جواب: اعلان هزارين مان نه رڳو
۽ آخر ڪار سنڌ جي اهڙي سخت احتجاج کان پوءِ پنجاب پنهنجي هٽ ڌرمي تان لهڻ تي مجبور ٿي پيو۔۔۔ ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪيو ويو۔۔۔
ڪجهه غيرن جو خيال آهي ته سنڌي اخبارون ۽ ميڊيا هڙتالن واري خبرن سان ڀريل رهندي آهي۔۔۔۔ ۽ سنڌي ماڻهون گهر جي ڪڪڙ چورائجي وڃڻ تي به احتجاج ڪندا آهن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سندن روز روز جي احتجاج کي روٽين سمجهي نظر انداز ڪيو ويندو آهي۔۔۔
پر هن احتجاج جنهن کي اردو ميڊيا ايترو سپورٽ پڻ نه ڏني هئي ۔۔۔ هڻي هنڌ ڪيو ۽ غيرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون۔۔۔ هاڻي سوال اهي آهن ته۔۔۔
ڇا اسان کي سمورن مسئلن لاءِ هر وقت احتجاج احتجاج ئي ڪرڻو پوندو ۔۔۔۔؟
ڇا اسان جو آواز بغير احتجاج ڪرڻ جي اسيمبلي جي ايوانن تائين نه پهچندو۔۔۔؟
چشمه جهلم لنڪ ڪئنال منجهان جيڪو غير قانوني طور 13000 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کنيو ۔۔ڇا اهو پاڻي سنڌ کي واپس ملندو۔۔۔؟
پنجاب جي وڏي وزير بغير پنجاب جي احتجاج جي سنڌ سان ناحقي ڪندي جڏهن چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ۽ اسان جي وڏي وزير مفاهمتي پاليسي جي ڳالهه ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ان ناانصافي کي نظر انداز ڪيو۔۔۔ ڇا اهو سڀ ڪجهه اهڙي ئي طرح جاري رهندو۔۔۔؟