورڊ سنڌيءَ جي انٽرنيٽ تي استعمال لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ويب ڪيبورڊ کي استعمال کان پهرين سلسليوار ڪجھه سِٽاءَ ڪرڻا آهن، جن بعد انٽرنيٽ تي ڪيبورڊ فعال ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان جتي ڪٿي سنڌي لکڻ ممڪن بڻجي ٿي. هونءَ ته انٽرنيٽ جي استعمال لاءِ عام طور ڪيترائي برائوزرس ڪتب اچن ٿا ۽ هر ماڻهو پنهنجي پسند ۽ ضرورت آهر انهن جي چونڊ ڪري ٿو. ويب ڪيبورڊ جي درست ۽ سولي استعمال لاءِ هيٺين مان ڪو به برائوزر منتخب ڪرڻ جي استعمال جي سفارش ڪجي ٿي:
    مڪمل پِي ڊي ايف پڙهڻ لاءِ منهنجي بلاگ جو ڦيرو ڀريو ، جنهن جي لنڪ آهي
    http://shabirkumbhar.blogspot.com/
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ڪم ۔۔۔ ٻولي جي بي لوث خدمت ۽ ترقي لاء سائين ماجد صاحب جون خدمتون تعريف کان مٿاهيون آهن۔ سنڌ سلامت جي دوست رشيد سمون پڻ ان قسم جو هڪ ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ متعارف ڪرايو هو جنهن ذريعي اسان اڪثر فائدو حاصل ڪندا رهون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ماجد چانڊيو

    ماجد چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    37
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڊرگهه بالا، تعلقو جوهي، ضلعو دادو
    قبلا! باقي هڪڙو قرب ڪيو ته واھ واھ!!!!!!! نوڪيا جي موبائيلن ۾ سنڌي لکجي نه ته به مڙئي خير پر صحيح نموني ماڻهو پڙهي سگهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو