خُدار ..! مُهنجي به ته ٻُڌو..! تحرير ؛ عبدالرزاق ميمڻ يقين ڇو نٿا ڪريو ته الله مُهنجي دماغ جي ميموري ۾ ايترو ته مواد موجود ڪري ڇڏيو آهي جو آئون چاهيان ٿو ته هڪدم ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪريان نه ته ڪٿي...؟ پر ڇا ڪريان اسپيڊ مئچ نه ٿئي۽ هئنگ ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو، مان جنهن به ٽيڪنڪ سان ڪا ڳالهه ڪريان ٿو، جي توهان اُن تي غور ڪريو ته اُهي ملٽي ڊاميشنل هونديون آهن ۽ آئون بحيثيت ريسرچ اينالائيزر ڄاڻي واڻي اُن کي ملٽي ڊائمشنل رکان ٿو، ان عمل کي ڪمپيوٽر جي زبان ۾ فيچنگ چئبو آهي. توهان کي لڳندو ته مان شايد ڪا ڳالهه پيو ڪريان، ڪا ڪهاڻي پيو ٻُڌايان ، ڪنهن تي تنقيد پيو ڪريان ، پر ائين نه آهي، توهان ان مان ادبي ۽ سائنسي ، فني ۽ نفسياتي نُقطا به ڪڍي سگھو ٿا، هيءَ هاڻ توهان جي دماغ جي سيلف ٽيسٽ آهي ته توهان جو فيچنگ جو عمل ڪيترو تيز آهي. بقول ڪنهن گھڻ ڳالهائوءَ جي ”مان اُنَ انجڻ جيان آهيان جنهن کي اهڙن ڪسوٽيل دٻن کي به گهلڻو اهي جنهن جا ويل ۽ بريڪ جام ٿيل آهن، جنهن ۾ ڪٽ چڙهي ، فيرڪ آڪسائيڊ جو ته، ڄمي ويو آهي ، يا وري ڪنهن اُن کي مصنوعي طور جام ڪيو آهي، ڪنهن هُن کي ڪنهن ميڊيم، (مئڊم نه ميڊيم، ڪو ٿنڀو ڪا ڀت وغيره ) سان ٻڌي ڇڏيو آهي، پر مونکي هُن کي گھلڻو لازمي آهي ته جيئن مان کيس صحيح ٽريڪ تي پُهچائي اچان، اهو مان پنهنجي قومي ذميورا سمجھان ٿو. ائين جيئن مون سان ڪي به، مُهنجي رفتار کان گھٽ هلندڙ ساٿي، هڪ اهڙي جنگل ۾ اچي فاٿا آهن، جتي بس بچڻو آهي ته ريس ڪرڻي پوندي، نه ته پوئتي رهيلن جو نقصان يا انت ايندو، ڇوجو يا ته ڪا بلان پويان آهي يا ٻي ڪا مُصيبت، هاڻ پاڻ کي اُتي رکي تصور ڪريو، ته توهان جي فيچنگ توهان جي مرضيءءَ سان ئي ٿي پئي نه.. بس اهي ئي مُهنجا سائڪلاجي ٽپس آهن. جيڪي ڪنهن ڇوڙوءَ وانگر اينگھائيندو آهيان، پوءِ ڀلي توهان اُن کي ڪنهن ڍيرءيءَ ۾ لپيٽندا وڃو. ٿوڙو چيو گھڻو سمجھو! جڏنهن مان ڪنهن پوليٽيڪنيڪل اداري ۾، يونيورسٽيءَ ۾ يا پاڪستان نيوي،( پي اين ايس جوهر ) ۾ برگيڊيئر ۽ جنرل ليول جي آفيسرن (انجنيئرن) کي پڙهائندو هُئس ته انهن ٽپس سان ئي کين مُتاثر ڪندو هوئس، ۽ نتيجي ۾، نه پاس ٿيندڙ به فيچنگ ٿي 80 سيڪڙو گھٽ ۾ گھٽ مارڪو کنندا هُئا. بس الله جي ڏات اهي، ڇهين حِس سان، پرڊڪٽ ڪري سگھان ٿو اڄ تائين مُهنجون 80 سيڪڙو پرڊڪشن صحيح نڪتيو آهن. غيب جوعلم صرف الله کي، ٻيو ڪو سوچي به نه، دوستو شايد توهان کي خبر هُجي ته ڪنهن به شي جي آگَهِي جو هُجڻ فرد لاءِ پڻ ڪيترو نه خطرناڪ آهي ، ان ڪري مون لاِ به، جيئن جج ڊاڪومينٽڪ ايويڊنس تي ڊسيشن ڏيندو اهي، مان به اهري طرح ٽيڪنيڪلٽي، اپلائيڊ سائڪلاجي ۽ ذاتي آزمايل طريقن سان ٽپس تيار ڪريان ٿو، جي ڪڏهن لڳندو آهي ته شايد مان ڪنهن جي مُوافقت ۾ آهيان يا وري ڪنهن جي مُخالفت ۾ پر ائين هرگز نه سمجھجو، بس قوم جي نفسيات سمجھان ٿو، توهان جي ڪميونيڪشن ڪري ئي ڪجھه سکان ٿو جنهن کي اسين نفسياتي زبان ۾ ٽرانس چئون ٿا ، ڳالهائي فرد کي ٽريڪ ڪرڻ جي فن کي ٽرانس ڪرڻ چئبو آهي ، جيڪي ڳالهائين ٿا، ڀلي ڪيترو به رموٽ ايڪسس تي هُجن، اُتان ئي لمحن ۾ دوستي ٿي وڃي ٿي جيئن رشيد صاحب سان، ۽لمحن ۾ دُشمي به، جيڪي گُفتن ۾ ٽريپ نٿا ٿين ۽ لنوائي وڃن ٿا، ۽ جهڙا به جواب ڏيان ٿو پر اُن جواثر صرف پازيٽو هوندو آهي علم وڌائڻ علم جي زڪوات آهي، وڌايان ٿو وڪڻان نٿو، اُن ڪري الله سائين مختلف علم مُهنجي ذهن ۾ ٺونسي ڇڏي آهن ، پر ڇا ڪريان ، مُهنجي ڊيٽا آر ايس 323 تحت بٽ باِءِ بٽ ٿي نڪري نه ڪه پيريلل، ڇو جو مضمون ملٽي ڊائريڪشنل آهن ، جنهن جو ذڪر رشيد صاحب جن ڪيوآهن هر مضمون سان اڳتي وڌڻو اهي. سنڌي انگريزي اسپيلن لاءِ معافي، اهي ٽئپو گرافڪ ارر آهن، اگنورر ڪري سگھجھن ٿا ،جي ڳالهه سمجھجي وئي ته ري ايڊٽ ڪندو رهندُس. جزاڪ الله.
جواب: خُدار ..! مُهنجي به ته ٻُڌو..! يار وارو ڪيو اسانجو دوست عبدالرزاق عرف سنڌي ميڊيا ۔۔۔ يا ته اسانکي چريو ڪندو يا وري پاڻ ٿي ويندو ۔۔۔ اهڙي ٽيڪنيڪل زبان استعمال ڪئي اٿس جو جديد علمن جا ڄاڻو ئي سمجهن يا وري نفسياتي ماهر ۔۔۔ باقي پاڻ ته پڙهڻ کانپوءِ به خالي ئي رهياسون ۔۔۔ جي گهڻو سوچينداسون ته ٻه ڳالهيون ٿينديون ۔۔۔ يا ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي يا وري نه ايندي ۔۔۔ جي سمجهه ۾ آئي ته ٺيڪ نه آئي ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته ماڻهون مست ٿي پوندو يا وري ملنگ ۔۔۔ سو ادا في الحال نه ته پاڻکي مست ٿيڻو آهي نه ملنگ ۔۔۔ڳالهه کٽائڻي رب العالمين اوهانجي علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔۔ ۽ اوهانجو دماغ هينگ ٿيڻ کان بچي وڃي ۔۔۔ آمين
جواب: خُدار ..! مُهنجي به ته ٻُڌو..! ادا سائين مست به توهان وٽ آهي، ملنگ به..؟ آخر اهي ڪهڙي ڪم ايندا؟.. اها پرولي ضرور سُلجھائيندا.. اسان جي مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ.