
ڏُک واري خبر آھي تہ سنڌ ھند جو وڏو قانوندان، بيباڪ سياستدان، ڏاھو، سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليء سان بي انتھا پيار ڪندڙ ھندستان جو اڳوڻو وزير قانون دادا رام ڄيٺملاڻي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي.
رام ڄيٺملاڻي 14 سيپٽمبر 1923ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو. هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ 17 سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. جيئن ته ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد 21 سال هئي، پر هن جي ڪري هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌ جو سڀ کان ننڍو وڪيل بڻجي ويو.
رامڄيٺملاڻيءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جـو آغـاز هڪ اسـتـاد جي حيـثيـت ۾ ڪيـو. اُن بعد هن پنهنجي دوست ۽ اڳوڻي وزير قانون اي. ڪي. بروهيءَ سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ هڪ قانوني فرم جو بنياد وڌو. پاڪستان جي قيام بعد فبروري 1948ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، جنهنڪري رام ڄيٺملاڻي، اي. ڪي بروهيءَ جي مشوري سان ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1953ع ڌاري هو گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ جو پروفيسر ٿيو، جتي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي پڙهائيندو هو. هو 4 دفعا ڀارت جي بار ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو.
رام ڄيٺملاڻي 1971ع ڌاري باقاعدي سياست ۾ قدم رکيو. 1971ع ۾ ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي سهڪار سان الهاس نگر مان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هي ڇهين ۽ ستين لوڪ سڀا ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1975ع کان 1977ع تائين ملڪ ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ جي دور ۾ هندستان جي بار ائسوسيئيشن جو صدر رهيو.
هن ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم انڌرا گانڌيءَ سان سخت اختلاف رکيا ۽ کيس تنقيد جو نشانو بنايو، ان ڪري ڪجهه وقت جيل ۾ رهيو. جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪئناڊا هليو ويو ۽ اٽڪل ڏهن مهينن کان پوءِ ملڪ موٽي آيو.
1980ع جي عام چونڊن ۾ بمبئي اتر اولهه واري تڪ تان چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو ۽ 1988ع ۾ راجيه سڀا جو ميمبر بڻيو، 1996ع ۾ وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ جي دؤر ۾ قانون جو وزير رهيو ۽ بعد ۾ اربن ڊيولپمينٽ کاتي جو قلمدان سنڀاليائين. 1996ع ۾ عالمي بار ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ رهيو. آڪٽوبر 1998ع ۾ ٻيهر وزير ٿيو. 2004ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طؤر لکنؤ مان اٽل بهاري واجپائيءَ جي مقابلي ۾ بيٺو، پر ٻين پارٽين جي عدم سهڪار سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو. 2010ع ۾ ڀارتيا جنتا پارٽيءَ (BJP) جي ٽڪيٽ تي راجسٿان رياست مان راجيه سڀا جي ميمبر طور ڪامياب ٿيو. 7 مئي 2010ع تي کيس انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو.
رام ڄيٺملاڻيءَ کي سـندس سماجي ۽ ملڪي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ سندون مليل آهن، جن ۾:
· (1) ’انٽرنيشنل جيوريسٽ‘ اوارڊ‘
· (2) ’ورلڊ پيس ٿرو لا‘
· (3) هيومن رائيٽس اوارڊ (جيڪو کيس فلپائين ۾ آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي مليو).
سندس ڪجھ مشھور ڪتاب آهن:
· (1) Conscience of Maverick (2007)
· (2) Big Egos, Small Men
· رام ڄيـٺمـلاڻيءَ جي سوانح حيات جي باري ۾ ’نالين گيرا‘ جو ڪتاب: ’Biography: Ram Jethmalani‘ پڻ ڇپيل آهي.
شري رام ڄيٺ ملاڻي، پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ھيو تہ ”جڏهن سنڌ صرف سنڌين جي هئي تہ جڏهن ڪنهن مسلمان سنڌي جو مرڻو يا پرڻو ٿيندو هو تہ انهن جو سب خرچ سنڌي هِندو ڪندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن هندو سنڌي جو مرڻو يا پرڻو هوندو هو تہ انهي جو خرچ مسلمان سنڌي ڪندا هئا...“
رام ڄيٺملاڻي 8 سيپٽمبر 2019ع تي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

رام ڄيٺملاڻي ۽ رام جوھراڻي