ناميارو قانوندان ۽ بيباڪ سياستدان رام ڄيٺملاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    ڏُک واري خبر آھي تہ سنڌ ھند جو وڏو قانوندان، بيباڪ سياستدان، ڏاھو، سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليء سان بي انتھا پيار ڪندڙ ھندستان جو اڳوڻو وزير قانون دادا رام ڄيٺملاڻي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي.

    رام ڄيٺملاڻي 14 سيپٽمبر 1923ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو. هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ 17 سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. جيئن ته ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد 21 سال هئي، پر هن جي ڪري هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌ جو سڀ کان ننڍو وڪيل بڻجي ويو.
    رامڄيٺملاڻيءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جـو آغـاز هڪ اسـتـاد جي حيـثيـت ۾ ڪيـو. اُن بعد هن پنهنجي دوست ۽ اڳوڻي وزير قانون اي. ڪي. بروهيءَ سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ هڪ قانوني فرم جو بنياد وڌو. پاڪستان جي قيام بعد فبروري 1948ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، جنهنڪري رام ڄيٺملاڻي، اي. ڪي بروهيءَ جي مشوري سان ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1953ع ڌاري هو گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ جو پروفيسر ٿيو، جتي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي پڙهائيندو هو. هو 4 دفعا ڀارت جي بار ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو.
    رام ڄيٺملاڻي 1971ع ڌاري باقاعدي سياست ۾ قدم رکيو. 1971ع ۾ ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي سهڪار سان الهاس نگر مان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هي ڇهين ۽ ستين لوڪ سڀا ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1975ع کان 1977ع تائين ملڪ ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ جي دور ۾ هندستان جي بار ائسوسيئيشن جو صدر رهيو.
    هن ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم انڌرا گانڌيءَ سان سخت اختلاف رکيا ۽ کيس تنقيد جو نشانو بنايو، ان ڪري ڪجهه وقت جيل ۾ رهيو. جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪئناڊا هليو ويو ۽ اٽڪل ڏهن مهينن کان پوءِ ملڪ موٽي آيو.
    1980ع جي عام چونڊن ۾ بمبئي اتر اولهه واري تڪ تان چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو ۽ 1988ع ۾ راجيه سڀا جو ميمبر بڻيو، 1996ع ۾ وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ جي دؤر ۾ قانون جو وزير رهيو ۽ بعد ۾ اربن ڊيولپمينٽ کاتي جو قلمدان سنڀاليائين. 1996ع ۾ عالمي بار ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ رهيو. آڪٽوبر 1998ع ۾ ٻيهر وزير ٿيو. 2004ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طؤر لکنؤ مان اٽل بهاري واجپائيءَ جي مقابلي ۾ بيٺو، پر ٻين پارٽين جي عدم سهڪار سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو. 2010ع ۾ ڀارتيا جنتا پارٽيءَ (BJP) جي ٽڪيٽ تي راجسٿان رياست مان راجيه سڀا جي ميمبر طور ڪامياب ٿيو. 7 مئي 2010ع تي کيس انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو.
    رام ڄيٺملاڻيءَ کي سـندس سماجي ۽ ملڪي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ سندون مليل آهن، جن ۾:

    · (1) ’انٽرنيشنل جيوريسٽ‘ اوارڊ‘
    · (2) ’ورلڊ پيس ٿرو لا‘
    · (3) هيومن رائيٽس اوارڊ (جيڪو کيس فلپائين ۾ آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي مليو).

    سندس ڪجھ مشھور ڪتاب آهن:

    · (1) Conscience of Maverick (2007)
    · (2) Big Egos, Small Men
    · رام ڄيـٺمـلاڻيءَ جي سوانح حيات جي باري ۾ ’نالين گيرا‘ جو ڪتاب: ’Biography: Ram Jethmalani‘ پڻ ڇپيل آهي.

    شري رام ڄيٺ ملاڻي، پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ھيو تہ ”جڏهن سنڌ صرف سنڌين جي هئي تہ جڏهن ڪنهن مسلمان سنڌي جو مرڻو يا پرڻو ٿيندو هو تہ انهن جو سب خرچ سنڌي هِندو ڪندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن هندو سنڌي جو مرڻو يا پرڻو هوندو هو تہ انهي جو خرچ مسلمان سنڌي ڪندا هئا...“
    رام ڄيٺملاڻي 8 سيپٽمبر 2019ع تي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

    [​IMG]
    رام ڄيٺملاڻي ۽ رام جوھراڻي​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ مهان سنڌي سپوت جي موڪلاڻي

    شوڪت حسين شورو

    اھي سنڌي جن پنھنجي ذھانت ۽ محنت سان سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو، تن ۾ رام ڄيٺملاڻي ھڪ جينئس شخص ھو. پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ کان ھند جھڙي وڏي ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو قانون جو ماھر ۽ وڪيل ھڪ سنڌيءَ کي ليکيو وڃي، اھو اعزاز ملڻ سڄي دنيا جي سنڌين جي لاءِ فخر جو ڪارڻ آھي. رام ڄيٺملاڻي وڏي وڪيل ھجڻ سان گڏ تقرير ڪرڻ جو بادشاھ ۽ ھڪ اھڙو دانشور ھو جيڪو ڪھڙي به طاقتور شخص يا ڌر کي سچ چئي ڏيڻ ۾ ذرو به نه ڪيٻائيندو ھو. ھو جنھن سياسي جماعت ۾ شامل ھوندو ھو، ان جي اڳواڻن جي غلطين تي به تنقيد ڪندو ھو، جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا کيس نه رڳو وزارتن تان ھٽايو ويو پر سندس پارٽي ميمبرشپ کي به عارضي طور ختم ڪيو ويو. سچ چوڻ واري ھن قلندر شخص انھن ڳالھين جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي.
    رام ڄيٺملاڻي جي وڪالت جي في ھند جي سڀني وڪيلن کان وڌيڪ ڳري ھئي، پر جڏھن به سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي تي ڏکيو وقت آيو ته ھو پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري ڪيس وڙھيو. ھونئن ته گھڻائي سنڌي ارب پتي بلڪه کرب پتي آھن، پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان ھنن جو لڳاءُ نه ھجڻ جي برابر آھي. مون فقط ٻه اھڙا شاھوڪار شخص ڏٺا جن کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان عشق ھو، جن ڪڇ ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ٺاھڻ کان وٺي سنڌي رسالن جي مالي مدد، ڪلچرل سرگرمين لاءِ خرچ جا پئسا ڏنا. اھي ھئا مورج منگھناڻي ۽ رام ڄيٺملاڻي، جيڪي ٻئي ھن ئي سال پرلوڪ پڌاري ويا. دنيا جا خاص طور ھند جا سنڌي يتيم ۽ لاوارث بڻجي ويا.
    رام ڄيـملاڻي سنڌ ڄائو ھو. سندس تڙ ڏاڏو ڄيٺمل، جنھن تان سندن آڪھ ڄيٺملاڻي سڏجڻ لڳي، سنڌ جي ھڪ اھم شخصيت ھو. ھن کي مير حاڪمن طرفان شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو ويو ھو. رام ڄيٺملاڻي جو جنم 14 سيپٽيمبر 1923 ۾ ان ئي خوبصورت شھر ۾ ٿيو ھو جنھن کي سنڌ جو پئرس سڏيو ويندو ھو، جنھن شھر مان دنيا جي بئنڪنگ سسٽم ھنڊي جو بنياد پيو ھو، جنھن شھر ۾ سامي، شيخ اياز، شھيد الھ بخش سومري جھڙين شخصيتن جنم ورتو ھو. شيخ اياز ۽ رام ڄيٺملاڻي ساڳئي سال ۾ جنم وٺندڙ ھم ڪلاسي پڻ ھئا. رام ڄيٺملاڻي شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول ۽ سنڌ ماڊل اسڪول کان پوءِ سي اينڊ ايس ڪاليج (چيلارام سيتلداس ڪاليج) مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ آيو ۽ ڊي . جي سنڌ ڪاليج مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ شاھاڻي لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪيائين. رام ڄيٺملاڻي پڙھائي ۾ ايترو ھوشيار ھو جو کيس ٽي دفعا ڊبل پروموشن ڏئي مٿين ڪلاسن ۾ داخل ڪيو ويو ھو. ان ڪري ھن جڏھن بامبي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو ڏکيو امتحان پاس ڪيو ته سندس عمر 13 سال ھئي. ھن جڏھن ايل ايل بي ڪئي ته سندس عمر 17 سال ھئي. قاعدي موجب ان وقت بار جي ميمبر بڻجڻ لاءِ 21 سال عمر گھربل ھئي. رام ڄيٺملاڻي زندگي جو پھريون ڪيس پنھنجي لاءِ وڙھيـو. ھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي انگريز چيف جسٽس کي ان پابندي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. سندس ذھانت کي نظر ۾ رکندي ڪورٽ قاعدي ۾ تبديلي آندي ۽ رام کي بار جو ميمبر بڻايو ويو. رام ڄيٺملاڻي وڪالت سان گڏ لا ڪاليج ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو. ھن بامبي يونيورسٽي مان ايل ايل ايم پڻ ڪئي. ھن اي ڪي بروھي سان گڏجي ڪراچي ۾ ھڪ لا فرم جو بنياد وڌو. اي ڪي بروھي کانئس 7 سال سينيئر ھو.
    رام ڄيٺملاڻي 18 سالن جي عمر ۾ مائٽن جي مرضي رکندي درگا سان شادي ڪئي. 1948 ۾ ھن ڪراچي جي خاتون وڪيل رتنا شھاڻي سان پيار جي شادي ڪئي. جيتوڻيڪ ھندو رواج موجب ٻي شادي جي اجازت ڪانه ھئي، پر پاڪستان جي قانون موجب اجازت ھجڻ سبب رام جي لاءِ ڪو مسئلو نه ٿيو. درگا مان کيس ٻه ڌيئر راڻي، شوڀا ۽ ھڪ پٽ مھيش ڄاوا. رتنا مان ھڪ پٽ جنڪ ڄائو. مھيش ۽ راڻِي، پيءُ جي پيروي ڪندي وڪيل بڻيا ۽ ھن وقت سپريم ڪورٽ جي سطح جا سٺا وڪيل آھن.
    ورھاڱو ٿيو ته رام ڄيٺملاڻي سنڌ مان لڏڻ کان انڪار ڪيو. 1948 ۾ مھاجرن ڪراچي ۾ ھندن جي خلاف فساد شروع ڪيا. اي ڪي بروھي رام ڄيٺملاڻي کي مشورو ڏنو ته حالتون خراب آھن، ان ڪري في الحال انڊيا ھليو وڃ. رام ڏکويل دل سان سنڌ کان موڪلاڻي ڪري انڊيا ۾ پناھگيرن لاءِ ٺاھيل ڪلياڻ ڪئمپ ۾ اچي رھيو. ھن اتي پھريون ڪيس مھاراشٽرا جي ان وقت جي وزير اعليٰ مرار جي ڊيسائي خلاف وڙھيو، جنھن بامبي رفيوجي ائڪٽ نافذ ڪيو ھو. ان ائڪٽ تحت سنڌ مان لڏي آيل پناھگيرن سان ڏوھارين جھڙو غير انساني سلوڪ روا رکيو ويو ھو. ھنن کي ڪنھن به وقت ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ موڪلڻ يا مرڳو مھاراشٽرا مان نيڪالي ڏيڻ جا اختيار حاصل ٿيل ھئا. رام ڄيٺملاڻي بامبي ھاءِ ڪورٽ ۾ ان ائڪٽ خلاف ڪيس وڙھيو ۽ سنڌين جي حق ۾ فيصلو ٿيو. رام وڪالت سان گڏ گورنمنٽ لا ڪاليج ۾ پڙھائڻ لڳو. ھن ڪجھ وقت لاءِ آمريڪا ۾ ڊيٽرائٽ مشي گن جي اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل لا پڻ پڙھايو. ھو بار ڪائونسل آف انڊيا جو چار ڀيرا چيئرمين چونڊيو ويو. ھن انڊيا جا ڪيترائي مشھور ڪيس وڙھيا. ھن جو پھريون وڏو ڪيس ڪمانڊر ناناوتي جي خلاف قتل جو ھو. ڪاواس ماڻڪ شا ناناوتي نيوي ۾ ڪمانڊر ھو. ھن جي خوبصورت زال سلويا جا ھڪ سنڌي نوجوان واپاري پريم آھوجا سان لاڳاپا ھئا. ڪمانڊر ناناوتي پريم جو خون ڪيو. رام ڄيٺملاڻي اسٽيٽ طرفان وڪيل ھو. ھن ناناوتي کي ڦاسي جي سزا ڏياري جيڪا پوءِ مھاراشٽرا جي گورنر وجيه لڪشمي پنڊت معاف ڪئي. رام ڄيٺملاڻي ڪيترن سمگلرن جھڙوڪ حاجي مستان وغيرہ جا ڪيس وڙھي کين آزاد ڪرايو، جنھن ڪري مٿس سمگلرن جي وڪيل ھجڻ جو نالو پئجي ويو. پر رام جو چوڻ ھو ته ھڪ وڪيل جي حيثيت سان ھو ڪنھن جو به ڪيس وڙھي سگھيو ٿي. انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌي کي سندس ٻن سک سيڪيورٽي گارڊن گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو. رام ڄيٺملاڻي انھن مان ھڪ سک بلبير سنگھ جو وڪيل ھو. ھو راجيو گانڌي جي قاتلن جو پڻ وڪيل ھو.
    رام ڄيٺملاڻي سياست ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن اندرا گانڌي جي نافذ ڪيل ايمرجنسي تي سخت تنقيد ڪئي، جنھن ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا. ھو ڪئناڊا ھليو ويو جتان ايمرجنسي ختم ٿيڻ کان پوءِ موٽي آيو. ھو ٻه ڀيرا اليڪشن ۾ سوڀارو بڻجي لوڪ سڀا جو ميمبر بڻيو. اھڙي ريت راجيه سڀا جو به ٻه ڀيرا ميمبر ٿيو. ھن وزير قانون جو عھدو پڻ ماڻيو. پر پنھنجي پارٽي بي جي پي جي اڳواڻن تي تنقيد ڪرڻ کان ڪڏھن نه مڙيو.
    انڊيا ۾ سنڌي لپي بابت تڪرار ھلندو رھيو آھي. عربي، سنڌي ۽ ديوناگري لپي جي ان تڪرار ۾ رام ڄيٺملاڻي عربي – سنڌي لپي جو حامي ھو. جڏھن سرڪار تعليمي ادارن ۾ عربي – سنڌي لپي بدران ديوناگري لپي رائج ڪئي ته رام ڄيٺملاڻي ان فيصلي کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ۽ عربي – سنڌي لپي کي به تسليم ڪرايو. وري ٻئي ڀيري ڪجھ ھندو انتھا پسندن سپريم ڪورٽ آف انڊيا ۾ ڪيس داخل ڪيو ته ٽئگور جي لکيل قومي تراني مان سنڌ لفظ ڪڍيو وڃي. رام ڄيٺملاڻي اھو ڪيس به وڙھيو ۽ دليل ڏنا ته ھندستان ۾ سنڌو تھذيب جو سج سنڌ ۾ اڀريو ھو ۽ سنڌ، سنڌين جو اباڻو وطن آھي، ان جو نالو قائم رھڻ کپي. سپريم ڪورٽ انھن دليلن جي بنياد تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
    رام ڄيٺملاڻي جيڪو سڄي دنيا جي سنڌين جو ڀرجھلو ھو، تنھن جو لاڏاڻو ھڪ اھڙو نقصان آھي جنھن جو ازالو ممڪن ئي ڪونھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو