نقشي مان وڃايل ڳوٺ

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
منهنجا ماڻهو
شهر جي
غليظ دونهين جي ڪري
مري چڪا آهن
منهنجا وڻ
منهنجي ڳيرن لاءِ
سڪي مئا آهن
۽ منهنجا ڳيرا
تنهنجي بي رحم شڪارين جي
ٺڪائن کائي ڇڏيا
مان اهو ڳوٺ آهيان
جيڪو هاڻي تنهنجي
شهر جي
نقشي ۾ ئي ڪونهي!!!
 
Back
Top