ٿر جي پهرين ڳائڻي” مائي ڀاڳي“ ”ٿر جي”ڪوئل“ جو لقب ما!ڻيندڙ تحقيق ڪندڙ؛ عبدالرزاق ميمڻ ٿر جي شهر مٺيءَ ۽ ڏيپلي ڀرسان 1920ع جنهن” ٿر جي ڪوئل“ جنم ورتو اُها هُئي اڄوڪي ”مائي ڀاڳي“، جنهن جو اصل نالو هو ” ڀاڳ ڀري“ سندس ماءُ جو نالو ”مائي ڪسي ۽ سندس پيءُ جو نالو وهنيون فقير هو، وهنيون فقير ذات جو مڱڻهار هو ۽ اهڙيءَ طرح مائي ڀاڳيءَ کي به ڳائڻ ورثي ۾ مليو هو ۽ ننڍ پڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو هُئائين. ”هوتي فقير“ سنس مُڙس هو. مائي ڀاڳي جڏنهن ڏهن ٻارهن سالن جي اچي ٿي ته کيس چمڙي جي هڪ بيماري اچي لڳي، جنهن سندس مُنهن ۽ اکين تي خراب اثر ڇڏيا، جيڪي غربت سبب بروقت علاج نه ڪرائڻ ڪري هميشه لاءِ پڪا ٿي ويا. مائي ڀاڳي بنيادي طور تي لوڪ گيتن جي ڳائڻي هُئي، کيس ورثي ۾ جيترا به لوڪ گيت مليا هن اُنهن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳايو. پاڻ شاعره به هُئي تنهنڪري هن انهن لوڪ گيتن ۾ شاعريءَ مطابق بهترين ۽ نواڻ آندي ۽ نوان بند ڳڍيندي هُئي. هو جيڪي لوڪ گيت ڳائيندي هُئي سي گھڻي ڀاڱي سندس ئي لکيل هوندا هُوا پر پاڻ ٻين قديم ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين جهڙوڪ شاه عبداللطيف، حمل فقير، مصري شاه، شيرل فقير، بُلي شاه، عباس علي وغيره. مائي ڀاڳي اُستاد جمن جي گائڪيءَ کي ڏاڍو پسند ڪندي هُئي، ۽ استاد جُمن کي ٻوڌڻ وقت سندس اکين مان لُڙڪ لڙي پوندا هُئا، خاص ڪري سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سُرن کي ڳائيندو ٻُڌي. هن جي فقير گھراڻي سنڌي موسيقيءَ جي تمام گھڻي خدمت ڪئي ۽ حون ٿر جي لوڪ شاعريءَ وسيلي ٿر جي ماڻهن جو پيغام سڄي دُنيا کي پُهچايو ۽ ٿر جي لوڪ موسيقِيءَ کين موهي وڌو. هن جي ٿر جي ڪيترن ئي ڌُنن تي سنڌيءَ کان علاوه ٻين زبانن ۾ شاعريءَ کي ڪمپوز ڪيو ويو. مائي ڀاڳي ٿر جي ٻولين ڍاٽڪي ۽ مارواڙيءَ کان علاوه سنڌيءَ ۽ سرائڪي ۾ به جام ڳايو ۽ هن جو مشهور سنڌي جيڪو هن پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايو اُهو هو ” تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇُلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري“ ۽ ٻيو هو ” مُرليءَ واري من موهيو ڙي الا“ ٿر سنڌ جو اُهو علائقو آهي جيڪو ڏُڪار ۽ خوشحاليءَ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، سُڪار ۾ ٿر سر سبز هُجڻ ڪري، هي علائقو گھمڻ وٽان اهي، ۽ ان کي ڏسڻ لاِءِ ماڻهو پري پري کان ڪهي ايندا آهن. جڏنهن ته ڏڪار ، ماڻهن توڙي جانورن لاءِ جوکو بڻجي کين ٿر ڇڏڻ تي مجبور ڪندو آهي. اها ڪهاوت ته ” وَسي ته ٿرُ، نه ته بَرُ ئي بَرُ“ شايد اُنهيءَ ڪري ئي چئي وڃي ٿي، ڇو جو ويچارن ٿرين جو گُذاري جو دارومدار وسڪاري تي ئي ٿئي ٿو. ٿر جي سڃاڻپ ۾ اُتان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جو به اهم ڪردار آهي، ٿر جو لباس، اُتي جا لوڪ گيتَ ثر جي سونهن ۾ سامل آهن، جڏنهن به ٿر جو ذڪر نڪرندو آهي ته اکين اڳيان مائي ڀاڳيءَ جا لوڪ گيت ايندا آهن ۽ ڪنن ۾گونجڻ لڳندا آهن. ٿر جا لوڪ گيت ڪي اڄوڪا ناهن، انهن کي صدين کان ڳايو پيو وڃي ۽ اُهي صرف ٿر يا سنڌ جي ٻين علائقن جي سڃاڻپ هُئا پر ان جي نواڻ اها آهي ته اها مائي ڀاڳي ئي هُئي جنهن ٿر جي انهن لوڪ گيتن کي دُنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڳائي پُهچايو ۽ جڏنهن ٿر کان ٻاهر نڪتي ته پوري دنيا ۾ پاڻ کي مڃارائي ورتائين ۽ ايتري مقبوليت ماڻيائين جو ٿر سندس سڃاڻپ ته هو پر پوءِ هوءَ ٿر جي سڃانپ بڻجي وئي. اهوئي سبب آهي جو کيس ”ٿر جي ڪوئل“ جو لقب ڏنو ويو. مائي ڀاڳي پهريائين پنهنجي ماءُ سان ميلن، ملاکڙن، شادين مُرادين ۽ ٻين خوشيءَ جي تقريبن ۾ گڏجي ڳائيند هُئي، ساڻس گڏ ”مُراد فقير“ به ڳائيندو هو ۽ مائي ڀاڳيءَ ڪُجھه اُن کان به سکيو هو. هڪ ڏينهن يعني 1967ع ۾ جڏنهن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جو ناميارو پروڊيوسر مرحوم شيخ غلام حُسين مارئيءَ جي ڳوٺ ڀالوا ۾ لڳل مارئي جي ميلي جي ڪوريج لاِءِ ويو ته هُن اُتي مائي ڀاڳيءَ جو سُريلو آواز ٻوڌي ريڊئي تي ڳائڻ جو چيائين. مائي ڀاڳي بلڪل نه مڃيو پر پوءِ هو کيس ريجھائي ريجھائي ريڊئي تي وٺي آيو. ريڊئي تي اچڻ کان اڳ مائي ڀاڳيءَ کي سُرن ۽ تار جي خبر به نه هوندي هُئي ۽ پوءِ ريڊئي جي موسيقارن کان سکيائين. کيس جيئن ته ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، هُوءَ ان ڪري اسٽوڊيوءَ ۾ اٺ اٺ ڪلاڪ ويهي ڳائيند هُئي. ريڊئي تي به ڪئي اهڙا لوڪ گيت آهن جيڪي مائي ڀاڳي ۽ مُراد فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. مائي ڀاڳي تمام گھڻي سادي هُئي، چون ٿا ته ايتري سادي جو کيس پنسه به ڳڻڻ ڪون ايندا هُئا. جڏنهن ڳائڻ ۾ مشهور ٿي وئي ته شيخ صاحب کي ڪڏنهن ڪڏنهن روئي روئي چوندي هُئي ته” تون کيس ٿر مان ڇو وٺي آئين، ، مان اُتي چڱي هُيس، اسان مارو ماڻهن کي مشهوري ڪا نه گھُرجي“ ٿر مان نڪرڻ کان پوءِ مائي ڀاڳي ريڊئي کان علاوه، سنڌ جي مختلف بُزرگن جي درگاهُن تي به فن جو مُظاهرو ڪندي هُئي، کيس صوفي بزرگن سان ڪافي عقيدت هوندي هُئي، جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لال شهباز، ۽ پنگرئي ،ضلعي بدين جو بزرگ سمن سائين خاص ذڪر لائق آهن. انهن جي عُرسن تي ڳائڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجھندي هُئي. هن جي گائڪيون هي آهن ” ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نُور، مُهنجيون تو پُڄايون، مُهنجون تو پُڄايون، مَنَ جون مُرادون، دل جون اُميدون“ ۽ ” سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي، مَٽيون ڀرينديس من سان، دلا ڀريبيس دل سان“ کيس ٽي وي تي مرحوم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو هو،هن سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ٻين شهرن ۽ ٻاهرين مُلڪن ۾ به ٿر جي راڳ کي پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي گونجايو ۽ پنهنجي اولاد کي به پنهنجي فن مان ونڊ ڏنو. سنس پُٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت علي ولد ڪالو به سُريلا ڳائڻا آهن. کيس گھڻائي مڃتا ايوارڊ به مليا جنهن ۾ پاڪستان سرڪار طرفان تمغي ءِ حوسن ايوارڊ، شاه لطييف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ سر فهرست آهن. هن ٿر جي ثقافت کي روشن رکي، دُنيا کي ڪيترائئ سنڌي، سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي گيت ڏن پر جڏنهن هوءَ آخري ڏينهن ۾ بيمار ٿي پئي ته ڪنهن به سندس علاج ۾ صحيح مدد نه ڪئي ۽ انهيءَ بيماريءَ وگھي ئي هوءَ 7 جولاءِ 1986ع تي اسان کان جُدا ٿي وئي. انا لا الله وانا اليه راجعون. بيشڪ آئون الله لاءِ ئي آهيان ۽ بيشڪ هر وُجود رکندندڙ شي کي اُن طرف ئي موٽڻو اهي. کڙي نيم ڪي نيچي ۾ تو هيڪلي
جواب: ٿر جي پهرين ڳائڻي” مائي ڀاڳي“ ”ٿر جي”ڪوئل“ جو لقب ما!ڻيندڙ سائين وڏا اسان اٻوجهن کي جيجي بابت اهڙي باياب معلومات شيئرن ڪرڻ تي توهان جيڪو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي ان تي توهان جس لهڻو سدائين گڏ سائين
جواب: ٿر جي پهرين ڳائڻي” مائي ڀاڳي“ ”ٿر جي”ڪوئل“ جو لقب ما!ڻيندڙ ادا رزاق ميمڻ توهان جي روپ ۾ سنڌ سلامت وٽ ڪوئِي ته آهي جنهن کي اسان بجا طور تحقيق دان ۽ سنڌي ماڻهن جيڪي فنون لطيفه سان تعلق رکن ٿا جي باري ايتري وڏي ڄاڻ ڏيڻ تي تاريخ دان چئي سگهون ٿا، مائي ڀاڳي جي باري ۾ ايتري زبردست ڄاڻ اسان سان ونڊ ڪئي جو وڃي ٿيا ست خير۔ شال جُڙيا هُجو۔
تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇُلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري“ ۽ ٻيو هو ” مُرليءَ واري من موهيو ڙي الا“