راڳ جي راڻي عابده پروين

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    راڳ جي راڻي، اُمِ ڪلثوم ۽ مارئي لقب ماڻيندڙ ”عابده پروين
    تحرير ۽ تحقيق ڪندڙ :: عبدالرزاق ميمڻ

    لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر پاڙي م هڪ راڳي گھراڻي ۾ سندس جنم 20 اپريل 1956ع ۾ ٿيو. سنس والد ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ ئي موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو ۽ پاڻ به هڪ سُريلو راڳي هو، سند والده ممتاز بيگم به ڳائيندي هُئي. سنس مائٽ لاڙڪاڻي کان پوءِ هجرت ڪري مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪند ويا ۽ هو خيرپور، سکر، مٽياري ۽ آخر ۾ حيدرآباد اچي سيٽل ٿيا. جتي هڪ ميوزڪ پروگرام ۾ 1972ع ۾حيدرآباد ريڊيو جي ميوزڪ پروڊيوسر غلام حُسين شيخ کيس ٻُڌو ۽ ريڊئي تي ڳائڻ جي دعوت ڏني.

    سندس رهبري اُن وقت جي ميوزڪ ڊائريڪٽرن استاد محمد جُمن، استاد نياز حُسين ۽ ماسٽر محمد ابراهيم ڪئي ۽ ناميارو براڊڪاسٽر الله بخش بُخاري به مٿن ڏاڍو مهربان هو. ٽنهين گڏجي سندس هر لحاظ کان تربيت ڪئي ۽ ان تربيت ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ شيخ غلام حُسين جو هو جنهن سندس اُچار ۽ ادائگي سنوارڻ ۾ جٿن ڪيا، هن استاد مهر علي لاڙڪاڻي واري کان به سکيو، ۽ استاد سلامت علي ۽ استاد محمد جمن جي ته باقاعدي شاگردياڻي بڻي.

    ريڊيو تي پاڻ جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو هُئائين اُن جا پهران ٻول هئا ” تنهنجي زلف جي بند ڪمند وِڌا “ جنهن جو شاعر هو عبدالغفور همايوني ۽ ان کان علاوه ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جو ڪلام پڻ رڪارڊ ڪيو ويو جنهن جا ٻول هُئا ” من گھورئي مشتاق سان جيئري جُدايون ڪيمَ ڪر!

    هُوءَ ريڊيو وسيلي ٿورڙي ئي وقت ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي وئي ۽ هُن جي پختگيءَ ۾ شيخ صاحب وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عابده کي ان جي منزل تائين رسايو. شيخ صاحب جن ٻين ڳائڻن کي اڳتي وڌايو اُهي هُئا مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير. شيخ صاحب اڳتي هلي 1975ع ۾ عابده سان شادي ڪئي، جيڪا سندس ٻي گھرواري هُئي. بقول شيخ صاحب ” عابده اها پهرين سنڌي ڳائڻي آهي، جنهن ڳائڻ ۾ مرداڻو انداز رکيو آهي، سنڌي مردن جي ڳائڻ ۾ گھڻي فني پُختگي ۽ عورتن ۾ ڪچائي رهي آهي. عابده پهرين عورت آهي جنهن ۾ فني پُختگي آهي.“ ”هُن عزل ۽ ڪافيءَ جي گائڪي جي فارميٽ کي ملايو آهي، اهو فارميٽ اڃا تائين ڪنهن به سنڌي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ وٽ ناهي. تنهن کان سوا هُن کي اسٽيج ڪرافٽ يعني اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڍنگ اچي ٿو، جيڪو ٻين وٽ ناهي، هوءَ جڏنهن ڳائيندي آهي ته هر ٻُڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ ته عابده سندس لاءِ پئي ڳائي.

    عابده جڏنهن اسٽيج تي ڳائيند هُئي ته شيخ صاحب کيس اشارن وسيلي هدايتون ڏيندو هو ۽ ڳائڻ کان پوءِ کيس خوبين ۽ خامين جو ٻڌائيندو هو ۽ هو بهتري آڻڻ لاِ ءِ محنت ڪندو هو ۽ عابده وٽ جيڪو ڪجھ آهي هُن شيخ صاحب کان حاصل ڪيو اهي. عابده ريڊئي تي گيت، غزل ۽ ڪافي ڳائڻ سان اڳتي هلي صوفي بزرگن جي ڪلام ڳائڻ تي ڌيان ڏنو ۽ درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلامن کي ڳائڻ شروع ڪيائين.

    عابده پروين هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿي هوءَ 1996ع ۾ پنهنجي مُڙس شيخ غلام حُسين جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچي ڇڏي ٻچڙن سميت اسلام آباد هلي وئي هُئي . هنکي هڪ پُٽ سارنگ لطيف ۽ ٻه نياڻيون سِنڌُو ۽ پره آهن. سندس اولاد کي به فن سان دلچسپي آهي، سارنگ لطيف ڪي ڳائڻ ۽ نچڻ سان دلچسپي آهي ۽ هُن پنجن سالن جي ڄُمار ۾ هڪ تقريب ۾ نچي انعام حاصل ڪيو هو جڏنهن ته سندس هڪ نياڻيءَ کي وري پينٽنگ ٺاهڻ سان دلچسپي آهي.

    عابده پروين اُها ڳائڻي آهي، جنهن جيڪو به نعمو ڳايو اُهو مقبول ٿي ويو، سندس شاعريءَ جي چونڊ عُمدي ۽ ڌُنَ سُريلي هوندي آهي. عابده پروين گھڻي ڀاڱي صوفي بُزرگن کي ڳايو انهن مان شاه عبدالڀيف ڀٽائيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳايو اٿس، حيدرآباد ريڊئي تان شاه جي ڪُجھه واين کي اُڙدو ترجمي سان به رڪارڊ ڪيو ويو، سنڌيءَ ۾ استاد مُحمد جُمن ۽ عابده پروين ۽ اڙدو ترجمو ڪري ثريا حيدرآباديءَ ڳاتو. سندس آواز ۾ حيدرآباد ريڊئي تي سنڌي ۽ سرائڪيءَ سان گڏ ڪيترا اُڙدو نغما به رڪارڊ ڪيا ويا هُئا. سندس اُڙدو نغمو، اُستاد نياز حُسين جي مُوسيقيءَ ۽ آرزو لکنَويءَ جي شاعريءَ ۾ ”گُھنگُھرو باجي ڇنن ڇنن“ ڏاڍو مقبول ٿيو هو.

    عابده پروين ريڊئي تي شاعريءَ جي مُختلف صنفن جهڙوڪ : گيت، غزل، ڪافي ، ڪلام ڳائڻ سان گڏ اڳتي وڌي ۽ هُن صوفي بزرگن تي ڪلام ڳائڻ کي ترجيح ڏني ۽ درگاهن تي ڳاجندڙ ڪلامن کي ڳايائين، انهن ئي ڪلامن کي ٻيا فنڪار به ڳائيند هُئا. اهڙن ڪلامن کي ڳائڻ کان پوءِ عابده جي مقبوليت ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو، هن جڏنهن فقير عبدالغفور جي ڳايل سچل سرمست جي ”گھڙولي“ ڳائي ته اُهائي ڳايل گھڙولي عابده جي سُڃاڻپ بڻجي وئي. ٽيليويزن تي کائنس اهو گھڙولي ممتاز مرزا پنهنجي پروگرام ” سنڌ سينگار“ ۾ ڳارائي. ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا ڪلام آهن جيڪي ٻين فنڪارن پهريائين ۽ عابده پوءِ اُنهن کي پنهنجي اندز ۾ڳاتو. جن ۾ فقير عبدالغفور جو ڳايل ” گھوم چرخڙا سائيان دا“ موٽڻ شاه ۽ غلام حُسين فقير جو ڳايل ” گُھنڊ کول ديدار ويکائو، مين آيا مُک ويکڻ“ سر فهرست اچي وڃن ٿا.

    عابده پروين کي مُلڪي سطح تي مڃرائڻ ۾ ٽيليويزن جو وڏو هٿ آهي، جتي سندس آواز ۾ 1986ع ۾ سُلطانه صديقيءِ، سند س گھڙولي اُڙدو پروگرام ”آواز و انداز“ ۾ هلائي، ته اُها مُلڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پُهچي وئي ۽ ٻيا جيڪي سندس آواز ۾ اُڙدو غزل نشر ٿيا اُنهن مان خاص ڪري ناصر ڪاظميءَ جو سندس هي غزل سُڃاڻپ بڻجي ويو ” جب سي توني مُجھي ديوانا بنا رکا هي، سنگ هر شخص ني هاٿون ۾ اُٺا رکا هي. “ هن غزل ني ڌُن اُستاد نياز حُسين ترتيب ڏني.

    هوءَ ڪيسٽن جي دنيا ۾ به مهان ڳائڻي بڻجي وئي، سرڪاري توڙي عوامي محفلن ۾ کيس گھُرائڻ اعزاز سمجھجھڻ لڳو، صوفي بُزرگن جي ميلن تي ڳائڻ کان علاوه پاڻ حُڪومتي ثقافت کاتي جي محفلن جو هڪ لازمي حصو بڻجي وئي. هُن سنڌي فلم ”ڌرتي لاهِ ڪُنوار“ جا اٺ نعما ڳايا جنهنجي موسيقي غلام النبي عبداللطيفَ ترتيب ڏني هُئي، هُن مان ”جوڙ گانا“ (دوگانا) مُحمد يوسف سان به ڳايا اٿس. چارڻ فلم پاران جاري ڪيل ان فلم جا سڀئي نغما ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ هنن نغمن جي شاعري امداد حُسيني، عبدالڪريم گدائي ۽ شيخ اياز ڪئي هُئي. عابده جڳ مشهور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاِ به ڳايو هو.

    هوءَ سنڌيءَ کان سواءِ اُڙدو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به بهترين اھچارن سان ڳائي سگھي ٿي، سندس لفظن جي ادائگي چٽي هُئڻ سان ٻوڌندڙن کي ۽ ڏسندڙن کي جھومائي، ۾وهي مست ڪري ڇڏيندي آهي جنهن سان اُنهن تي هڪ وحداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي.” سال 2000ع ۾ جڏنهن پاڻ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ هڪ پارڪ ۾ ٿيل لڳ به لڳ هڪ لک ماڻهو جڏنهن عابده کي ٻُڌي رهيا هُئا ته ٻُڌندي ٻُڌندي انگريز اُٿي نچڻ لڳا ۽ پوءِجڏنهن نچندي نچندي بيهوش ٿيڻ لڳا ته اُتان جي پوليس به ٿرٿلي ۾ اچي وئي ۽ بيهوشين کي اسپتال کڻائي وڃڻ شروع ٿي ڪيائون انهن انگريزن۽ ٻين وحداني ڪيفيت ۾ آيل ماڻهن اسپتال وڃڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ۽ چيو ته هو هڪ عجيب دنيا ۾ پُهچي ويا هُئي جتي کين هڪ عجيب سُرور مليو هو ۽ خُدارا کين اُن سُرور واري دنيا مان نه ڪڍو”.

    عابده دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جن ۾ آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش، هالينڊ، جاپان، جرمني، ڪئناڊا، هندستان، تنزانيا سر فهرست آهن. عابده کي الاهي کوڙ مڃتا ايوارڊ به مليا، ايستائين جو بل آخر پاڻ فراخ دليءَ جو مُظاهرو ڪري اعلان ڪيائين ته هاڻ شاه لطيف ايوارڊ مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي ته جيئن اُنهن جي به مڃتا ٿئي. کيس ٻين ايوارڊن ۾ 1980ع ۾ سچل سرمت ايوارڊ، 1980ع ۾ ئي سنڌ گرجوئيٽس ايسو سيئيشن پاران ”سُهڻي ايوارڊ“، سال 1986ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ” پرائيڊ آف پرفارمنس ايواڊ“ شامل آهن. کيس ”راڳ جي راڻي“ ”اُم ڪلثوم“ ۽ ”مارئي“ جا لقب به مليا آهن.

    عشق ته آتش ڏُونهي برابر وَتِ عشق دا تائو تکيرا
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: راڳ جي راڻي عابده پروين

    سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب اسلام عليڪم
    اوهانجي وڏي مهرباني لک لک لائق جو اوهان راڳ جي راڻي محترمه عابده پروين صاحبه جن جي حوالي سان هي تحرير سنگت سان ونڊ ڪئي آهي۔ سائين منهنجا ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي جو سَائڻ عابده پروين پنهنجي تمام سُريلي آواز ذريعي نه صرف پنهنجو بلڪه سونهاري سنڌ سميت هن ملڪ جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو آهي۔ سائڻ جي آواز ۾ هڪ جادو آهي هوءَ ته سائڻ جا سڀ آرفاڻا، صوفياڻا ڪلام تمام تمام بهترين آهن جن ۾ مَن ڪُنتُ مُولا مونکي تمام گهڻو پسند آهي۔ سائڻ کي رب پاڪ وڏي حياتي ڏي ثم آمين
    هڪ دفعو ٻيهر اوهانجا لک احسان جو توهان هي بهترين ليک سنگت سان ونڊُ ڪيو ۽ مون کي هن ليک جي ٻي قسط جو انتظار رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عابده اها پهرين سنڌي ڳائڻي آهي، جنهن ڳائڻ ۾ مرداڻو انداز رکيو آهي، سنڌي مردن جي ڳائڻ ۾ گھڻي فني پُختگي ۽ عورتن ۾ ڪچائي رهي آهي. عابده پهرين عورت آهي جنهن ۾ فني پُختگي آهي.“
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    راڳ جي راڻي، عظيم گلوڪاره ميڊم عابده پروين جي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ سندس صحت لاء دعاگو آهي۔ سنڌ کي اهڙي عظيم شخصيت تي ناز آهي جنهن موسيقي جي دنيا جي بلندين کي ڇهيو آهي۔ عابده پروين هڪ لازوال ڪردار، جنهن صوفي ڪلام، گيت، قومي گيت، غزل، ڪافيون ۽ وايون ڳائي سنڌي موسيقي سان گڏ اردو ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ به پاڻ مڃرايو آهي۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سائين عبدالرزاق ميمڻ جي محنت سارها جوڳي آهي
    مانواري عابده پروين جو جنم ڏينهن 20 اپريل آهي ؟ يا 20 فيبر وري پر منهنجي خيال ۾ هن جو جنم ڏينهن 20 فيبروري آهي ان مناسبت جي ڪري هي تحرير هتي رکي وئي آهي
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا عبدالرزاق ميمڻ صاحب توهان جون سنڌ سلامت تي ٿيل ونڊون تمام بهترين هونديون، آهن خاص ڪري ميڊيا جي حوالي سان ، جيڪو ڪم پڻ ساراه لائق آهي، .ادا توهان جيڪي مٿي هي ڳالهيون لکيون آهن ته سال 2000ع ۾جڏنهن پاڻ ( سائڻ عابده پروين ) آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ هڪ پارڪ ۾ ٿيل لڳ به لڳ هڪ لک ماڻهوجڏنهن عابده کي ٻُڌي رهيا هُئا ته ٻُڌندي ٻُڌندي انگريز اُٿي نچڻ لڳا ۽پوءِجڏنهن نچندي نچندي بيهوش ٿيڻ لڳا ته اُتان جي پوليس به ٿرٿلي ۾ اچي وئي۽ بيهوشين کي اسپتال کڻائي وڃڻ شروعٿي ڪيائون انهن انگريزن۽ ٻينوجدانيڪيفيت ۾ آيل ماڻهن اسپتال وڃڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ۽ چيو ته هو هڪ عجيبدنيا ۾ پُهچي ويا هُئي جتي کين هڪ عجيب سُرور مليو هو ۽ خُدارا کين اُنسُرور واري دنيا مان نه ڪڍو، ادا اها حقيقت آهي، ادا جيڪڏهن توهان يقين ڪريو ته مان جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو سائڻ عابدهه پروين کي ٻڌندو آهيان ته منهنجي به اهڙي ڪيفيت ٿئي ويندي آهي، ۽ مون کي خبر ناهي پوندي. هڪ ٻه دفعا ته منهنجي ڀائرن به مون کي ان ڪيفيت ۾ ڏٺو آهي.ادا عابده اسان جو اهو سرمايو آهي جنهن تي جيترو اسان ناز ڪيون اهو گهٽ آهي. ادا مون ته هڪ ٽي وي تي هڪ پروگرام ۾ ڏٺو هو جنهن ۾ اسان جي سائڻ عابده ۽ مشهور انڊين فنڪارا لتا جي ڀيڻ آشا بوسلي ججهه هئا ۽ مون اهيو ڏٺو ته آشا سندس شان ۽ مان تي ملڻ تي ساڙ ڪري رهي هئي، جيڪو هڪ فطري عمل آهي.جيڪو ساڙ فقير فقير تي به ڪندو آهي. ادا جڏهن ته راڳ جي لاء اسلام ۾ منع ٿيل آهي پر ان جي باوجود اهيا ڳالهه به حقيقت آهي ته صوفي راڳ انسان تي ڪافي اثر ڇڏي ٿو۔ جنهن جي باري ۾ مڪمل ته ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي۔ ته اها ڪهڙي شيء آهي جيڪا ائين ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي۔جيئن شاهه صاحب لاء مشهور آهي ته ان کي به چيو ويو هو ته توهان راڳ ڇو ٿا ٻڌو، جنهن تي شاهه صاحب ان پڇندڙ کان اهيو سوال ڪيو هو ته ڇا، اگر ميرو پاڻي ڪنهن ٻوٽي کي ڏجي ۽ اهو ان تي اهو ٻوٽو واڌ کائي ته اهو ميرو پاڻي ان ٻوٽي کي ڏئي ڪري وڏو ٿيڻ نه ڏجي؟۽ اهڙي ريت منهنجي راڳ ٻڌڻ سان منهنجو من حقيقت ڏانهن وڃڻ ۾ واڌ کائي ٿو۔( نوٽ هي ڳالهه ڪنهن ڪتاب مان ثابت نه آهي باقي مون ڪنهن وڏي عمر واري کان زباني ٻڌي آهي۔ جنهن جي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته اهي الفاظ شاهه صاحب جا آهن يا نه۔ )
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. صوفي شفيق احمد حسيني

    صوفي شفيق احمد حسيني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عشق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو