پريشاني ٻڌائڻ پئي چاهي

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
مون هن کي
پنهنجي
پريشاني ٻڌائڻ پئي چاهي
۽ هو
منهنجي
خالي
کوکلن ٽهڪن ۾
منجهي پيو.
مون هن کي
پنهنجي شخصيت جي
ترتيب ڏيکارڻ پئي چاهي
پر هوُ
منهنجي
ڪمري جي
بيترتيبي ڏسي
پريشان ٿي ويو
 
Back
Top