ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها!
    عباس ڪوريجو
    ڪاش ! مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها، جيڪي منهنجي اڳيان ڪهاڻيءَ کي وکيريندا رهيا آهن.سياڻن سچ چيو آهي ته ڪک هيٺان لک آهي پر ان لک پٺيان لک ڪهاڻيون آهن ، ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها ، جيڪي مون اڳيان تڙپيا آهن ،معمو رهيا آهن ۽ مرڪيا آهن.مان ڪهاڻيڪارن کي استدعا ٿو ڪريان ته انهن ڪردارن تي ڪهاڻيون لکن جن وٽ اڪيچار ڪهاڻيون آهن
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته لعلڻ تي ڪهاڻي لکان ها، لعلڻ ٽنگن کان معذور فقير آهي، گرميءَ جي مند ۾ ڪنهن ڀت جي ڇانوُ ۾ ويهي رهندو، سردين ۾ جتي دل چوندس اتي ويهي رهندو، پراڻي ۽ ميري گوڏ ۽ ڪاري قميص پاتل هوندي اٿس،جنهن جي آڏو واري کيسي ۾ ڳاڙهو ڌاڳو ٻيڙين جي پڙي ، خالي ۽ ڀريل ماچيس ۽ چار پنج سگريٽ پيل هوندا اٿس، ڄائي ڄم کان معذور هجڻ ڪري ڳالهائي به ناهي سگهندو، بس ڪڏهن ڪڏهن ”الله الله“ پيو جهونگاريندو آهي . ٻيڙيءَ جو ڪش هڻندو ته دونهون ڪفن بڻجي هن جي منهن جي چوڌاري پکڙجي ويندو آهي، سدائين ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم رهندو آهي، ڪڏهن کِليو ته سڄو ڏينهن کِلندو ۽ ٽهڪ ڏيندو رهندو ۽ ڪڏهن رنو ته سڄو ڏينهن روئندو رهندو ماني ڀي نه کائيندو.هن جي اکين مان ڳوڙها نه وهندا آهن هن جي اکين مان حسرتون وهنديون آهن.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان پنهنجي مشڪي رنگ جي ڳوٺائي تي به ڪهاڻي لکان ها جنهن کي اداڪاري جي شوق ڪراچي پهچايو.
    ”ڪراچي تمام وڏو شهر آهي“مون کيس ڪراچي وڃڻ کان اڳ چيو هو.
    ”ڪراچي ڪيڏو به وڏو شهر ڇو نه هجي پر منهنجي دل جي شهر کان ننڍو هوندو“هن چيو هو.
    ٽن سالن تائين هو ڪراچيءَ ۾ هو، هڪ گرم ڏينهن ۾ هو ڳوٺ موٽيو هو، گھٽيءَ ۾ مليو، پگھر ۾ ڇم هو، مونکي ڏسي روئي پيوهو
    ”ڏي خبر ، ڪراچي آهي نه وڏو شهر ؟!“
    ڍنڍڪر ڏئي روئي پيو، روئندي روئندي چيائين:
    ”ڪراچي تمام ننڍو شهر آهي، دل جو شهر تمام آهي“
    ”پوءِ روئين ڇو پيو؟! “
    ”يار ! ڪراچي تمام ننڍو شهر آهي دل جو شهر تمام وڏو آهي، جتي سوين ڪراچيون آباد ٿي سگھن ٿيون پر جڏهن اتي مطلب جا شهر آباد ٿين ٿا ته خلوص جي جھوپڙيءَ لاءِ به جڳهه نٿي بچي.“
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان چاليهه سالن جي بي اولاد پاڙيسرڻ تي به ڪهاڻي لکان ها جيڪا دري کولي پنهنجي پاڙي جي ان گھر ۾ ڏسندي رهندي آهي ، جنهن ۾ رهندڙ ڏهن انگ اَگھاڙن ٻارن کي سندن ماءُ ٻهارو کڻي ڊڪائيندي وتندي آهي
    هوءَ پنهنجي خالي جھولي ڏسي ڪيترو تڙپندي هوندي ، اهو اندازو ڪو ڪهاڻيڪار ئي لڳائي سگھي ٿو، انهن احساسن کي لفظن جو روپ ڪو ڪهاڻيڪار ئي ڏئي سگھي ٿو
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان ايم اي پاس ٻڪرار تي به ڪهاڻي لکان ها ، جيڪو بيورو ڪريٽ ٿيڻ جا خواب کڻي نڪتو هو ۽ فقط ڪريڪ ئي ٿي سگھيو هو.پڻس هڪ ڏينهن چيو هئس
    ”پئسا ڏئي پندرهين سورهين جماعت تائين پڙهايو اٿمانءِ، هاڻي ان ماڻهين سرڪار کي چئو ته نوڪري ڏيئي نه! گاڏين ۽ بنگلن جا خواب ڏٺا هيئي ، ڀڳل سائيڪل به اٿئي گھر ۾؟!“
    ”بابا! نيٺ هڪ ڏينهن ته خواب پورا ٿيندا!“
    ”ڇورا! مون وٽ ايترا پئسا ناهن جو اڃا تنهنجا خرچ کڻان، گھر ۾ ٻڪريون بيٺيون اٿئي ، سڀاڻي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃجان!“
    ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو منڊڪائيندو ٻڪريون ڪاهي اچي رهيو هو ، پڇيومانس ته ٻڌايئين ته ڪنڊو لڳوهئس.
    ”ڪنڊن کي ڪهڙي خبر ته هي ٻڪرار ايم اي پاس آهي.“طنزيه ٿي چيو هيو مانس، هن ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو هو، اڄ به نوڪريءَ جي انتظار ۾ جھنگ جي ڪنڊن سان مهاڏو اٽڪايندو اچي پر ڪنهن پٽيوالو ڪري رکڻ جي به حامي ڪونه ڀري اٿس.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان ڇوڪري تي به ضرور ڪهاڻي لکان ها، جنهن کي آرمي ۾ وڃڻ جو جنون هئو، پنهنجي قميص کي شلوار ۾ اندر وجھي پيو بل ٽپا ڏ.ي ٽريننگ ڪندو هو.آرمي ۾ ريڪروٽ ڀرتي ٿي ويو، محنت ڪيائين لاس نائيڪ پوءِ نائيڪ ٿي ويو، بارڊر تي جھڙپن ۾ وڙهيو، سياهه چين تي هڪ سال جي ڊيوٽي به ڏئي آيو. خواهش هئس ته هيلي ڪاپٽر تي چڙهي ڳوٺ اچي ۽ ڳوٺ وارن جي عزت وڌائي نيٺ هڪ ڏينهن هن جي خواهش پوري ٿي وئي ، هو هڪ نه پر ٻن هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڳوٺ پهتو هو پر هو ان دفعي ڳوٺ کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگھيو هو، هو ڪارگل تي وڙهندي شهيد ٿي ويو هو ، سندس فوجي کيس دفنائڻ لاءِ کڻي آيا هئا.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان پوڙهي اديب تي به ڪهاڻي لکان ها ، جنهن ساري ڄمار ڪتابن جي پنن کي اٿلائيندي گذاري ڇڏي ، ڪتابن جا انبار گڏ ڪيائين ،ڪتابن جي اکرن ۾ نظر گم ڪري ڇڏيا.ين ، ڏهاڪو ڪتاب پنهنجا به لکيائين ، معاشي مسئلن جي ڪري ڇپرائي به نه سگھيو.
    هاڻي سندس اکين عادتون ساڳيون آهن پر نظر ڪجھ به نه ايندو اٿس .
    هڪ ڏينهن ڪينجھر جي ڪپ تي ويهي ڪينجھر کي چيو هئائين ،”اکيون ته ساڳيون آهن پر اها ديد هاڻي ڪونهي!!“
    ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ۽ اهڙن ٻين انيڪ ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان جن جي ڪهاڻين ۾ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻي لکڻ لاءِ هڪ ڪردار پروفيسر جي ان ڌيءُ جو به آهي، جيڪا پنهنجي پيءُکي اهو احساس ڏياريندي رهي ته هوءَ سندس ڌيءُ نه پر پٽ آهي، ڇوته پروفيسر کي پٽ جو اولاد نه هو
    هوءَ سدائين مرداڻي انداز ۾ رهي ، پينٽ شرٽ، جينز پائيندي وار به مرداڻي انداز جا رکائيندي، ڳالهائڻ جو انداز به مرداڻو بڻائيندي هن جو ننڍپڻ گذريو.
    جڏهن به پيءُ سان ملندي ته هڪ جوان پٽ وانگر ، ڪچهري ڪندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿي ويندا، ننڊ ايندس ته پيءُ کي چوندي :
    ”بابا ! مان هاڻي هلان ٿو.“
    ”چڱو پٽ تون هاڻي وڃي آرام ڪر.“
    ڪيترا ئي رشتا آيا پر هن پيءُ سان انڪار ڪري ڇڏيو ،”بابا ! مان شادي نه ڪندسُ! “
    ”پٽ ! شادي ته هر عورت يا مرد کي ڪرڻي هوندي آهي.“
    ” بابا ! قلندرن ته شادي ڪونه ڪئي هئي، مان به قلندري رمز جو علمبردار ٿيندسُ“
    ” پٽ ! قلندر ۽ عام ماڻهو ۾ فرق هوندو آهي.“
    هن نه مڃيو هو ۽ پروفيسر ڪجھ وقت لاءِ خاموش ٿي ويو هو.
    هڪ رات جڏهن پروفيسر تعليم جي سيمينار ۾ شريڪ هو ۽ رات جو دير سان ورڻو هو،
    پاڙي جا اوباش ڇوڪرا هن جي گھر ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ اجتماعي طرح هن کي عورت بڻائي ڇڏيو هئائون
    جڏهن مٿيان سڀ ڪردار مون آڏو کلندا ، روئندا ۽ معمو بڻجندا آهن ته منهنجي دل مان ٿڌو ڇوڪارو نڪرندو آهي ته:
    ”ڪاش ! مان ڪهاڻيڪار هجان ها .“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها عباس ڪوريجو جون ڳالهيون دل سان لڳيو ۔۔۔ واقعي هت ته هر ماڻهو هڪ ڪردار بڻجي ويو آهي۔ هتي دليون ننڍيون ٿينديون وڃن ۽ ڏيکاء وڌندو وڃي ۔۔۔۔۔۔ پوء اڃان ڪي آهن جنهن ڪري محبت زندهه آهي۔
     
  3. ڪاشف علي ميمڻ

    ڪاشف علي ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    تمام سٺي ڪهاڻي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو