نگاهون نيرا گل

'مقالا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    نگاهون نيرا گل
    ـــــــــــــــــ
    ثقلين لاشاري

    ھن صديءَ جي آغاز ۾ جن به نئين ٽھيءَ جي ليکارين کي شھرتن جي ادبي آڪاش جون اونچايون ڇھڻ نصيب ٿيون آھن، انھن مان ايوب کوسي جو نالو نه وٺڻ ساڻس بي انصافي ٿيندي ـــــــــ”توھين رسالت ڪيس سبب جيل گھارڻ ڪري ادبي حلقن پاران مليل ”وقتي شھرت جو کٽيو کائيندي ھُن ڪن پبليڪيشنن وٽان پنھنجا شاعري / نثر جا تڙ تڪڙ ۾ ڪيئي ڪتاب ڇپرائي ورتا. (عام طور تي اسان وٽ سوين اھڙا لائق ليکڪ اڃا زندھ آھن جن جو ھڪ اڌ چوپڙي ٽائيپ ڪتاب به شايع نٿي سگھيو آھي، ان جي بنسبت ٻه اکر لکندڙ / ھٿراڌو نمونن سان شھرتون ماڻي ڪتاب ڇپرائي ويندڙن جي ڊگھي لسٽ موجود آھي.)
    ايوب کوسي جي پھرين ٻن ڪتابن کي جيتري مڃتا ۽ مانُ مليو ايتري شھرت ۽ عزت سندس پوين ٽنھي ڪتابن کي ان ڪري به نه ملي جو اُھي تڪڙ ۽ اُٻھارائپ وچان لکيل ۽ ڇپيل ھيا. سندس پھرين ڪتاب ” گلابن جو ڪفن ڪيترين دلين کي حفظ ھيو، نتيجن ان جو ٻيو ڇاپو مارڪيٽ ۾ تڪڙو آندو ويو. سندس ٻئي ڪتاب ”ديوارن جي دنيا پويان کي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران سنڌي ٻوليءَ جو بھترين ڪتاب قرار ڏيندي کيس اڌ لک روپين جي رقم انعام ڏني ــــ انھن ڪتابن کي اِھا شھرت ۽ عزت ان ڪري به ملي جو اھي سندس پورھيي جي ڪل مُوڙي مان چونڊيل ائٽم ھيا يا طويل وقت گذرڻ سبب پڪا پختا پيرون بڻيل ھيا پر پويان ڪتاب مڪمل گل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪچا ئي پٽي مارڪيٽ ۾ ”چالو ڪيا ويا، جيئن ”گراھڪ نه ختم ٿي وڃن.
    پاڻ ھتي سندس پوئين پورھيي کي ڇڏي تازو مارڪيٽ ۾ آيل نئين شعري مجموعي ”نگاھون نيرا گل تي پنھنجي راءِ رکنداسي.
    ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آھي ڪنھن جي لکڻين تي تعريفي يا تنقيدي راءِ ڏيڻ ـــ ۽ جيڪڏھن اڳيان ڪو مضبوط مطالعي وارو سٺو ليکاري آھي ته اھو ڪم اڃا به ڪجھه ڏکيو ٿيو پوي. ايوب کوسو پڻ نئين ٽھيءَ ۾ ڏات ڏانو ۾ پختي، سچي شاعر طور مشھور آھي. بقول شيخ اياز جي ته ”سچي شاعري کي جھريون نه پونديون آھن ۽ صديون ان جي معصوميت کي برقرار رکنديون آھن.“ ايوب جي شاعريءَ ۾ معصوميت ته آھي پر تڙ تڪڙ ۾ سموريون منزلون طئه ڪرڻ جي لالچ ۾، غلطين جي وڏي گنجائش پيدا ڪري ويو آھي. ”نگاھون نيرا گل“ ان تڙ تڪڙ جو مظھر آھي جنھن ۾ نه وزن بحر درست آھي نه مونث مذڪر جو ڪو خيال رکيو ويو آھي. ٻوليءَ جي حسناڪيءَ جي دعويٰ زخم زخم آھي. غلط قافين کان وٺي ڪتابي نشانين، جمع واحد تائين اھڙيون حيرت ناڪ غلطيون آھن جو ھوند ڪو سيکڙاٽ شاعر به نه ڪري!
    نئين ٽهيءَ جي چند صاحبِ ڪتاب / نامور شاعرن سان، فني ۽ فڪري لحاظ سان تقريبن ”هڪ جهڙا مسئلا“ درپيش آهن. وزن بحر جون ڀرپور نموني چڪون، غلط قافين جي ڀرمار، غلط استعارا ۽ ترڪيبون، مونث / مذڪر جي اڻ ڄاڻائي، صحيح صورتخطي جي اڻاٺ، بي معنا سٽون، لفاضي، اجايا لفظ ٽنبڻ، ڀراءُ ڪرڻ جهڙا شعر، پنهنجي ئي شاعريءَ جي ورجاءَ جهڙيون اوڻايون ايوب کوسي، ساحر راهو، بخشل باغيءَ، حنيف عاطر، حفيظ باغيءَ، ستار سندر ....... جي شاعريءَ ۾ عام جام آهن. ساحر راهو جا بيڪار طوالت رکندڙ غزل هجن يا بخشل باغيءَ جي ڪچن قافين تي اڙدوءَ شاعريءَ جي اثر هيٺ لکيل تڪ بندي هجي، تن کي پڙهندي، ايندڙ ٽهيءَ به اهڙيون غلطيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. روڪڻ يا ڇنڀڻ تي تڪڙ ۾ ڪچو مثال ٿا ڏين ته ” فلاڻي شاعر جو، فلاڻي ڪتاب ۾ ”ائين“ لکيو آهي!“
    غلط روين جي بي سمجهيءَ ۾ پوئيواري ڪرڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته جديد ادب جي ” غلطين“ کي مڪمل نموني سان ڇنڊي ڇاڻي، ايندڙ ادب لاءِ کيس رهنما نه بنايو ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جديد سنڌي شاعري لکڻ جي دعويٰ ڪندڙ اهڙن نام نهاد شاعرن جي شاعريءَ جو درست ۽ مڪمل تجزيو ٿيڻ گهرجي. پنهنجي بي سمجهه آڱرين تائين وڌيڪ سَرل سمجهه / پياري پرک ڪندڙ قلم پهتو ته واري سري سان مٿن شاعرن ۽ ٻين ليکڪن جو جائزو وٺندس ـــــ هتي مان ايوب کوسي جي رڳو هن ڪتاب ” نگاهون نيرا گل“ جو ترتيب وار جائزو وٺندس.
    وزن بحر جون چُڪون ـــــ
    سنڌي ادب ۾ ”هُو ڪري ٿو ڏينهن رات، فاعلاتن فاعلات“ جهڙا نظم لکي، شاعريءَ جي بنيادي جُز، فن ــــ معنا رڌم، موسيقيت کان گهڻا ئي انڪار اُڻيل آهن. اسين ان پراڻي رينگهٽ کي ان ڪري به نٿا ورجايون جو ڄاڻو فرد، ڄاڻين ٿا ته فنُ، ڪنهن به تخليق لاءِ آبِ حيات مثل آهي. يا ته اوهان ڊاڪٽر آڪاش انصاري (ڏسو، ڪئين رهان جلاوطن، اڌورا اڌورا) حليم باغي (اڙي شهرِ جانان!) غفار تبسم وانگر وزن بحر کان ناآشنائيءَ جو اعلانيو ڪيو يا وري نارائڻ شيام، سرڪش سنڌيءَ، محسن ڪڪڙائيءَ وانگر پڪا پيرون پٽي هلو.
    ايوب کوسو پڻ، ڪجهه عرصي کان باقائده وزن بحر تي غزل/ نظم وغيره سرجي رهيو آهي. جنهن مان پرکي سگهجي ٿو ته ايوب ۾ سکڻ / سيکارڻ جو جنون برقرار آهي. ڇو جو ادب جي شهنشائي ماڻڻ لاءِ پهريان توهان کي ادب جي شاگردي وٺڻي پوندي. ايوب کوسي يا ٻين لاءِ اسحاق سميجي وانگر هت ”طويل نصيحت نامو“ لکڻ بدران مان چاهيندس ته اسان ايوب کوسي جي ڪتاب ”نگاهون نيرا گل“ ۾ موجود ڪجهه عروضي غلطيون ڏسون. ( غلطيون، سڌارڻ جي اسان ان ڪري به ڪوشش نٿا ڪريون جو شاعريءَ کي ري رائيٽ ڪندڙ دوست ڄاڻيندا هوندا ته هڪ لفظ جو ڦيـرُ، سموري تخيل جي گردش بدلائي ڇڏيندو آهي. هونئن به اسان جي جديد نقادن موجب ”ڦير گهير“ جو حق فقط ”لکندڙ“ کي آهي، نه ان جي ڇپيندڙ، نه پڙهندڙ کي! پر راءِ ڏيڻ / غلطيءَ جي نشاندگي ڪرڻ استادانه فن آهي، جنهن کي اچي ته ڀلي ظاهر ڪري.)
    ايوب کوسو پڻ سنڌي شاعرن جي ڊگهي لسٽ وانگي، سنڌي ۾ مروج/ عام وزن بحر لکي رهيو آهي، نه نون وزنن جي تخليق ڏانهن توجهه اٿس نه وري گهٽ استعمال ٿيندڙ وزنن تي تجربا ڪرڻ جو موڊ اٿس. هو انهن ليکڪن مان هڪ آهي جن کي ڪجهه مخصوص بحرن تي حد درجي جو ڪمال حاصل ٿي ويندو آهي، جن بحرن ۾ اهي پنهنجي تخيل جا رنگ، گهڻي بهتر نموني سان پکيڙي سگهندا آهن ۽ اڳتي هلي چند مخصوص لفظن جو هجوم به سندس سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي. (جئين ايوب کوسي تي به اهو الزام رهي ئي رهي ٿو ته هو رڳو ” ڪنوارو، خوشبو، گلاب، بدن، ٽياس“ وغيره بوريت جي حد تائين ڪتب آڻي ٿو.) تئين اهڙا لفظ به آهن، جن جي وزن جي صحيح حالت، انهن کان لکي نه ويندي آهي، ڪيترائي اهڙا ليکاري شاعر ملندا، جيڪي چند مخصوص لفظ هڪ وزن ۾ استعمال ڪندا آهن ته اُهي ئي ساڳيا لفظ وري ٻيو شاعر، ٻي ٽهي ٻي وزن موجب رکڻ لاءِ زور ڀريندي آهي. جئين،ڏهاڪو سال اڳ، ”تنهنجو/ منهنجو/ ڪنهنجو/ جهڙا/ ڪهڙا ــــ“ لفظ مخصوص حلقو ”هه“ هلڪي ڄاڻائي حذف ڪرڻ جائز سمجهندو هو. (ڪي اڃان به سمجهندا آهن!)پر ٻوليءَ / وزن بحر جي گڏيل ڄاڻو يارن اهو ثابت ڪيو ته اهو اکر، جنهن جي حذف ٿيڻ سبب،لفظ جي اُچار ۾ بگاڙ اچي، اهڙي تقطيع غلط / ناجائز آهي. هاڻ جڏهن اسان هڪ لفظ لکون، ان مان هڪ اهڙو غير متحرڪ اکر ڄاڻائي حذف ڪري، ان لفظ جي صورتخطي/ اچار ئي هڪ مان ٻيو ڪري ڇڏيون ته اها ڪهڙي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿيندي!؟
    ايوب کوسي جي شاعريءَ ۾ اهڙا کوڙ لفظ آهن، جن جي درست استعمال جو ايوب وٽ ڪو ڏانءُ ناهي. اُهي علم عروض موجب غلط ڪتب آندل آهن ته پڻ رڌم ضربيندڙ آهن. حرف علت (ا، و، ي، ء) کي حذف ڪرڻ جا به مخصوص نمونا ٻُڌايل آهن ته ٻين حرف صحيح، متحرڪ اکرن کي حذف ڪرڻ جي منع به آهي. خاص ڪري اُهي جڏهن لفظ جي وچ ۾ هجن. جيئن لفظ ”ٻڌايل“ جو وچان اکر ”الف“حذف ڪري لفظ ”ٻُڌيل“ ڪرڻ بنهه غلط آهي ــــــ ايوب وٽ اهڙين غلطين جا انبار آهن ”ڪنواري“ (فعولن) کي ”ڪنوري“ (فعلن) ڪرڻ ـــ ”خنجر“ (فعلن) کي ”خجر“ (فعل) ڪرڻ وغيره وغيره.
    هيٺ اسان رڳو ”نگاهون نيرا گل“ ۾ ڪيل غلطين جي نشاندگي ڪنداسي. درست وزن لکي، اسان ايوب جي لکيل غلط سٽ پيش ڪنداسي.
    ــــ ڳاڙهاڻ کسي وقت، خنجر ٿي نه وڃي ڪو. (صفحو ـــ 19 )
    (معفول مفاعيل مفاعيل فعولن)
    غلط لفظ ”خنجر“ جو ”ن“ غنو ڪرڻ/ يا غير متحرڪ سمجهي حذف ڪرڻ ـــ جڏهن ته ساڳيو لفظ پهرين غزل ”شهرن مزاج بدليا، خنجر وڪامجي ويا“ (مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن) ۾ صحيح حالت ۾ آهي.
    هڪ هنڌ تي لفظ ”پاگل“ لکيل آهي ته ٻي هنڌ ”پاڳل“ ــــــ هر ٻي هنڌ لفظ انهن ٻنهي صورتخطين ۾ شايع ٿيل آهي. جا پروف جي غلطي گهٽ، ليکڪ جي اڻ ڄاڻائي وڌيڪ محسوس ٿئي پئي.
    ــــ تاريخ گواهه رهجان، بيداد ٿيا آهيون. (صفحو ـــ 25 )
    ــــ احساس وفاق جيان، خاموش رهيو آ، بس! (صفحو ـــ 25 )
    (معفول مفاعيلن، معفول مفاعيلن)
    پهرين سٽ ۾ ”گواهه“ لفظ بگاڙي ”گاهه“ يا ”گوهه“ ڪيو ويو آهي ۽ ٻي ۾ ”احساس وفاق جيان“ کي خبر ناهي ته ڪهڙي ڍنگ موجب وزن تي جائز سمجهجي!؟
    ـــ توکان پوءِ ٿيون، اشڪباريون گهڻيون. (صفحو ـــ 26 )
    (فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن)
    پهريون پدُ ( توکان پوءِ ٿيون) ٻه ڀيرا فاعلن تي مڪمل ناهي.
    ـــــ تون مرڪن سان سانوڻ خماريو هلين،
    لڳي ٿو اندر سان ڪندين انتهائون.
    ڪياسي اهي ساٺ تولئه صنم!
    ڪڏهن ڦول تازا، ڪڏهن التجائون. . (صفحو ـــ 29)
    پورو غزل چار ڀيرا ”فعولن“ تي آڌاريل آهي، رڳو انهن ٻن مٿين بندن جون پهريون سٽون (مصره ثاني) وري ٻي وزن ”فعولن، فعولن، فعولن، فعل“ تي بيٺل آهن. جيڪو رڌم ۽ وزن جي اصولن موجب بلڪل غلط آهن. سمورو غزل جيڪڏهن ائين آڌاريل هجي جو پهرين سٽ ”فعولن، فعولن، فعولن، فعل“ تي ۽ ٻي سٽ ”فعولن، فعولن، فعولن، فعولن“ تي مڪمل هجي ته ٻن وزنن ڪتب آڻڻ واري اصول سبب درست ڄاڻائبو، پر هڪ يا ٻن سٽن ۾ اها تبديلي ڪرڻ ٻاراڻي چُڪ کان سواءِ ڪجهه ناهي.
    ـــــ ٻُڏي ويو سوڳ ۾ پن پن، ٻٻر جي هر ڪنهن ٽاريءَ جو. . (صفحو ـــ30)
    (چار ڀيرا مفاعيلن) وزن تي آڌاريل غزل جي پهرين سٽ ۾ ”ڪنهن“ لفظ جو الائي ڇا، حذف ڪري وزن پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي!
    ــــ صبح سان ڇنڊي آ، تو زلفن جي بارش . (صفحو ـــ 32 )
    چار ڀيرا فعولن تي بيٺل غزل ”ڇنڊي آ“ لفظن مان ”ن“ غنو/ غير متحرڪ ڄاڻي، حذف ڪرڻ غلط آهي.
    ــــــ ٽٽي پيو دل جو پرين ستارو،
    اڱڻ تي ڦُلڙي ڪنوار اڇلي. (صفحو ـــ 34 )
    وزن (فعول فعلن، فعول فعلن) موجب ”ٽٽي پيو دل جو“ ۽ ”ڪنوار“ کي ”ڪوار“ ڪرڻ غلط آهي.
    ــــ خنجر ٿي ڪنهن جي هانوءَ ۾، اکيون اتامريون لڳيون. . (صفحو ـــ 35 )
    وزن (چار ڀيرا مفاعلن) موجب خنجر جو ”ن“ حذف ڪرڻ ــــ
    ـــــ (صفحي ـ 36 ) تي ڏنل سڄي غزل ۾ ”ننڊون“ (فعلن) جو هڪ نون حذف ڪري کيس ڪهڙي قانون مطابق ”فعل“ وزن تي بيهاريو ويو آهي؟ (صفحو ـ 40 ) تي سٽ نمبر 3 ۾ پڻ ساڳي حالت آهي.
    ـــــ شڪست وقت کي ڏجي، ڪنهن عشق جي گلاب سان. (صفحو ـــ 38 )
    وزن چار ڀيرا مفاعلن ۾ ”ڪنهن“ لفظ جي حالت خراب ڪيل آهي.
    ــــ سڳنڌ تي زنجيرون،
    گلابن کي ڦاهيون. (صفحو ـــ 48 )
    ٻه ڀيرا فعولن وزن تي (سڳنڌ تي زنجيرون) بنهه غلط وزن لکيل آهي.
    نظمن ۾ ؛
    ـــ تنها رهڻ گهريوسي ته بارشون وڌي ويون. (صفحو ـــ 65 )
    ۾ ”ته“ لفظ کي ٻه ماترا ڪري ڪتب آندو ويو آهي. جڏهن ته ”نه“ ، ”به“ ، ”ٻه“ ۾ ته اچارن جي ٽڪراءَ ڪري ٻه ماترائي لفظ آهن پر ”ته“ ۾ ڪو به واڌارو اچار ناهي. اهو هڪ ماترا لفظ آهي. مٿيون مڪمل نظم ان غلطي سان ڀريل آهي.
    ـــ تون آرهڙ ۾ وڻڪار هئينءَ (صفحو ـــ 70 )
    (اٺ ڀيرا فعلن فعلن) ۾ آڌاريل نظم جي ٻي نمبر سٽ جو پدُ ــــ آرهڙ لفظ (فاعلن) آهي، اُهو ”فعلن“ وزن ۾ درست ناهي.
    (صفحي ــ 72 ) تي ”وشواس ڏي“ نظم جي 13 سٽ (ننڊ ٻاري واهوندي کي واس ڏي) فاعلاتن فاعلاتن فاعلن وزن تي لکيل ان غزل جي مٿين سٽ ۾ ”واهوندي کي“ وچ اکر ۾ آيل واويل ”و“ حذف ڪري ”واهندي“ ڪرڻ غلط آهي.
    (صفحي ـــ 75 ) تي نظم ”ڪيٽي بندر تي سوچجو“ ۾ سٽ نمبر 7 (درد جي ڪاري خنجر تي سوچجو) ۾ ”خنجر“ ۽ سٽ نمبر 23 ۾ (ننڊ جي ڌرتيءَ بنجر تي سوچجو)
    ۾ بنجر جو ”ن“ نه هوندي به غنو ڪيو ويو آهي، جيڪو صفا غلط آهي.
    (صفحي ـــ 80 )تي نظم ”ڇو سنڌ آهي تماشو ٿي وئي؟“ ۾ (صفحي ـــ 81 ) تي سٽ نمبر 6 (دارالامانن اندر اوجاڳا) ۽ 14 نمبر سٽ (قيدي جي جيون جيئڻ جيان آ) 16 نمبر سٽ (بهار آهي ڪو لاشو ٿي وئي )واريون سٽون وزن ”فعول فعلن، فعول فعلن“ تي بلڪل غلط آڌاريل سٽون آهن.
    (صفحي ـــ 84 ) تي نظم ”ڪِري ڄڻ چنڊ پيو آهي!“ ۾ سٽ نمبر 2 ( لڳي ٿو هي مٽي پنهنجي، ٻُڏي ويندي اوجاڳن ۾) سٽ نمبر 9 (ڪنواريون ڪهڪشائون هن، تنهنجي وارن جي گهيرن ۾) ۾ ”اوجاڳن“ ۽ ”تنهنجي“ لفظ، غلط حذف ڪيل آهن.
    (صفحي ـــ86) تي نظم ”اتي دل وساري“ ۾ سٽ نمبر 13 (پُسيا سين ته پوءِ پتو پيو اسان کي ) چار ڀيرا فعولن وزن تي لکيل نظم ۾ غلط سٽ آهي.
    (صفحي ـــ 131)تي نظم ”ذلالتن جا اگهاڙا منظر“ ۾ 1 سٽ ۾ (اُهي ئي ساڳيون ويساهه گهاتيون) 7 نمبر سٽ (اداس آهي سموري مٽي) سٽ نمبر 9 (بيواهه جهڙي چانڊوڪي چٽي) سٽ نمبر 12 (محبوب مدهوش زلف ڪارا) سٽ نمبر 22 ( لڳي ٿو ڪوئي شمشان آهي) وزن فعول فعلن، فعول فعلن تي تمام غلط نموني سان لکيل سٽون آهن ــــ ڪو سيکڙاٽ شاعر ئي اهي غلطيون ڪري ته ان کي سونهن پر هڪ بهتر۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق کي نٿيون سونهن!
    ايوب کوسي جي ”نگاهون نيرا گل“ ڪتاب ۾ ٻيون به انيڪ وزن بحر جون چڪون آهن، پر اسان اڳتي وڌندا، سندس ٻي غلطي ”غلط قافين“ جي نشاندگي ڪنداسي.
    ”اُهي لفظ، جيڪي هم آواز هجن، انهن کي قافيو چئبو آهي“ ــــ جئين، سازُ، آوازُ، رازُ ـــــ وغيره وغيره
    ادبي پنڊتن وٽان غزل لاءِ ”رديف“ جو به هئڻ ايترو ضروري ناهي ڄاڻايو ويو، جيترو ”قافيو“ لازمي قرار ڏنل آهي. بغير قافيي جي غزل کي غزل ئي قبوليو نه ويو آهي. اسان وٽ قافيو ته غزل ۾ آهي پر صحيح قافيي جو ادراڪ تمام ٿورن شاعرن کي آهي. هڪ غزل ۾ جيڪڏهن ”پٿـرُ“ (ر جي مٿان پيشُ) وارا قافيا اچن ٿا، مثلن ــــ خنجرُ، گهرُ، پگهرُ، ولرُ ـــ وغيره ته ان ئي غزل ۾ ”ر“ جي مٿان زبرَ (مثلن ـــ خنجرَ، گهرَ، قبرَ، خبرَ) يا زيرِ (مثلن ــ اندرِ، اڪثرِ) وارا قافيا ڏيڻ بنهه غلط ۽ سراسر بيڪار قدم آهي، ڇو جو ”زير، زبر، پيش“ جون اعرابون اچڻ سان نه فقط لفظ صورت / معنا بدلائن ٿا پر ”آواز“ به بدلائن ٿا. جڏهن ته قافيي لاءِ هڪ جهڙو آواز رکندڙ لفظ خاص ضروري آهن.
    ايوب کوسي وٽ اهڙا غزل جام آهن، جن ۾ قافين جي درست جوڙ جڪ بنهه ناهي. اڌ غزل ۾ زبر وارا لفظ قافيي طور آهن ته انهيءَ باقي غزل ۾ اڌ تائين پيش ۽ زير وارا لفظ قافيي طور ڪتب آندل آهن.
    ڪتاب جو پهريون غزل (شهرن مزاج بدليا، خنجر وڪامجي ويا) ۾ قافيي طور خنجرَ، ر مٿان زبر وارا اکر آهن پر وچ ۾ ”پــرُ“ ۽ ”گهرِ گهرِ“ قافيا ڏنل آهن. جن ۾ هڪ جي ”ر“ مٿان پيش ۽ ٻي تي زير ٿي اچي. جيڪو سراسر غلط آهي. اهڙين ڪجهه غلطين جي هيٺ نشاندگي ٿيل آهي.
    ــــــــ صفحي 16 تي ڏنل غزل جا قافيا ــــ بدذوقَ ، جهوڪُ، روڪَ، شوقَ، سوڪَ، نوڪَ، طوقَ، ذوقُ ـــ آهن. جهوڪُ،ذوقُ کان سواءِ باقي قافيا زبر وارا آهن. اهي ٻئي لفظ ئي غلط ڏنل آهن.
    ــــ صفحي 19 تي ڏنل غزل جا قافيا ــــ پٿـرُ، خنجرُ، خبرَ، وڳــرُ، نظرَ، پگهرُ، اثـرُ، آهن. خبرَ، نظرَ، کان سواءِ باقين تي جملي جي مناسبت سان پيش ڏنل آهي. رڳو ٻه قافيا غلط آهن.
    ــــ صفحي 21 تي لفظ ”رڙِ“ سان ”اوگهـڙَ“ قافيو ملايل آهي. جڏهن ته هيٺ مڪمل غزل وري پيش واري قافيي تي آڌاريل آهي، جيئن لفظ ـــــــ بـڙُ، وڙُ، ڇـڙُ .....
    ــــ صفحي 25 تي بيدادُ، بغدادُ ، پيش وارا قافيا ڏنل آهن ته اڳتي هلي وري ”فريادَ“ (زبر) يادِ (زير) آبادِ (زير) وارا اکر آهن.
    ــــ صفحي 37 تي ته حد آهي، ”ٽوڙڻ“ لفظ سان ”ڀورڻ“ قافيو رکيل آهي، ”ر“ ۽ ”ڙ“ جي واضح اچار ۾ ڪو فرق ئي ناهي ڪيل.سمورو غزل ان وڏي غلطي سان ڀريل آهي.
    ــــ صفحي 41 تي لفظ انگُ، ونگُ پيش وارن سان وري (جنگِ) زير وارا لفظ مليل آهن.
    ـــ صفحي 42 تي لفظ سوالَ سان ڪمالُ، بحالِ زبر، سان زير ۽ پيش گڏ گڏ ڏنل آهن.
    ـــ صفحي 43 تي لفظ مزارَ، هزارَ (زبر) سان وري نهارِ، گذارِ (زير) وارا اکر آهن.
    ـــ صفحي 52 تي لفظ خمارُ، پيارُ (پيش) وارن قافين سان اڏارَ (زبر) وارا قافيا آهن.
    ائين سموري ڪتاب جي حالت آهي، ڪهڙا ڏئي ڪهڙا ڏجن؟ نظمن ۾ ته هڪ سٽ جي هيٺان ٻي سٽ ۾ مليل قافيو به ائين زير، زبر، پيش جي فرق سان ڏنل آهي. سنڌي شاعرن جون جدت جي نالي ۾ ڪيل فني غلطيون، اسان جي ايندڙ نسل واري شاعراڻي کيپ لاءِ ڪو خوشگوار پيغام کڻي نه پيون اچن . ايوب کوسي سان گڏ ٻين شاعرن کي به اهڙا غلط قافيا نه ملائڻ گهرجن. اهو انهن جي لاءِ خاص نقطو نه هجي پر ايندڙ نسل جي فني رهبريءَ لاءِ نقصان ڪار ضرور آهي.
    ايوب مجموعي لحاظ کان ”نظم“ جو ئي شاعر آهي، اِها هُن جي تخيل سان سخت زيادتي ٿيندي جو، ريڊئي فرمائشن وانگر کائنس مختلف صنفن تي لکرايو وڃي. ”چوسٽا“ ـــ ”گيت“ ـــ ٽيڙو ـــ پنجڪڙا ــ وايون جهڙيون صنفون لکڻ لاءِ ته لکجي ويون پر انهن ۾ايوب جو قلم اُها دلڪشي نه اُڻي سگهيو آهي، جيڪا تازگي رنگيني، سٽاءُ انهن صنفن جي گهرج آهي، غزلُ لکڻ، هڪ الڳ تجربو ۽ تخيل تي انتهائي گرفت هجڻ جو نمونو آهي ــ اُن ۾ نڀائڻ ناممڪن ناهي ته مشڪل ضرور آهي، ان ڪري ” جيترو، جنهن کي، جئين“ غزل لکڻ اچي ٿو، ان کي اوترو، اهڙو دادُ ملڻ گهرجي ــ ايوب کوسي ڪو غزل ۾ گهٽ ناهي نڀايو پر هن جي تخليقي پهچ ۽ گرفت هُن جي ”نظم“ ۾ عام جام ڏسجي ٿي. کيس پوءِ چوسٽن، ٿري لوڪ گيتن ۽ اهڙن صنفن تي نه لکڻ کپي، جن تي هن جي قلم جي پهچ پوري ساتري آهي!
    ايوب بنيادي طور تي ”کوسو (ٻروچ) آهي ـــ ڪجهه ذاتين کي مونث / مذڪر جي درست خبر بنهه ناهي پوندي، خاص ڪري سنڌ ۾ رهندڙ ٻروچ ذاتين کي ته قطعي نه ـــ ان جا سبب ڪهڙا به هجن پر جڏهن تعليم يافته طبقو وري شاعر / اديب هجي ۽ لکندڙ به هجي ته ان تي وڏيون ذميداريون پون ٿيون ته هو ٻوليءَ جو خاص خيال رکي. ڪيترائي ٻروچ لکندڙ آهن جن جي ٻولي، ٻي ذات جي لکندڙن کان به بهتر آهي، پر ايوب کوسي جي هن ڪتاب ۾ مونث، مذڪر جي وڏين غلطين کان وٺي ٻولي، ترڪيبون، گرامر ايتري ته غلط حالت ۾ ڏنل آهي، جو ايوب جي ليکڪ هجڻ تي شڪ پوي ٿو.
    ٻڌون ٿا عشق زنجيرون قبوليون ڪو نه ڪٿ آهن،
    اکين جي تاب جا گهايل اوهان جا روڪ ڇا سمجهن! (صفحو 16 )
    ۾ لفظ ”روڪ“ مذڪر نه پر مونث آهي. درست ٿيندو ”اوهان جي روڪ“ ـــــــــــــــــــــ
    ــــ حسرتن جا مزار، ماڻهوءَ ۾. (صفحو 43 )
    ۾ ”جا مزار“ نه پر ”جون مزارون“ درست ٿيندو.
    ـــ ڀوڳڻ لئه بنواس پڙن کي آ ساڳي، (صفحو 61 ) نظم ” ڪجلا سر کي ڪير ٻڌائي“ سٽ نمبر6 ۾ ــــــ بنواس لفظ مذڪر آهي.
    ـــ ڪا دلدل مون کي ڳولي ٿي ـــ (صفحو 77 ) نظم ”منهنجا پهر اجارين ٿي“ ۾ سٽ 27 ۾ دلدل مونث ڪري ڏنل آهي جڏهن ته اهو مذڪر آهي.
    جئين ٻي هنڌ نظم (خوشبو کاڌي ڦاهي آ) ۾ ساڳيو لفظ مذڪر ڪري ڏنل آهي.
    هڪ دلدل آهي دوکي جو،
    جيڪو ٿو اجاڙي سوچن کي.
    مٿين بند ۾ مونث مذڪر ته درست آهي پر ترڪيب غلط آهي. دلدل اجاڙيندو ناهي پر ڦاسائيندو يا ڳهي ختم ڪري ڇڏيندو آهي .
    هن جو هرڪو گهورُ ڪنوارو.
    نظم (پورُ ڪنوارو) صفحي 122 تي سٽ 12 گهورَ مونث آهي، جنهن کي قافيي جي ضِرورت تحت مذڪر ڪري ”پيش“ ڏنو ويو آهي. ”ڪنواري گهور“ ته سونهي ٿو پر ”ڪنوارو گهور“ُ ڪهڙي رويي ڏانهن اشارو آهي !!
    صفحي 52 تي غزل جي سٽ 6 آهي ته ” مون تي تنهنجو خمار ساڳي آ“
    ”خمارُ“ مذڪر آهي، اتي ان رديف ”ساڳي آ“ سان قطعي اڻ ٺهڪندڙ هوندي به شاعر استعمال ڪيو آهي. ساڳي ئي غزل ۾ لفظ ”پيارُ“ به مونث ڪري استعمال ڪيل آهي.”هوءَ ساڳي ۽ پيار ساڳي آ.“ جڏهن ته عام شاعر کي به ڄاڻ آهي ته سنڌيءَ ۾ اهو لفظ مذڪر آهي. هاڻ جنهن ليکڪ کي پيار جي مونث مذڪر جي خبر نه پوي، ان لاءِ وڌيڪ ڪهڙي راءِ قائم ڪجي!
    آثم ناٿن شاهي (ڇا چيس، آئيني ) ۾ اسان جي موقف جي چٽي ترجماني ڪئي آهي.
    پيا پاڻ سنڌي ٿا ٻولي بگاڙن،
    گهڻا يار ”جبلن“ کي ”جبلون“ چون ٿا.
    زنجيرن، ڪتابن ۽ غزلن کي ماڻهو،
    زنجيرون، ڪتابون، ۽ غزلون چون ٿا.
    ايوب کوسي جي هن شاعريءَ جي ڪتاب ۾ اهي غلطيون جا بجا آهن.
    صفحي 112 تي نظم (امن جو ڪنڌ ئي ناهي) ۾ سٽ نمبر 11 آهي. ”رڳو پيون اجرڪون ڇرڪن.“
    صفحي 27 تي سٽ 11 ”حَسينن اجرڪون اوڍيون.“
    صفحي 48 تي غزل ۾ سٽ 3 ”سڳنڌ تي زنجيرون.“
    صفحي 40 تي غزل ۾ سٽ 13 ” ڳچيءَ ۾ طوق آ پنهنجي، زنجيرون روز پيون ڇڻڪن.“
    سمورو ڪتاب اهڙين غلطين سان ڀريل آهي، جمع واحد جي صيغي کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي.”عذابن جو ڦندو“ بدران ”عذابن جا ڦندا“ ڪرڻ سان نه توهان جو وزن بگڙي نه قافيو ــــ ته پوءِ ٻولي خراب ڪري لکڻ نٿو جُڳائي.
    فڪري حوالي سان پڻ ايوب کوسي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون آهن.
    مون خوشبوءَ مان محسوس ڪيو،
    ڪنهن وينگس لاڙيءَ جو سڏ آ.
    عجب آهي! شاعر خوشبوءَ مان سڏ ٿو محسوس ڪري؟ جڏهن ته سڏ محسوس ناهي ڪبو پر ٻُڌڻ جي حواس جو ڪم آهي.
    ڇولين سان عاشقي جي ڀلجي وڃو ڪهاڻي،
    سهڻين کي هاڻ چئجو، ساگر وڪامجي ويا.
    ساگر سان سهڻي جو ڪهڙو ڪم؟ سهڻي ته درياهه پار ڪري ميهار سان ملندي هئي. ۽ هيءَ ڪا نئين سهڻي آهي ڇا، جيڪا ميهار بدران ”ڇولين“ سان عاشقي ڪري ٿي؟! جنهن عاشقي جي ڪهاڻي کي وسارڻ جي صلاح ايوب ڏئي رهيو آهي!
    ”نهاري ناز مان ساريون، ڇڏيائين سانجهه کي ٻوڙي .“
    اڃا ڀي لاڙ ٿو ڳولهي، اهو ليئو لڄاريءَ جو.“
    مٿين بند ۾ لفظ ”ساريون“ مبهم آهي. جيڪڏهن شاعر ساريون (فصل) واريون لکيون آهن ته پوءِ سٽ جو ٻيو پد بي معنيٰ ٿو بڻجي وڃي، جيڪڏهن ساريون (سڀ) طور ڪتب آندل آهي ته واحد جمع جو تڪرار جنم وٺي ٿو. پوءِ سٽ درست ”ڇڏيائين سانجهيون ٻوڙي“ سان ٿيندي.
    ــــ ڳهيلي رات ڪاريءَ ۾، هي ٽاڻو سس پسن جو آ (صفحي 24 سٽ 5 )
    ۾ ”سس پس“ لفظ کي وزن جي پوراءَ لاءِ ”سس پسن“ ڪري ٻولي بگاڙي وئي آهي.
    پيرن جي بغاوت کي ڀلا ڪير ٿو ليکي؟
    دل توسان ملڻ لاءِ کلي ”هام کڻي“ ٿي!
    ”هام هڻڻ“ جي چوڻي ته عام ٻڌي آهي اها ”هام کڻڻ“ ڪهڙي ٻولي ۾ آهي!؟
    ڪو وڪبو پاڻ نه سستو ٿي،
    رک هاڻ سنڀالي نوٽن کي.
    معنيٰ سستو ٿي نه وڪبو ته ٻي معنيٰ ۾ ڪجهه مهانگو ٿي وڪامبو. ”هرڪو پنهنجي ملهه وڪاڻو، جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو، سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو.“ ۽ جمع واحد جي صيغي موجب به مٿيون بند غلط لکيل آهي.جيڪڏهن لفظ پاڻ (جمع) ٿو اچي ته پوءِ ”سستو ٿي“ نه بلڪ ”سستا ٿي“ ايندو. ”ڪو“ جي جاءِ تي ”ڪي“ پڻ ايندو.
    دريا ٿيڻ گهريوسين ته چاندنيون کڄي ويون،
    صحرا وڃڻ گهريوسين ته بارشون وڌي ويون.
    صحرا وڃڻ کان بارشون روڪين ته سونهي ٿو، پر شاعر دريا ٿيڻ گهريو، ته چاندنيون کڄي ويون! چاندنيون کڄڻ جو شاعر جي دريا ٿيڻ سان ڪهڙو تعلق؟ مڃوسي ته شاعراڻي استعاري ۾ ڳالهايل هن شعر جي ڪا ٻي معنيٰ هجي، پر اهڙي لفاظي ڪهڙي ڪم جي، جيڪا گهڻائيءَ کي سمجهه ۾ نه اچي؟ شاعري لفظن جو ڄارُ ناهي جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي ڦاسائجي، شاعري ته هڪ آڳ، هڪ راحت آهي، مرهم آهي ته ان ڦٽ جي اکيلڻ جو سبب به آهي. اهو سڀ تڏهن ٿي سگهي ٿو ، جڏهن ٻڌندڙ پڙهندڙ کي ڪجهه سمجهه ۾ ايندو! مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ايوب جي شاعري گهڻن پڙهندڙ جي مٿان کان گذري ويندي آهي، اهي ايوب جي ساحراڻن لفظن ۾ موجود رڌم ۾ گم هوندا آهن، کين معنيٰ مفهوم جو ذرو ڀي ادراڪ نه ٿيندو آهي. ڀلي ايوب آزمائش طور ڪنهن محفل ۾ چند نظم پڙهي، پوءِ سامعين کان پڇا ڪري ڏسي، مان يقين سان چوان ٿو ته تمام گهٽ ماڻهن مڪمل نظمَ کي سمجهيو هوندو.
    ڀريل بيل گاڏين ۾ ويهي ڪنوارين،
    پرين جي اڱڻ ڏي ڪيا پنڌ آهن.
    مان ائين نٿو چوان ته اڙدو لفظ ”بيل گاڏين“ جي جاءِ تي ساڳي وزن وارو اکر ”ڏاند گاڏيون“ ڇو نه ڪتب آندل آهي؟! پر ڀريل بيل گاڏين ۾ ڪنواريون (جمع) پرين (واحد) ڏانهن پنڌ (جمع) ڪري رهيون آهن. اها ڪهڙي قسم جي تخيلق آهي؟ پرين جو اڱڻ هڪڙو آهي ۽ ڪنواريون گهڻيون ؟ ڪيڏو نه اسهڻو تصور ٿو لڳي!
    لٽيل اپريل جي اڌ ۾،
    گسن ۾ پيو جنازو آ.
    سوال ٿو اٿي ته هڪڙو جنازو گهڻن گسن تي پيل هوندو آهي؟
    گسن پنڌن تي وڃون ٿا ڦاسي،
    ائين پکيڙيون اڏيون تو آهن.
    نسل اسان جو عذاب سهندو،
    اڏيءَ تي سنڌ! آ غدار اڇلي.
    ايوب جي پهرين شعر ۾ اڏيءَ تي ڦاسي پوڻ جي ڳالهه آهي، جڏهن ته اڏيءَ تي وڍ ٽُڪ ڪئي ويندي آهي، جئين شيخ اياز چيو آهي ته
    الائي ته ڇو ائن اڏيءَ آڏَ ويهي،
    اسان جا اڪيچار ڪونڌر ڪٺائون.
    ايوب جي ٻي شعر ۾ اڏيءَ تي غدار اڇلڻ واري جملي ۾ ڪجهه تصور ڪسڻ/ ڪهڻ ڏانهن وڃي ٿو.
    هوا ۾ ڪيڏا هڳاءُ هوندا ـــــــــــــ
    جڏهن پويان لفظ ”هوندا“(جمع) ٿو اچي ته پوءِ درست لفظ ”هڳاءَ“(جمع) ٿيندو. نڪي هڳاءُ (واحد).
    ايوب جو شعر آهي ته
    ڪائي خوشبو وري اچي ٿي پئي،
    مقتلن ڏي قطار ساڳي آ.
    فني حوالي سان مقتلن (جمع) سان قطار (واحد) بدران لفظ قطارون (جمع) ئي سوهندو. اهڙو ئي هڪ شيخ اياز جو به شعر آهي،
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،
    آ رتَ ۾ خوشبو مينديءَ جي .
    شيخ اياز جو شعر آهي ته
    اسان ڏات سان هي ڏسائون رنڱيون،
    ميان! تون ته پورو هئين ساڙ ۾.
    ايوب جو تصور آهي ته،
    آهين تون ته منافق ساڳيو،
    ويهي ساڳيو سڙُ، لکان مان.
    صفحي 39 تي غزل جو آخري بند آهي ته
    نٿا ساٿ ڏيو جي حياتي سڄي جو،
    نگاهن ۾ کن پل بسيرو ڪيو ڪو.
    سعيد سومري جي ڪتاب ”درد جي باک“ (جون 2001 ) جي صفحي 92 تي ساڳيو ئي تصور ڇوليون هڻي رهيو آهي.
    ملي جي سگهو ٿا نه ڪنهن ڀي جنم لئه،
    نــهارن جا ناتا ته پل کن نڀايو.
    نثار بزميءَ جي شهڪار غزل جي شهڪار سٽ ” وفا ڪٿي نه رهي آ، وفا تلاش نه ڪر“ کي ايوب نظم جو قالب ڏيندي ”وفا ڪٿي آ؟“ لکيو آهي ۽ ڪوشش ڪري نثار بزميءَ کي جواب ڏنو اٿائين ته ”جتي مطلبي حدود ناهي، وفا اُتي آ، وفا اُتي آ“
    شيخ اياز جو شعر آهي ته
    آ رات لڙي، هو اچڻو آ،
    تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي.
    ايوب ان جو جواب ڏنو آهي ته
    رات لڙيءَ جو آئي آهين،
    هر پل ٿيو وسڪار جيان آ. (صفحو 50 )
    اهڙي قسم جو رويو سنڌي شاعريءَ لاءِ ڇا خوشگوار مستقبل آڻيندو؟ هڪڙا سوال لکن ۽ ٻيا ان جا جواب سوچن ته اهڙي سنڌي شاعريءَ مان اسان ڪهڙي جدت جي منزل ماڻينداسين؟
    ايوب جو هي ڪتاب پنڪچوئيشن (لکت وارين نشانين) جي معاملي ۾ تمام هيٺين درجي تي بيٺل آهي، غلط نشاني ڏيڻ ڪري، لفظ، مفهوم ٻئي زخمي آهن. پيش، زير، زبر جو ايترو ته اجايو استعمال ڪيو ويو آهي جو غير ضروري اکرن مٿان به ڪا نه ڪا نشاني ڏنل آهي،”ماٺِ“ جي هيٺان زير اچڻ گهرجي ته ان تي ايوب پيش ڏئي کيس ”ماٺُ“ ڪري لکيو آهي. اها حالت ننڊُ، چنڊُ،گهاٽُ، سانتُ جهڙن اکرن تي غلط زير، زبر، پيش ڏئي کين خراب ڪيو ويو آهي، نه مناسب جاءِ تي ڪاما ڏنل آهي نه فل اسٽاپ جو درست استعمال ڪيل آهي ــــ پنڪچوئيشن (لکت وارين نشانين) جي اهميت کان ناآشنا اسان جي هن نام نهاد جديد سنڌي شاعريءَ جي خالق کي گهٽ ۾ گهٽ پنڪچوئيشن (لکت وارين نشانين) بابت محترم سراج الحق جو لکيل مضمون ”بيهڪ جون نشانيون“ (ڏسوــ مهراڻ ــــ 1 ــ 1956 ) ضرور پڙهڻ گهرجي.
    ”نگاهون نيرا گل“ ۾ انيڪ خوبصورت ۽ دل جي تهن کي اٿلائيندڙ تصورن جي محفل موجود آهي، جن کي ڇهي اکين جي ڪائنات مسرور ٿيندي پر ڪتاب ۾ موجود غلطين جي گهڻائي ڪتاب جي حسناڪي اڳيان داغ آهي. ”نگاهن کي نيرا گل“ سمجهندڙ ايوب کي اهي نگاهون نه وسارڻ جڳائن، جن کي جوانيءَ ۾ ئي اڇو ڦلو پئجي ويو. ايوب کوسي جي شاعراڻي منزل اڃان اڳتي آهي، جڏهن به سندس ڪوتا جي ڪاڇي تي سج اڀري آيو ته اسان جي دل ڌمال هڻڻ ۾ دير نه ڪندي.
    سج اُڀري رهيو آ ڪاڇي تي،
    هاڻ گڏجي ڌمال ڪر مون سان.
    تو مرڪي نيڻ کنيا آهن،
    بس هاڻ لڳي ٿو هولي آ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو