janisp
سينيئر رڪن
پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟
انسان جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، ان جي پٺيان هڪ ”ذهن جي ارتقا“ جي صديون پُراڻي ڪهاڻي موجود آهي. اوائلي پٿر جي دور جي انسان جي اڻ ٿڪ پورهئي، مسلسل محنت ۽ ڪوشش بعد اڄ اسان پنهنجو پاڻ کي انسان سڏائيندي فخر محسوس ڪريون ٿا. اهڙي طرح ارتقا جي مرحلي دوران انسان ٻولي جي لاهن چاڙهن ۽ مختلف تجربن کان پوءِ اڄ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي اڻ ڳڻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جڏهن ته اوائلي دور ۾ فقط ”اشارن جي ٻولي“ کان ئي شروعات ٿي، جيڪا پيار ۽ محبت جهڙن ميدانن ۾ انوکي انداز سان اڄ به مشهور آهي، پر ٻولي جي ارتقا ۾ اشارن يعني Sings جي زبان ڪافي اهميت جي حامل آهي. سنڌ جنهن کي هزارن سالن جي پُراڻي تهذيب آهي، جنهن جي ثابتي موهن جي دڙي ۽ لاکين جي دڙي جي کنڊرن ۾ موجود آثارن مان لڳائي سگهجي ٿي. موهن جي دڙي مان مليل نوادرات تي موجود عجيب نشان ان وقت جي ٻولي کي ظاهر ڪن ٿا، اسين موهن جي دڙي جا وارث ان ٻولي جي ارتقا بعد اڄ اهڙي موڙ تي بيٺل آهيون، جتي سنڌي ٻولي جي وجود جي بقا لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهيون، افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته آخر اسين ڇو سنڌي ٻولي کي ايتري اثرائتي ٻولي نٿا بڻايون. ڇا اسان اسيمبلي مان قرادادون پاس ڪرائي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيئي هميشه لاءِ محفوظ ڪري سگهون ٿا؟؟ ان جو جواب يقينن ”نه“ ۾ هوندو، ڇا ڪاڻ ته موهن جي دڙي جي ٻولي لاءِ ته ڪا قراردا پاس نه ٿي هئي. ٻولي کي سانڍڻ جو فقط هڪ طريقو آهي ته ان جا ڳالهائيندڙ ايترا ته تهذيب يافته ٿي وڃن جو ٻين ٻولين جا ڳالهائيندڙ به ڇڪجي اچي سنڌي پڙهن ۽ سکن. انگريزي ٻولي جي اڄڪلهه چرچي جو فقط هڪ ئي راز آهي ته اُن ٻولي جا ڳالهائيندڙ هر ميدان ۾ ايتري ته ترقي ڪري چڪا آهن، جو مجبوراً سموري دنيا کي انگريزي ٻولي سکڻي پئجي رهي آهي. جس هجي شاهه لطيف کي جنهن فارسي ۽ عربي ٻوليون ڄاڻندي به پنهنجي شاعري سنڌي ٻولي ۾ ڪئي، نه ته اڄ هي ٻولي ڪڏهوڪي تاريخ ۾ پڙهي وڃي ها. اچو ته سنڌي هئڻ جي ناتي هر ميدان ۾ ايتري ته ترقي ڪريون جو دنيا رشڪ ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي ۽ پتنگن جيان ڇڪجي سنڌي ٻولي سکي.