• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 14 سيپٽمبر تاريخ جي دري ۾

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄوڪي ڏينهن 14 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

14 سيپٽمبر 1822ع شاعر ’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي جي ولادت ٿي.
14 سيپٽمبر 1896ع مشھور صوفي شاعر ڇتو فقير سانگي جي ولادت ٿي.
14 سيپٽمبر 1922ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي سراج الحق مفتي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1923ع نامياري قانوندان ۽ بيباڪ سياستدان رام ڄيٺ ملاڻي جي شڪارپور ۾ پيدائش ٿي.
14 سيپٽمبر 1928ع شاعر ڄيٺانند طب (حيدر آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي گورنر ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1936ع مشھور اديب، عنبر چغتائي جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1940ع نامياري قانوندان ۽ ھاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس رٽائرڊ حامد علي مرزا جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1949ع سياستدان پير مظهرالحق جو جنم ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1952ع نامياري شاعر علي گل سانگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1953ع قومي ڪارڪن، استاد ۽ سماجي ورڪر عبدالڪريم چانڊيو (سچل ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1957ع مشهور شاعر آسي زميني (ٽنڊو قيصر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1962ع سياستدان سيد جلال محمود شاھ جو جنم ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1962ع صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماجي ورڪر ادريس جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1965ع لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي ۽ سماجي ورڪر سيد جاويد علي شاھہ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1966ع تي منصور رياض منگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1970ع تي نامور صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو ڳوٺ سيتا وليج ضلعي دادو ۾ ڄائو.
14 سيپٽمبر 1975ع شاعر گل حسن ساگر جو جنم ڏينهن آهي.
14 سيپٽمبر 1983ع فنڪار ۽ اسٽيج اداڪار، بشير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

14 سيپٽمبر 1966ع شاعر رئيس ضياء الدين ايس بلبل جو لاڏاڻو ٿيو.
14 سيپٽمبر 1993ع محقق ۽ تعليمي ماھر پروفيسر ممتاز حسين پٺاڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
14 سيپٽمبر 2004ع ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي جو انتقال ٿيو.
14 سيپٽمبر 2013ع نامياري اديب، مترجم، ڪھاڻيڪار ۽ استاد زيب ڀٽيءَ جو انتقال ٿيو.

واقعا

796ع – پنهنجي ڀاءُ الهادي جي وفات کان پوءِ هارون رشيد عباسي خلافت جي تخت تي ويٺو.
1857ع تي 13 ۽ 14 سيپٽمبر جي وچ واري رات، ’رامدن پانڊي‘ جي ساٿين کي ايمپريس مارڪيٽ واري جڳھہ تي، خالي ميدان ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. جڏهن تہ رامدن پانڊي ۽ سندس 3 ساٿين کي، توپن جي منھن سان ٻڌي اڏايو ويو.
1948ع – خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو.
1914ع – آسٽريلوي روئل نيوي جو پهريون آبدوز سمنڊ ۾ تباھہ ٿي ويو، تباھ ٿيل آبدوز جا باقيات 2017ع تي لڌا ويا.
1960ع – تيل برآمد ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ قائم ٿي.
1967ع – پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن قائم ڪئي.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top