سنڌ جا تعليمي ادار ۽ وفاق

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! ماڻهون چوندا آهن ته قومپرست هروڀرو پاڪستان جي خلاف واويلا ڪندا آهن ۔۔۔ اچو ته هيٺ ڏنل هڪ رپورٽ پڙهون جا خود حڪومت ۽ وفاقي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي آهي ته هو وفاق جي سنڌ سان ٻه اکيائي ڪيئن ثابت پيا ڪن ۔۔۔
    ٻيا سنڌي ادارا ته ٺهيو پر جنهن ملڪ جي تعليمي ادارن جو اهڙو حال هوندو ته پوٌءِ قوم ۾ ترقي ڪيئن ٿيندي ۽ قوم دنيا سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي ڪيئن هلندي ؟؟؟

    حوالو؛
    Thursday, February 18, 2010
    By By our correspondent
    Karachi

    پاڪستان جي گڏيل جامعات جي پڙهائيندڙ اسٽاف جي تنظيم؛
    The Federation of Pakistan Universities Academic Staff Association (FAPUASA)
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اربعا واري ڏينهن مٿئين تنظيم دعوا ڪئي آهي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن Higher Education Commission (HEC) سنڌ جي جامعات جي حقن کي غضب ڪري هٿ چراند ڪري رهي آهي ...

    پاڪستان جي گڏيل جامعات جي پڙهائيندڙ اسٽاف جي تنظيم FAPUASA سنڌ جي صدر جناب پروفيسر بدر سومري، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڏوهي قرار ڏيندي چيو ته ڪميشن سنڌ جي تعليمي ادارن سان ٻه اکيائي ڪندي ٻين صوبن جي جامعات کي ناجائز طور فائدو پهچائي رهي آهي ... ۽ ڌمڪي ڏيندي چيو ته هائر ڪميشن کي پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ استعيفائون ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو ...

    سومري صاحب ان ڳالهه کي به نديندي چيو ته صوبي جو گورنر جامعات جو چانسلر هجڻ بجاءِ ڪنهن پڙهيل لکيل ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ ۽ سياسي نظرين کان مٿاهين انسان کي جامعات جو چانسلر هجڻ کپي ته جيئن غير ضروري حڪومتي اثر کان جامعات آزاد هجن . جامعات ۾ تمام گهڻي سياسي مداخلت ٿي رهي آهي ... جنهن سبب اقربا پروري ۽ سفارشي عمل جاري آهي ...

    ڪراچي يونيورسٽي ٽيچر سوسائٽيءَ (KUTS) جي صدر جناب ڊاڪٽر عابد حسنين مرڪز کي ڏوه ڏيندي چيو ته جڏهن ته مرڪز کي پنهنجن حصن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي ها پر هائر ايجوڪيشن ڪميشن ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهي آهي ... سنڌ صوبي جي جامعات سان اها ٻه اکيائي ڪو سٺو سوڻ ناهي ...

    هن اخباري ادارن کي وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته 2009 ۾ پنجاب کي 1000 اسڪالرشپون ۽ سرحد صوبي کي 600 جڏهن ته سنڌ جي شاگردن کي صرف 60 اسڪالرشپون ڏنيون ويون ... 20 ملين آبادي واري شهر ڪراچيءَ کي وڏي پئماني تي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جنهن ۾ 24000 شاگرد پڙهن ٿا تنهنکي تمام ٿورڙا ۽ اڻپورا وسائل ڏنا ويا ... اها ٻه اکيائي آهي ...

    وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته پاڪستان جي حڪومتي جامعات ۾ جنهن ۾ 8 لک شاگرد داخل آهن، ڪميشن پاران انهن جامعات کي نظر انداز ڪري ۔۔۔ خانگي جامعات کي وڌيڪ سهولتون ۽ ڌيان ڏنو پيو وڃي جڏهن ته انهن جامعات ۾ حڪومتي ادارن جي نسبت تمام ٿورڙا شاگرد پڙهن ٿا ...

    ڪراچي يونيورسٽي ٽيچر سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فياض ويد چيو ته هائر ايجوڪيشن جا ڪرتا ڌرتا بيوريڪريٽس جيڪي ڪميشن جي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنٿا تن جو تعليمي معاملن سان ڪو واسطو ئي ناهي ۽ نه ئي اعلا تعليمي معاملن کي سمجهڻ جي اهليت رکنٿا ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو