معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
چترڪاريءَ ۾ صدا حسين سومرو نئون نالو انهن لاءِ ضرور هوندو، جن هن جو ڪم بنهه گهٽ ڏٺو هوندو پر آئون يقين سان چوان ٿو ته صدا حسين جو ڪم نهايت ئي نرالو آهي، اها ٻي ڳالهه ته وٽس موضوعن جي اڻاٺ آهي پر هن جا رنگ ڳالهائن ٿا.
چتر ، جنهن کي اسين رنگن جي شاعري سڏيون ٿا، اصل ۾ ان منجهه روح تڏهن ڦوڪي سگهجي ٿو جڏهن موضوعاتي واٽ نت نئين ۽ نرالي هجي سو صدا وٽ موضوعاتي اڻاٺ آهي پر هن جا رنگ پنهنجي رچنا ۽ ساهس رکن ٿا.
ناليواري اداڪار ۽ مصور منظور آرزو جو ٻيون نمبر پٽ صدا منهنجي محسن دوستن مان هڪ آهي. قمبر جي موتي پاڙي ۾ رهندڙ هن نوجوان سان منهنجو روح جو رشتو آهي