Sindhi Media
سينيئر رڪن
رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيت ڳائيندڙ
تحقيق ؛ عبدالرزاق ميمڻ
ستين جولاءِ 1961ع ۾ ڳوٺ پريالي، ضلع خيرپور جو رهواسي رحمان مُغل عرف ”سرمد سنڌي“ اهو فنڪار آهي جنهن تمام ٿوڙي عرصي ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. هن پنهنجي فني گس جي شُروعات 1980ع کان شروع ڪئي ۽ پنهنجي 35 سالن جي زندگيءَ ۾، پنڌرهن سالن ۾ ئي هڪ بهترين راڳي بڻجي ويو. سندس مادري زبان پنجابي هُئي پر هن سنڌي قومي نغما ڳائي هُن پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو نمڪ حلال پُٽ ثابت ڪري ڏيکاريو. هن سرائڪي ۽ اڙدو زبان ۾ به ڳايو پر پنهنجي ڳائڻ جي ڍنگ سان ۽ راڳ وسيلي سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو. هن جديد شاعرن کي گھڻو ڳايو جن ۾ سرمد زاهد شيخ، استاد بُخاري، عبدالغفار تبسم، شيخ اياز ۽ راشد مورائي سر فهرست آهن.
سرمد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مُغل آهي. سندس والد ۽ وڏا انتهائي مذهبي ماڻهو ها ۽ ان جي ڳوٺ ۾ اٽي جي مشين هُئي، جتي در در پنڻ وارا جوڳي فقير جيڪي ڳائي وڄائي اٽي لپ وٺڻ ايندا هُئا، ۽ سندس اٽي جي مشين تي ايندا هُئا، انهن کي ٻوڌندي هن کي راڳ طرف لاڙو ٿيو.
هن پنهنجي پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول پريالي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ هاِ اسڪول پاس ڪري هي خيرپور جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتان هُن سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. ۽ اُتيئي اسڪول جي سياسي تقريبن ڪان ٿي، فني زندگيِ جو آغاز ڪيو. هُن ڪجھه عرصو حيدرآباد ڊيولپمنٽ اٿارٽيءَ ۾ به ڪم ڪيو ۽ پوءِ اُن کي ڇڏي ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سول انجنيئر جي حيثيت ۾ ملازمت ڪيائين. هن پنهنجي مائٽن جي مرضيءَ سان بختاور نالي هڪ عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي ماريا ڄائي ۽ سند وفات ڪرڻ کان ٿوڙو اڳ کيس هڪ پُٽ ڄائو جنهن جو نالو عزيزالرحمان رکيو ويو. پاڻ هڪ روڊ حادثي ۾ جيڪو 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين کان ٺٽي ويندي پيش آيو، 28 ڊسمبر جو ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ پنهنجن پرستارن کي روئيندو ڇڏي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. انا لاِلله و ان الي يراجعون.
رحمان مُغل جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءَ احمد مُغل ڳائڻ ته شروع ڪيو آهي پر سرمد سنڌيءَ جي ڳالهه ئي ٻي هُئي ۽ ڳائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. سرمد سنڌي مان اها خوبي هوندي هُئي ته جيڪي به ڪلام ڳائيندو هو، ان جون ڌُنون نيون ڪمپوز ڪندو هو يا ڪرائيندو هو. هن ڪڏنهن به هندستاني ڌُنن تي ناهي ڳايو، ها البته سنڌ جي لوڪ ڌُنن تي ضرور ڳايو اٿس. حالانڪه کيس راڳ ۽ سُرن جي ايتري ڳاڻ نه هُئي پر سُٺي آواز ۽ سڀاءَ ڪري کيس وڏي مڃتا ملي جيڪا تمام گھٽ ڳائڻن کي نصيب ٿيندي آهي. بحرحال سرمد سنڌي، سنڌي موسيقيءِ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو سُنهري اکرن ۾ لکرائي ويو آهي، جنهن تي پوري قوم کي ناز آهي.
هن سڀ کان اڳ راڳ جي تربيت راڳي لالي عزيز ڪان ورتي ۽ پوءِ منظور سخيراڻي، شاهد ڀٽي ۽ زندگيءَ جي آخري سالن ۾ 1996ع ۾ استاد ظهور خان زيبيءَ کان سکيو. پاڻ هڪ سنڌي فلم برسات جي رات ۾ اداڪاري به ڪئي اٿس. اهو ائين ته جڏنهن شاعر عبدالغفار تبسم جيڪو پي آءِ اي جي ڪارگو ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم به ڪندو هو ۽ آفيسر ڪيڊر تي هاڻ رٽائر به ٿي چُڪو آهي، اُن اها فلم پئي ٺاهي ۽ سرمد سنڌيءَ جي خواهش هُئي ته هو هُن ۾ ڳائي، پر جيئن ته ڳائڻن جي چونڊ پهري ٿي چُڪي هُئي، تنهنڪري تبسم کائنس ان فلم ۾ اداڪاري ڪرائي.
ٽيليويزن تي هن سڀ کان اڳ ۾ هڪ نعت چئي جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ رڪارڊ ڪئي هُئي ۽ پوِ راڳ جي حوالي سان اُن وقت جي اسسٽنٽ پروڊيوسر سميع بلوچ سندس گھڻي مدد ڪئي ۽ هو هُن کي پروڊيوسر هارون رند صاحب وٽ وٺي ويو، جنهن سڀ کان پهرين رحمان مغل جي آواز ۾ ٽي نغما رڪارڊ ڪيا. ريڊئي ۽ ٽي وي وارا هُن کي سرمد سنڌي بجاءِ رحمان مُغل لکندا ۽ سڏيندا آهن، پر ڪيسٽ جي دنيا ۾ هو سرمد سنڌي سڏجي ٿو. جيڪي ٽي نغما ٽي ويءَ تي رڪارڊ ٿيا هُئا اُهي آهن هڪ ”لولي...“، ٻيو شيخ اياز جوگانو ” رات آئي وئي ۽ تون نه آئين وري ماڪ ۾ او مينڌرا رات روئيندي رهي“ ۽ ٽيون سميع بلوچ جو ” تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“
رحمان مُغل کي ريڊئي تي پروڊيوسر ڪوثر ٻورڙي آندو. هن جو ڪيسٽون به تمام گھنيون مقبول ٿيون، سندس پهرين ڪيسٽ توصيف سائونڊ اسٽوڊيو صدر ڪراچيءَ وارن رڪارڊ ڪئي. هن پنهنجي مُلڪ کان سواءِ ٻاهر دُبئي وغيره ۾ به پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪيو. هن جي وچوڙي بعد هن تي هڪ ڪتاب ”سنڌ جو ٻيجل“ پڻ ڇپرايو ويو هو جنهن کي سهڙيندڙ علي حسن چانڊيو هو ۽ مهراڻ پبلشر ڪراچيءَ ڇپرايو هو.
هن کي زندگيءَ ۾ ٻه وڏا روڊ جا حادثا پيش آيا، هڪڙو سکر ۽ خيرپور جي وچ ۾، جنهن سبب هو معذور ٿي ويو ۽ ويل چيئر تي هلڻ لڳو ۽ ان ڪري 6 مهنن تائين سندس ڳائڻ به بند ٿي ويو هو، ۽ پرستارن جي دُعا ۽ الله سائين جي مهربانيين سان هو ڪجھه صحيح ٿي ويو هو ۽ ڳائڻ شروع ڪيو هُئئين ۽ ٻيو حادثو 27 ڊسمبر تي جنهن ڪري 28 ڊسمبر تي سندس لاڏاڻو ٿي ويو.
جڏنهن هن دُنيا مان گُذاري وينداسين گھڻن کي اسان به