”ھو جمالو“ سنڌ جو لوڪ گيت

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”ھو جمالو“ سنڌ جو لوڪ گيت

    قاضي مقصود احمد

    سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ ھو جمالي کي وڏي اھميت حاصل آھي. ھيءُ گيت سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي اھڃاڻ جي حيثيت رکي ٿو ۽ ھن گيت جي ڌن تي قومي رقص ڪيو ويندو آھي. هيءُ گيت سنڌي ماڻهن جي نفسيات سان جڙيل آهي. ان حوالي سان پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا ڄاڻائي ٿو ته ”گول پڙ ٺاهي، وچ ۾ سازنده بيهاري، باجماعت يا گروپ جي صورت ۾ اهو رقص ڪيو ويندو آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر آهي. مگر ڳوٺاڻن جي سـُـتيءَ ۾ اهو رقص پيل هوندو آهي، تنهن ڪري ڳوٺاڻن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي. جن ڏاڏن، پڙڏاڏن کان پئي ان جي مشق ڪئي آهي. جيئن ئي ڀير تي ڏونڪو لڳو، ”هوجمالو“ جي تال وڄت ۾ آئي، ان جي صدا ڪن پئي ته ڳوٺاڻا پاڻ مرادو ٿڙڪڻ شروع ٿيو وڃن ۽ رقص جاري ٿيو وڃي. بلا مبالغه چئي سگهجي ٿو ته هو جمالو سنڌي عوام جي مزاج ۽ فطرت سان هم آهنگ رقص آهي“.(”سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو“، پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار ”نئين زندگي“ مئي 1995ع).


    گائيڪي جي لحاظ کان جمالي جا مختلف ٻول ملن ٿا. عابده پروين جي ڳايل جمالي جا ٻول ھن ريت آھن:

    منھنجو جمالو جتن سان ھو جمالو
    منھنجو کٽي آيو خير سان ھو جمالو
    منھنجو لڙي آيو لاڙ ڏانھن ھو جمالو
    ھيءَ سنڌ سموري سونھن آ ھو جمالو
    ھيءَ سنڌ سموري سچ آ ھو جمالو
    اسان کي سنڌ تي ڏاڍو ناز آ ھو جمالو
    سنڌين جو پٽڪو سورنھن وال آ ھو جمالو
    ھيءَ سنڌ سموري شاھھ جي ھو جمالو
    ھيءَ سنڌڙي سھڻي لال جي ھو جمالو
    جنھن ۾ روضو لال لطيف جو ھو جمالو
    جيڪو سکر واري پل تي ھو جمالو
    جيڪو موري واري پل تي ھو جمالو
    جنھن کي سائو لڪڻ ھٿ ۾ ھو جمالو
    جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾ ھو جمالو

    پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا جي ذڪر ڪيل مضمون ۾ ”هو جمالو“ جا ٻول ٿوري تفاوت سان هن ريت ڏنل آهن:

    هو جمالو، الا سنڌ جو جمالو
    جيڪو کٽي آيو خير سان هو جمالو (گروپ)
    او منهنجو جمالو جتن سان هو جمالو
    او جيڪو لڙي آيو لاڙ کان هو جمالو
    او جيڪو سکر واري پل تان هو جمالو
    هو جمالو الاهي جمالو هو جمالو
    جمالو کٽي آيو خير سان هو جمالو
    او جنهن جا وار گهنڊي دار الا هو جمالو
    او جنهن جا ڏند دربند الا هو جمالو
    او جنهن جون اکيون رب رکيون الا هو جمالو
    هو جاملو واه وا جمالو هو جمالو
    او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾ هو جمالو
    او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾ هو جمالو
    او جيڪو چڙهي آيو ريل ۾ هو جمالو
    هو جمالو الا هو جمالو هو جمالو
    جمالو کٽي آيو خير سان هو جمالو
    اسين ماڻهو سنڌ جا جا هو جمالو
    ٻانها شاهه ڀٽ جا هو جمالو
    گولا سيواڻي گهوٽ جا هو جمالو
    ڪيو قادر قلند مست هو جمالو

    ساڳي تحرير ۾ هو جمالو ڳائڻ جي منظرڪشي ڪندي هن طرح ”هو جمالو“ جي ثقافتي اهميت اجاگر ڪئي وئي آهي ته ”رقص جي ابتدا ۾ ٻه قدم اڳتي کڻبا آهن. هڪ لحظو توقف ڪري ٻانهون وڻ جي شاخن مثل آهستگي سان لچڪنديون آهن. هٿ شگوفن وانگر ٽڙي پوندا آهن. کٻي پير سان لٺڪو ڏيئي ٻئي لمحي سڀئي منهن پڙ ۾ پائي قدم اندر ورائيندا ۽ وچ ڏانهن نـِوڙي هٿ ڊگها ڪري تاڙي وڄائي، سنوان بيهي هڪ قدم پويان کڻندا آهن ۽ پڙ موڪرو ڪري وڃبو آهي. چئني پاسي رخ ڪري رقصان ٿبو آهي. پڙ هڪ لمحي اڳتي هلندو آهي ته ٻي لمحي پوئتي. ڪڏهن پڙ سوڙهو ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن ڪشادو ۽ اهو سڄو عمل ايتري خوبصورت هم آهنگيءَ سان ٿيندو آهي جو ڏسڻ سان لطف اچي ويندو آهي. اهڙو روح پرور نظارو انسان جي تخليقات ۾ ٻيو ڪو ورلي نظر ايندو. انهيءَ رقص مان سنڌ جي مٽيءَ جي سڳند ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج ۽ جمالياتي حس، نظم و هم آهنگيءَ جي ترجماني ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري هو جمالو کي سنڌ ثقافت جو ترجمان ۽ ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي“.(”سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو“، پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار ”نئين زندگي“ مئي 1995ع).

    پروفيسر صاحب جي اها راءِ لوڪ گيتن جي سادن ۽ مٺڙن ٻولن جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ان جي ابتڙ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ”ھو جمالو“ کي ”گھٽيا
    ڄٽڪو راڳ“ ڪوٺيو آھي. ھن ”ھو جمالو“ جا جيڪي ٻول ڏنا آھن، اھي ھن ريت آھن:

    جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾---- ھوجمالو
    جنھن کي چيچڪ جتي پير ۾ ---- ھوجمالو
    جيڪو کٽي آيو خير سان ---- ھوجمالو
    جيڪو لڙيو آھي لاڙ ڏانھن ---- ھوجمالو
    جنھن جا پير پنج سير جا ---- ھوجمالو
    جنھن جو پيٽ لمليٽ آ ---- ھوجمالو
    جيڪو ڪوڏو شيدي لاڙ جو ---- ھوجمالو
    جيڪو جمالو جتن جو ---- ھوجمالو
    جيڪو جمالو ڄٽن جو“ ______ هو جمالو
    (ڪيئي ڪتاب“، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ڀاڱو ٻيو، ڇاپو پهريون، صفحو 194).

    آخري مصرع سندس پاران وڌايل آهي. هن، ان ڳالھھ تي به حيرت جو اظھار ڪيو آھي تھ اسان جا ليڊر، سياستدان ۽ شاگرد ان راڳ کي ڇو ٿا پسند ڪن. حيرت جي ڳالھھ آھي جو جنھن ماڻھوءَ جي ڪتاب کي، بلڪھ خود کيس بھ سنڌ جي ثقافت جو امين قرار ڏنو ويندو آھي، اهو پاڻ ”هو جمالو“ تي پنهنجي راءِ ڏيڻ مهل ثقافتي قدرن کان نهايت اڻ واقف لڳي رهيو آهي! سندس ڪتاب ۾ ٻيون بھ ڪي اھڙيون شيون آھن، جيڪي غير ذميوار انداز ۾ لکيل نظر اچن ٿيون. جھڙوڪ: اسلامي مھينن کي بھ تنقيد جو نشانو بنايو اٿس. لکي ٿو تھ ”اسان جا مھينا بي اصوليءَ طور مقرر ڪيا ويا آھن، جن ۾ نھ موسم جو لحاظ رکيو اٿن، نھ قومن جي عروج زوال جو خيال، نھ ڪو وري خوشين ۽ شادمانن کي ئي سوچيو اٿن، جيئن ٻين قومن جا سال شروع ٿيندا آھن. اسان جو سال پٽ کوھھ ۽ ماتم ڪرڻ کان شروع ٿئي ٿو، حالانڪھ ان لاءِ ٻيون بھ ڪيئي تاريخون ۽ مھينا مقرر ٿي سگھن ھا، جيڪي موسم، قومن جي عروج زوال، اسلامي لحاظ ۽ نقطي کان ٺيڪ ٿي سگھيا ٿي“.(ڪيئي ڪتاب“، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ڀاڱو ٻيو، ڇاپو پهريون، صفحو 205).
    دراصل ڪنھن بھ قوم جا قومي گيت اھڙن ئي سادن ۽ مٺڙن ٻولن تي مشتمل ھوندا آھن. گھڻو ڪري انھن جي معنيٰ پڌري پئي ھوندي آھي، پر جيڪڏھن ڪنھن سبب جي ڪري انھن ٻولن جي معنيٰ يا ڪو تاريخي پسمنظر وقت جي ڌنڌ ۾ لڪي ويندو آھي تھ ان سان گيت عيبدار نھ ٿيندو آھي. تنھنڪري ڪڏھن بھ، ڪنھن بھ قوم جي لوڪ گيتن ياثقافتي ورثي تي آڱر نھ کنئي ويندي آھي.

    مطلب تھ ”ھو جمالو“ تي ڪيل اھڙي تنقيد جو اھو مطلب ھرگز نھ آھي تھ ”ھوجمالو“ تان ھٿ کڻي ويھجي. البتھ ”ھو جمالو“ کي جديد انداز ۾ لکڻ ۽ ڳائڻ ممڪن آھي. اھڙي قسم جي ھڪ ڪوشش استاد بخاريءَ بھ ڪئي آھي، جنھن جي شعري مجموعي ”اوتون جوتون“ ۾ جمالي کي روايتي ٻولن کان ھٽي ڪري ھن طرح سان نئين انداز ۾ ڳايو ويو آھي.

    اچان پيو اڪيلو،
    وڃان پيو اڪيلو،
    متو پيو آ ميلو،
    تھ پوءِ ڇا ھي، ڇن ڇن، ھي ھيڏو اٽالو. ”جمالو جمالو“!

    مٿي تي لڏو آ، اڏي تي اڏو آ،
    ھوندي جو ھڏو آ، ھڏي تي ڦڏو آ،
    ڦڏو ڪو ننڍو ناھھ ڏاڍو وڏو آ،
    تھ پوءِ ڇا ھي، ڇن ڇن، ھي ھيڏو اٽالو. ”جمالو جمالو“!

    اڌڙ ۾ انڌارو، اڌڙ ۾ اجالو،
    جي ”ڪي ٽو“ ڳڱاٽيو تھ ”ٽوڙو“ جوالو،
    سعودي سگھارو، بنگالو اٻالو،
    تھ پوءِ ڇا ھي، ڇن ڇن، ھي ھيڏو اٽالو. ”جمالو جمالو“!

    اتيئي خزائون، اتيئئي بھاري،
    اتيئي پھاري، اتيئي بخاري،
    اتيئي فراري، اتيئي قراري،
    تھ پوءِ ڇا ھي، ڇن ڇن، ھي ھيڏو اٽالو. ”جمالو جمالو“!
    مون پاڻ به هو جمالو جي طرز تي ”نعتيه جمالو“ لکڻ جو هڪڙو تجربو ڪيو آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو.
    هو منهنجو رهبر مدني ڄام آ هو جمالو
    جنهن جو فيض هر هنڌ عام آ هو جمالو
    جنهن جو دين ڀلو اسلام آ هو جمالو
    اسان تي رب جو ٿيو انعام آ هو جمالو
    هو جمالو، سهڻو جمالو
    هو جمالو، سائين جمالو
    هو جيڪو شارح آ قرآن جو هو جمالو
    جنهن کان درس مليو ايمان جو هو جمالو
    جنهن سان درجو وڌيو انسان جو هو جمالو
    هرڪو قائل جنهن جي شان جو هو جمالو
    هو جمالو، سهڻو جمالو
    هو جمالو، سائين جمالو
    هو جيڪو نور جيان نروار ٿيو هو جمالو
    جيڪو ظلمت ۾ درڪار ٿيو هو جمالو
    جـنـهـن سـان تـک انـڌيـرو تار ٿـيـو
    جنهن سان ماڻهن منجهه قرار ٿيو هو جمالو
    هو جمالو، سهڻو جمالو
    هو جمالو، سائين جمالو
    هو جنهن سان عرب چڙهي ويا چوٽ تي هو جمالو
    جنهن جي عجم اچي ويا اوٽ تي هو جمالو
    مومن گهور ٿين اڻ موٽ تي هو جمالو
    اهڙي مهر ٿي مدني گهوٽ تي هو جمالو
    هو جمالو، سهڻو جمالو
    هو جمالو، سائين جمالو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هو جمالو، سنڌ جي بهترين ثقافتي خوشي جي اظهار جو انداز، شال هميشه قائم دائم رهي، آمين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو