• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اعلان هزارين مان نه رڳو

جواب: اعلان هزارين مان نه رڳو

ها ادا
پنجاب وارا هاڻ يزيد وارا ڪم ڪريو ويٺا آهن
 
جواب: اعلان هزارين مان نه رڳو

۽ آخر ڪار سنڌ جي اهڙي سخت احتجاج کان پوءِ پنجاب پنهنجي هٽ ڌرمي تان لهڻ تي مجبور ٿي پيو۔۔۔ ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪيو ويو۔۔۔

ڪجهه غيرن جو خيال آهي ته سنڌي اخبارون ۽ ميڊيا هڙتالن واري خبرن سان ڀريل رهندي آهي۔۔۔۔ ۽ سنڌي ماڻهون گهر جي ڪڪڙ چورائجي وڃڻ تي به احتجاج ڪندا آهن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سندن روز روز جي احتجاج کي روٽين سمجهي نظر انداز ڪيو ويندو آهي۔۔۔

پر هن احتجاج جنهن کي اردو ميڊيا ايترو سپورٽ پڻ نه ڏني هئي ۔۔۔ هڻي هنڌ ڪيو ۽ غيرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون۔۔۔ هاڻي سوال اهي آهن ته۔۔۔
ڇا اسان کي سمورن مسئلن لاءِ هر وقت احتجاج احتجاج ئي ڪرڻو پوندو ۔۔۔۔؟
ڇا اسان جو آواز بغير احتجاج ڪرڻ جي اسيمبلي جي ايوانن تائين نه پهچندو۔۔۔؟
چشمه جهلم لنڪ ڪئنال منجهان جيڪو غير قانوني طور 13000 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کنيو ۔۔ڇا اهو پاڻي سنڌ کي واپس ملندو۔۔۔؟
پنجاب جي وڏي وزير بغير پنجاب جي احتجاج جي سنڌ سان ناحقي ڪندي جڏهن چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ۽ اسان جي وڏي وزير مفاهمتي پاليسي جي ڳالهه ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ان ناانصافي کي نظر انداز ڪيو۔۔۔ ڇا اهو سڀ ڪجهه اهڙي ئي طرح جاري رهندو۔۔۔؟
 
جواب: اعلان هزارين مان نه رڳو

هاڻي سوال اهي آهن ته۔۔۔
ڇا اسان کي سمورن مسئلن لاءِ هر وقت احتجاج احتجاج ئي ڪرڻو پوندو ۔۔۔۔؟
جي ها ۔۔۔ شايد اڳتي هلي احتجاج کان به اڳڀرو ٿي ڪجهه ڪرڻو پوندو ۔۔۔ چور چوري ڪرڻ کان باز نه ايندا ته آخر دانهون ڪيستائين ۔۔۔ آخري قدم کڻڻ تي مجبور ٿي اڳڀرو ٿيڻو پوندو ۔۔

ڇا اسان جو آواز بغير احتجاج ڪرڻ جي اسيمبلي جي ايوانن تائين نه پهچندو۔۔۔؟
جنکي اسين ايوانن تائين پهچائيندا آهيون سي چورن جا يار ئي ته هوندا آهن بلڪه پاڻ اڃان وڌيڪ اڳتي ٿي ڌاڙيل ٿي پوندا آهن ۔۔۔

چشمه جهلم لنڪ ڪئنال منجهان جيڪو غير قانوني طور 13000 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کنيو ۔۔ڇا اهو پاڻي سنڌ کي واپس ملندو۔۔۔؟
نه ملندو ۔۔۔ چور چوري ڪري حضم ڪري ويو ۔۔۔ اوڳرائي به نه ڏنائين ۔۔۔ ڪير آهي اهڙو مڙس جو حضم ڪيل چوري سڳ سوڌو واپس ڪرائي؟

پنجاب جي وڏي وزير بغير پنجاب جي احتجاج جي سنڌ سان ناحقي ڪندي جڏهن چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ۽ اسان جي وڏي وزير مفاهمتي پاليسي جي ڳالهه ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ان ناانصافي کي نظر انداز ڪيو۔۔۔ ڇا اهو سڀ ڪجهه اهڙي ئي طرح جاري رهندو۔۔۔؟
جي ها ۔۔۔جي اسانجا محسن ئي اسانجا دشمن ٿيندا، جي اسانجا دوست ئي اسانجي پٺيءَ ۾ ڪاتي هڻدا ته ايئن ئي ٿيندو رهندو ۔۔۔ انجو ڏوهه انهن تي ناهي ۔۔۔ اهو ڏوهه اسانجو آهي جو اسين غلط ۽ ناڪاره ماڻهن کي پنهنجو محسن ۽ دوست سمجهي ويهندا آهيون ۔۔۔

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top