پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ janisp طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2010۔

  1. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟
    انسان جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، ان جي پٺيان هڪ ”ذهن جي ارتقا“ جي صديون پُراڻي ڪهاڻي موجود آهي. اوائلي پٿر جي دور جي انسان جي اڻ ٿڪ پورهئي، مسلسل محنت ۽ ڪوشش بعد اڄ اسان پنهنجو پاڻ کي انسان سڏائيندي فخر محسوس ڪريون ٿا. اهڙي طرح ارتقا جي مرحلي دوران انسان ٻولي جي لاهن چاڙهن ۽ مختلف تجربن کان پوءِ اڄ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي اڻ ڳڻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جڏهن ته اوائلي دور ۾ فقط ”اشارن جي ٻولي“ کان ئي شروعات ٿي، جيڪا پيار ۽ محبت جهڙن ميدانن ۾ انوکي انداز سان اڄ به مشهور آهي، پر ٻولي جي ارتقا ۾ اشارن يعني Sings جي زبان ڪافي اهميت جي حامل آهي. سنڌ جنهن کي هزارن سالن جي پُراڻي تهذيب آهي، جنهن جي ثابتي موهن جي دڙي ۽ لاکين جي دڙي جي کنڊرن ۾ موجود آثارن مان لڳائي سگهجي ٿي. موهن جي دڙي مان مليل نوادرات تي موجود عجيب نشان ان وقت جي ٻولي کي ظاهر ڪن ٿا، اسين موهن جي دڙي جا وارث ان ٻولي جي ارتقا بعد اڄ اهڙي موڙ تي بيٺل آهيون، جتي سنڌي ٻولي جي وجود جي بقا لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهيون، افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته آخر اسين ڇو سنڌي ٻولي کي ايتري اثرائتي ٻولي نٿا بڻايون. ڇا اسان اسيمبلي مان قرادادون پاس ڪرائي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيئي هميشه لاءِ محفوظ ڪري سگهون ٿا؟؟ ان جو جواب يقينن ”نه“ ۾ هوندو، ڇا ڪاڻ ته موهن جي دڙي جي ٻولي لاءِ ته ڪا قراردا پاس نه ٿي هئي. ٻولي کي سانڍڻ جو فقط هڪ طريقو آهي ته ان جا ڳالهائيندڙ ايترا ته تهذيب يافته ٿي وڃن جو ٻين ٻولين جا ڳالهائيندڙ به ڇڪجي اچي سنڌي پڙهن ۽ سکن. انگريزي ٻولي جي اڄڪلهه چرچي جو فقط هڪ ئي راز آهي ته اُن ٻولي جا ڳالهائيندڙ هر ميدان ۾ ايتري ته ترقي ڪري چڪا آهن، جو مجبوراً سموري دنيا کي انگريزي ٻولي سکڻي پئجي رهي آهي. جس هجي شاهه لطيف کي جنهن فارسي ۽ عربي ٻوليون ڄاڻندي به پنهنجي شاعري سنڌي ٻولي ۾ ڪئي، نه ته اڄ هي ٻولي ڪڏهوڪي تاريخ ۾ پڙهي وڃي ها. اچو ته سنڌي هئڻ جي ناتي هر ميدان ۾ ايتري ته ترقي ڪريون جو دنيا رشڪ ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي ۽ پتنگن جيان ڇڪجي سنڌي ٻولي سکي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    ڀائڙا اوهانجي ڳالهه بلڪل اکين تي ۔۔۔ ائين ئي ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ پر جيئن ته قومون پنهنجي نسل ۽ زبان کي بچائڻ لئه قومي حڪومتون قائم ڪنديون آهن، انجي واڌ ويجهه لئه ادارا قائم ڪنديون آهن ۔۔۔ ان جي آسودگيءَ لئه ناڻو مخصوص ڪنديون آهن ۔۔۔ ٺيڪ آهي ته اسين ادب ۾ ته ان ٻوليءَ کي زنده رکڻ ۾ ڪامياب به وڃون پر انکي دنيا جي ٻين انسانن جي ڇڪ لئه سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد علمن جو اچڻ ضروري آهي ۔۔۔ ٻي صورت ۾ ٻي قوم جو ماڻهون اوهانجي ٻوليءَ ڏانهن ڇڪجي ڪون ايندو ۔۔۔ انڪري جي ٻولي بچائڻي ۽ وڌائڻي آهي ته معاف ڪجو اوهانکي آزاد ملڪ جي ضرورت پوندي ٻي صورت ۾ اوهانجو ليک هڪ خواب ته سٺو چورائيندو پر عملي طور ڪجهه به نه ۔۔۔
     
  3. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    Ada muhnja sabh khan aag awhan sabhni san muazirat jo he pegham sindhi suratkhati baja-e-roman main likhi rahiyu aahiyan umeed aahay ta hin khay sabh zaroor parhi saghanda .

    Boli khay khas kari sindhi boli khay bachain la kujh tadbeeron karay saghjan thhiyun
    misal tur phiryan ahran dostan ji bio deta thaiyu jin khay in galh ji oun ya fikar aahay
    Phanjan manhun khay aeetru ta parhyau
    jo unhin khay ahsas thay ta parhiyal aen Ann parhiyal jay wich mein keedo farq ahay
    Phanjan idaran ji malki aen vaseelan ji warsi karan ssan Subh kujh bachi veendo
    SINDH SINDHIN JI AAHAY IN JA WARIS SINDHIN KAHY THEYANO PAWANDU
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    دوست محمد پريل، اوهان ته رومن لاپيءَ جي مخالفت ٿا ڪريو، مٿان وري اڄ جا سڀ ليک رومن لاپيءَ ۾ ۔۔۔ عرض ته مهرباني ڪري رائج سنڌي لکندا ته وڏا وڙ ٿيندا ۔۔۔ جڏهن ته اوهان سنڌي لکي سگهوٿا ۔۔۔ اميد ته دل ۾ نه ڪندا ۔۔۔
    shal judy hujeen
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    پنهنجي ٻولي کي ڪيئن بچائجي وارو مضمون ۽ مٿان وري رومن سنڌي ڏسي هڪ قصو ٿو ياد اچي جيڪو مان هت ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان،
    هڪ دفعي ڪن ماڻهن ڪا گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ اهيو موضون رکيو ويو ته (سنڌي ٻولي ۾ انگريزي ٻولي جي استعمال کي ڪيئن روڪجي۔) ۽ پوء
    تقرير ڪرڻ لاء هڪ شخص اٿيو ۽ ان تقرير شروع ڪئي ۽ تقرير جي شروعات ۾ ئي چيائين ته مائي ڊيئر فرينڊس My dear friends جيئن ته منهنجن ڀائرن اڄ اهيو عنوان رکيو آهي ته سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وقت انگريزي ٻولي جي استعمال کي ڪيئن روڪجي، ۽ پوء ان عنوان تي ڏه منٽ ڳالهايائو۔

    جڏهن هن شخص تقرير ختم ڪئي ۽ هڪ ٻيو شخص تقرير لاء اٿيو ۽ ان اٿندي ئي اهيو چيو ته منهنجا ڀائرو جڏهن ته مون کان پهرين جنهن دوست تقرير ڪئي ، ان پڻ سنڌي ٻولي ۾ لفظ مائي ڊيئر فرينڊس My dear friends استعمال ڪيو جڏهن ته ان دوست کي اهيو الفاظ يوز use نه ڪرڻ کپي هان ۽ پوء ان به ڏه کان پندرنهن منٽ تقرير ڪئي،
    ان کان پوء ٽيون شخص اٿيو ۽ ان وري پوئين تقرير ڪندڙن لاء چيو ته """ــــــ منهنجا مهمانگرامي صاحبو جيئن ته منهنجي پهرين دوست ۽ ٻئين دوست سنڌي جي تقرير ڪندي انگريزي جا ورڊس Words پڻ استعمال ڪيا آهن، ۽ اهڙي ريت ان شخص به پنهنجا ڏه منٽ پورا ڪيا،
    آيو چوٿون شخص تقرير لاء ۽ ان اچڻ شرط اهيو چيو ته ڀائرو هت نج سنڌي ٻولي ڳالهائڻ لاء ڪير به ايگري Agree ڪونهي سو ان عنوان کي اتي ٿا اينڊ End ڪيونس،
    سو ادا اها ڳالهه ڪيو ڇو ٿا جيڪا پاڻ به ڪو نه ٿا ڪريو، منهنجا ڀائرو ڪجهه پاڻ تي ۽ سنڌي ٻولي تي رحم ڪريو،
    باقي مان ٻيو ڪجهه نه چوندس۔
     
  6. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    محترم نثار ابڙو صاحب ۽ ممتاز علي وگهيـ صاحب
    سڀ کان پهريان اوهان ٻنهي سڄڻن تي واضع ڪريان آئون اوهان جي را۽ سان 100 سيڪڙو متفق آهيان تـ سنڌي کي سنڌي رائج رسم الخط ۾ لکجي جئين ٻولي جي سونهـ ۽ سڀيتا قائم ۽ دائم رهي . ڪنهن بـ طرح سان ٻئي رسم الخط جو قائل ئي نـ آهيان .
    رومن ۾ لکڻ کان اڳ معذرت پڻ لکيل آهي جيڪا شايد اوهان جي نظر مان گذري هوندي.
    در حقيقت جنهن وقت لکڻ جي ڪوشش ڪئي الائي ڇو سنڌي اسڪرپٽ ڪم ڪون پي ڪيو جنهن ڪري رومن ۾ تحرير ڪيو.
    مخالفت وسطي1 مخالفت ڪرڻ جو آئون عادي ئي ڪونـ آهيان .
    جيڪڏهن منهنجي اڳين تحرير تي نگاه وجهندو تـ رومن جي مخالفت ڪئي آهي .
    ڪنهن نفرت يا ڪُند فهمي ِ ڪُند ذهني جي ڪري نـ پر ان ڪري تـ جهڙي صورت خطي سنڌي ٻولي کي آهي اهڙي ڪنهن بـ ٻئي ٻولي کي ڪانهي. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهيو آهي سنڌي عربي صورت خطي تان ورتي وئي آهي . الله رب العزت جو پاڪ ڪتاب قران ڪريم عربي ۾ آهي جنهنڪري جيڪو بـ شخص قران پاڪ پڙهي سگهي ثو اهو سنڌي کي سولي ۽ آسان نموني سان پڙهي وڃي ٿو .
    جنهنڪري اسين سنڌي خوش نصيب آهيون تـ اسان جون اُهي مائرون ، نانيون ، ڏاڏيون جيڪي ڪنهن بـ اسڪول يا مڪتب ۾ تـ ڪونـ پڙهيون هيون پر پنهنجي گهر جي ڀر پاسي ۾ ڪنهن اُستاد آخوندياڻي وٽ صرف ڪلام الله پڙهيو هو سي اڪثر ڪري سنڌي اخبار پڙهي وينديون آهن البتـ جتي لکيل هوندو آهي تـ باقي خبر صفعي نمبر 4،6،8،2، تي ڌسندا تـ اخبار کي ويهڙي وهاڻي هيٺان رکي ڇڏينديون آهن ڇو جو اسان جي ان امڙ کي انگن جي سڃاڻپ ڪانهي .
    سو سائين منهنجا سنڌي صورتخطي کي ڇڏي ڪٿي ٿا a b c d e f جو رينگٽ الاپيون ۽ سنڌي کي رومن ۾ لکون . اميد ۽ دل جا۽ رکو تـ ٻن ٻيڙين ۾ نـ چڙهيا آهيون ۽ نـ وري خواب ڏٺو آهي.
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    مهرباني دوست، محمد پريل! اوهانجهڙن سڄاڻ ۽ قابل دوستن مان اها ئي اميد آهي ۔۔۔ اوهان جيڪا سنڌي ٻوليءَ کي قرآن جي ٻوليءَ سان ڀيٽ ڪئي آهي، هڪ مسلمان جي حيثيت سان انجو قائل آءُ به آهيان ته قرآن پڙهڻ وارا سنڌي به آسانيءَ سان پڙهي وٺن ٿا يا وري سنڌي پڙهيل قرآن شريف پڻ آسانيءَ سان پڙهي سگهنٿا ۔۔۔
    ٻي ڳالهه ته اسانجو هندو سنڌي پڻ ان عربي/فارسي لاپيءَ کي پسند ڪنٿا، ڇاڪاڻ ته ان لاپيءَ کي رائج ٿئي ڪو گهٽ عرصو ناهي ٿيو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيتريون به پريسون هيون سي سڀ هندو سنڌين جون هيون ۽ جيترو ڇاپو ان دور ۾ ٿيو سو سڀ عربي فارس لاپيءَ ۾ ئي ٿيو هو ۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر اسانجا سهڻا دوست، پريل صاحب ڳالهه سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي مهرباني ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن بچائجي؟

    تواهان هڪ تمام سٺو مثال پيش ڪيو آهي پر سب کان سنڌي ٻولي کي خترو سنڌ ۾ موجود خانگي اسڪولن مان آهي جن ۾ سنڌي ڪون پڙائي وڃي ٿي ۽ نه وري ٻارن کي تاريخي معلومات ڏني وڃي ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو