نثارناز
سينيئر رڪن
عورتن تي تشدد جي خلاف ۽ جمهوريت ئي صحيح طرز حُڪمراني واري ٻن مختلف موضعن تي ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران سيمينار واري تقريب جو اکين ڏٺو احوال:
پيارا ساري دنيا جا سنڌيو: ڪالهه بهراڻي پاڙي ۽ بختاورڪالوني ٽنڊومحمد خان جي اجرڪن جي ڪارخاني واري اڱڻ تي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان اداره ايس پي او جي سهڪار سان 1. عورتن تي تشدد جي خلاف 2. جهموريت ئي صحيح طرز حڪمراني وارن ٻن مختلف موضعن تي هڪ رنگا رنگي سيمينار ڪوٺايو ويو. ان سيمينار جي دعوت محترمه شبانه امتياز صاحبه پاڻ ذاتي طوتي مونکي سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان ڏيئي وئي. ڪافي سارن ڪمن ڪارين جي باوجود ان ۾ شرڪت ضروري ڄاتم. ان جا به ٽي سبب هُئا، پهريون سبب اهو هو ته سنڌ سلامت جي ساٿين سان هن رنگا رنگ تقريب جي ونڊ لازمي هُئي ، ان جو ٻيو ڪارڻ جيئن ته اهو سيمينار منهنجي پاڙي بهراڻي محلا ۾ ٿي رهيو هو ان ڪري هڪ پاڙيسري جي حيثيت پڻ شرڪت ڪرڻ لازمي کان لازمي هُئي، جڏهن ته ٽيون ڪارڻ اهو پڻ هو ته سنڌ سلامت ۾ مُنهنجي اُماڻيل هڪڙي نظم : اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي“ کي محترمه شبانه امتياز ڪافي ڏينهن اڳ پڙهيو هو،سو انهي نظم جي حوالي سان هڪڙو ٽيبلو اسڪرپٽ ۽ ڊائريڪشن پڻ مونکي ڪرڻي هُئي. هن خوبصورت ۽ بهترين سيمينار جو آغاز ٺيڪ ڄاڻايل وقت ڏينهن جو 3 وڳي تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، تلاوت جي سعادت پاڙي جي انتهائي هونهار سنڌي نياڻي” دُعا جانوري“ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ نعت مقبول حضور اڪرم محمد ﷺ پڙهڻ جي سعادت پاڙي جي هڪ ٻي نياڻي حاصل ڪئي. انهيءَ دوران مهمانن جي آمد جو سلسلو جاري هو، خاص خاص مهمانن ۾ مسلم ليگ نواز گروپ سنڌ خواتين ونگ جي صدر محترمه سورٺ ٿيٻو، سنڌ ڊولمپينٽ آرگنائزيشن جو چيف ايگزيڪٽو محترم ظفر ملڪ، محترم مصطفى بلوچ، يونين ڪائونسل 3 ٽنڊو محمد خان جو نائب ڊاڪٽر جي ايم گُل،پاڪستان پيپلز پارٽي جو نمائندو محترم پير احمد جان سرهندي حق سچ فلاحي تنظيم ٽنڊومحمد خان جو نمائندو، ضلع ٽنڊو محمد خان جي جملي اين جي اوز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي ان کان علاوه شهر ٽنڊو محمد خان جي ڪافي عورتن ۽ عام ماڻهن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اهو پهريون موقعو هو جو مردن جي شانه بشانه عورتن پڻ وڏي تعداد ۾ هن سيمينار ۾ شرڪت ڪئي . عام طور اهو ڏٺو، ويو آهي شهر جي ڪنهن به سيمينار يا فنڪشن ۾ عورتن جي شرڪت تمام گهٽ هوندي آهي، پر جيئن ته محترمه شبانه امتياز جي شخصيت ۽ سندس آرگنائزيشن صرف عورتن جي بنيادي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي سو ايڏي وڏي تعداد ۾ هن سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ سان ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمدخان جي عورتن ۾ مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ محترمه شبانه امتياز چيو ته معاشري ۾ عورت ۽ مرد ٻنهي جي ڪردار سان هن جهان جو ڪار وهنوار هلي رهيو آهي، جيڪڏهن مرد محنت مزدوري ڪري ڪشالا ٿو ڪڍي ته وري عورت ان مرد جي گهر جي رکوالي ڪري ٿي، مرد جيڪڏهن روزي روٽي جي تلاش ۾ گهر کان ٻاهر رهي ٿو، ته وري گهريلو عورت ساري گهر جي سار سنڀال ڪري ٿي. سو مرد عورت کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي ته وري عورت مرد کان سواءِ اڌوري آهي. عورت ئي هن دنيا جي انسانن کي جنم ڏنو آهي، ناري ڊولپمينٽ ڪنهن مرد جي خلاف ناهي، پر اسان هر انهيءَ بري ڪردار جي خلاف آهيون جنهن ۾ ڪنهن عورت جي تذليل ڪئي وڃي، بي گناهه ڪنهن عورت جي تذليل ٿي بي گناهه ڪنهن عورت تي تشد ٿيو، بي گناهه ڪنهن عورت يا نياڻي تي ڏاڍ ٿيو ته اسان سمجهڻ ۾ بلڪل حق بجانب آهيون ته اها ساري انسانيت جي تذليل ٿي، ساري انسانيت تي تشدد ٿيو، ساري انسانيت جي توهين ٿي ڄڻ سموري انسانيت تي ڏاڍ ٿيو. ساري زندگي ماڻهو، ائين وهي وڃائي ڇڏيندو آهي، جانورن وانگر پر جيڪڏهن اهو انسانيت جي آجپي جو روپ ڌاري هن معاشري جي مظلومن ۽ پيڙهيل طبقي جي خدمت ڪندو آهي ساري ڪائنات گُلن جي سرهاڻ وانگر مهڪي پوندي آهي. محترما شبانه امتياز وڌيڪ چيو ته هر ماڻهو صرف پنهنجي پنهنجي ذات لاءِ جيئي ٿو، پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ذات مان نڪري خلوص سان صرف مجبور ۽ لاچار ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِا ڳتي اچي ٿو اهو ماڻهو دراصل املهه ماڻڪ آهي. محترمه مصطفي بلوچ پنهنجي انتهائي پر اثر تقرير ۾ چيو ته توهان جي هن بهترين سيمينار ۾ شرڪت ڪري اها خبر پئي، هن شهر جو هرڪو ماڻهو موتي داڻو آهي ، هن شهر ۾ بهترين تخليق ڪار آهن ، هن شهر ۾ بهترين شاعر آهن ، هن شهر ۾ ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن باقاعده ڪم ڪري پئي جنهن جو ثبوت ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن پاران هي بهترين سيمينار آهي، هُن بنگال جي قومي شاعر نذرالاسلام جي تاريخي واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ ڀيرو بنگال جي شاعر نذرالاسلام کي هڪڙي ننڍڙي بنگالي نياڻي گُل ڏنا، ۽ نذرالاسلام کي چيو ته سائين هي گُل ناهن پر هي بنگالي قوم جو مستقبل توهان جي حوالي پئي ڪريان، نذرالاسلام ساري حياتي اهي گُل سانڍي رکيا، ماڻهو نذرالاسلام کان پڇندا هُئا ته سائين توهان اهي گل اڃا سنڀاليو پيا اچو ته نذرالاسلام جواب ڏنو ته مان اڃان تائين ان ننڍڙي نياڻي جي ڏنل گُلن واري حقيقت جي قريب نه اچي سگهيو آهيان مان نياڻيءَ جي ڏنل گُلن جي تحفي جي لاڄ نڀائي نه سگهيو آهيان، جڏهن بنگال جي قومي شاعر هن دنيا مان لاڏاڻو پي ڪيو ته وصيت ڪيائين ته اهي سُڪل گُل سندس ڪفن ۾ رکيا وڃن.مسلم ليگ نواز گروپ سنڌ جي عورت ونگ جي ليڊر محترما سورٺ ٿيٻو چيو ته اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو ماڻهن کي ڪنهن جي نالي تي چيڪ ڏئي پنڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ۽ ماڻهن جي عزت نفس سان کيڏيو پيو وڃي، هن ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي چيئرپرسن شبانه امتياز کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن ننڍڙي علائقي ٽنڊو محمد خان ۾ شبانه جي روپ ۾ هڪ ديوي جنم ورتو آهي، جنهن جو مقصد صرف اهو آهي ته عورت جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. عورت کي باوقار ۽ عزت ڀريو رستو ڏيکارڻ آهي.
ان کان پوءِ شهر جي اسڪول جي شاگردياڻين ٽيبلا ڪيا جنهن مان هڪڙي ٽيبلي مان مقصد اهو پي ڪڍي سگهيو ته عورت جيڪا ساري گهر کي سنڀالي ٿي، ماني ٽڪي ، ڪپڙا ڌوئي ٿي ان هوندي به مردن جي ظلم ستم جي شڪار ٿي رهي ، هڪڙو ٻيو ٽيبلو جيڪو هن ساري تقريب جو اهم ترين پيغام جي صورت ۾ هو، مان توهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو هلان ڪافي مهينا پهرين مون پنهنجي شاعري جيڪا نظم جي صورت ۾ هُئي ” اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اڇلي“ جنهن ۾ صرف اهو پيغام ڏنل هو ته ڪيئن نه معاشري ۾ ننڍڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍائي ڪري نياڻين تي وحشت ۽ سنگدلي جا پٿر وسايا وڃن ٿا، اهو نظم محترما شبانه امتياز سنڌ سلامت تي مهمان جي حيثيت پڙهيو هو، سو مونکي چيائين ته نثار ناز، انهي گيت جي پس منظر ۾ ٽيبلو هن تقريب ۾ پيش ڪرڻ ٿي چاهيان پر مونکي ان گيت تي اسڪرپٽ لکڻ ۾ دشواري پيش پئي اچي، مون چيومانس ته مان ان گيت جو ٽيبلو جي صورت ۾ اسڪرپٽ تيار ڪري سگهان ٿو ڇاڪاڻ جو اهو گيت مُنهنجو تخليق ٿيل آهي، پاڻ ڏاڍي خوش ٿي، چيائين ته سر ڪڏهن اهو اسڪرپٽ تيار ڪندا، مون چيو ته هينئر بغير لکڻ جي ۽ پغير ڪاغذي ڪاروائي جي، پاڻ تقريبن روئڻ هارڪي ٿيندي چيو ته سر اهو پاسيبل ڪونهي مون چيومانس ته پريشان نه ٿي شبانه ڇا تون هڪڙي ڇهن سالن جي نياڻي ۽ ان نياڻي جي ماءُ ٿيڻ لاءِ ڪي ڪردار مونکي ڏئي سگهين ٿي، چيائين هائو بلڪل ڏئي سگهان ٿي سندس آفيس مان ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي هڪڙي عورت کي سڏ ڪندي چيائين ” شڪو“ هي ڪردار تون ۽ تنهنجي ڇهن سالن جي نياڻي ڪندي، شڪو مون ڏانهن ڏسندي چيو ته سائين نثار جيڪڏهن چاهي ٿو ته مان ۽ منهنجي نياڻي اهو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار آهيون، هن پنهنجي نياڻي کي سڏ ڪندي چيو ته امان تون اسٽيج تي ٽيبلو ۾ روئڻ وارو ڪردار ادا ڪندين، ان نياڻي فوري چيو امان اهو ڪيئن مون چيومانس پُٽ ائين سمجهه توکي ڪافي سارن ماڻهن بي گناهه ماريو آهي، توکي چماٽون هنيون آهن تنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن ، ان کان پوءِ تون رڙيون ڪندي امان مونکي بچايو، امان مونکي بچايو جون رڙيون ڪندي اسٽيج تي اچين ٿي ۽ مسلسل روئندي رهين ٿي، ننڍڙي نياڻي فوري هامي ڀري مون چيو پٽ ڀلا ائين ڪري ڏيکار، مان توهان دوستن کي ڇا ٻُڌايان جڏهن ان نياڻي اها پرفارمنس صرف ٽيسٽ خاطر ڏيکاري ته محترما شبانه جي آفيس ۾ ويٺل هرڪو ماڻهو پنهنجي اکين مان وهيل ڳوڙها اُگهي رهيو هو، وڏي ڳالهه ته ان ننڍڙي نياڻي ۽ سندس ماءُ جي اکين مان پڻ ڳوڙها وهي رهيا هُئا مان پڻ دل کولي انهي پرفارمنس تي روئي ويٺس، شبانه کي وڌيڪ سمجهائيندي چيم ته شهر جي راڳي جانب علي بلاولي کي انهي گيت اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي جو گيت ڳائڻ لاءِ چيو وڃي هو اسٽيج تي اهو مڪمل گيت ڳائي ۽ نياڻي سندس ماءُ ٽيبلو جي صورت ۾ پنهنجي پرفارمنس پيش ڪري، ۽ مون شبانه کي اهو پڻ چيو ته شبانه تنهنجي هر پروگرام کان اهو تيبلو منفرد ٿيندو، سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ سمورا ماڻهو روئي روئي ان نياڻي ، منهنجي شاعري ۽ تنهنجي هن سيمينار واري تقريب کي زبردست داد ڏيندا، ۽ سنڌي دوست يقين ڪندا اڄ جڏهن اهو گيت منهنجي اسڪرپٽ مطابق ٽيبلو جي صورت ۾ اسٽيج تي پيش ٿيو ته ماڻهو ڳوڙها ڳاڙهڻ تي مجبور ٿي پيا، ماڻهن روئي روئي اوڇنگارون ڏئي ان ننڍڙي نياڻي کي داد ڏنو ، ننڍڙي نياڻي جي چهري تي رانڀوٽن جا نشان ، سندس چهري تي چماٽن جا نشان سندس چپن مان وهيل رت ۽ ان نياڻي جو حقيقي نموني روئي رڙيون ڪرڻ ته امان مونکي بچائي امان مونکي ماڻهو مارين ٿا، مٿان وري مائي شڪو جو اهو چوڻ ته الا منهنجي نياڻي کي ڇا ٿي ويو، الا منهنجي لاڏليءَ سان اهو قهر ڪنهن ڪيو، سائيڊ ۾ جانب بلاولي جي آواز ۾ لائيو هلندڙ منهنجو نظم ته اگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اڇلي ، ڪچي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي، جڏهن ان گيت جي انهي مصرعن ته چماٽن ڪيو آ سندس سُرخ چهرو ، ڇڪن سان ته ڇاتيءَ اٿس گهاءُ گهرو، ٿيو قهر اهڙو زُبان تان نه اُڪلي، اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي، ۽ اڃا لاش غربت کڻي هُوءَ ته هلندي اڃا روز مرندي اڃا روز جيئندي، ننڍي هُوءُ ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي اُگهاڙي بدن تي ٻه تي نوٽ اُڇلي اها ننڍڙي نياڻي ماءُ جي هنج مان نڪري هڪڙو قدم وڌائي ٿي وري ڪري پوي ٿي يقين ڄاڻو، تقريب ۾ ويٺل هر عورت توڙي مرد جي اکين مان ڳوڙها زارو قطار وهي رهيا هُئا، مون وٽ ان ٽيبلو کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ هينڊي ڪيئم موجود هُئي پر اسٽيج تي ان معصوم نياڻي ، سندس ماءُ ۽ جانب علي بلاولي پاران اعلى قسم جي پرفارمنس منهنجا اوسان خطا ڪري ڇڏيا، مان مسلسل روئي رهيو هُئس، تنهن جي ڪري صرف چند ڪلپ نه هُئڻ جهڙا رڪارڊ ڪري سگهيس. بس دوستو وڌيڪ ڇا ٻُڌايان ، محترما شبانه امتياز جي اين جي اوز جا ڪافي سارا اهم ترين اڳواڻ انهيءَ ٽيبلو ڪرائڻ تي سندس تمام گهڻي حوصلي افزائي ڪري رهيا هُئا، پاڻ مونکي هٿ مان جهلي اسٽيج تي وٺي آئي ۽ چيائين ته هي نثار نازآهي، هن ٽيبلو جي ڊائريڪشن، اسڪرپٽ، ۽ بهترين شاعريءَ هن جي آهي، ماڻهن دل کولي تاڙي وڄائي مونکي داد ڏني، ان کان پوءِ شهر جي بهترين ڪيمپيئر مشتاق ابڙو ماڻهن کان سوال ڪيو ته نياڻين تي جنسي ڏاڍائي بربريت جو کليو مثال آهي، پر اهڙن ڏکوئيندڙ واقعن تي چند نوٽ اُڇلي انهن نياڻين سان همدردي نٿي ڪري سگهجي .. خير هاڻ پيش آهي انهن تقريب جي تصويري ڪهاڻي.

محترما شبانه امتياز سڀني آيل مهمانن کي ويلڪم ڪري رهي آهي

سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ جيئي سنڌ ترقي پسند ليڊيز ونگ ٽنڊو محمد خان جي صدر

مسلم ليگ نواز سنڌ جي خواتين جي عورت ونگ جي صدر محترما سورٺ ٿيٻو ۽ سندس ساٿي ڪارڪن


اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اڇلي واري ٽيبلو تي معصوم نياڻي، سندس ماءُ شڪو ۽ راڳي جانب علي بلاولي پرفارم ڪري رهيا آهن

سورٺ ٿيٻو کي هڪڙي اسڪول جي نياڻي ويلڪم ڪري رهي آهي

سيمينار ۾ معصوم نياڻيون تمام خوش نظر اچي رهيون آهن

سيمينار ۾ شريڪ هڪ ناري

عورتن تي تشدد جي خلاف هڪ ناري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي

سيمينار ۾ شامل سنڌي نياڻيون