سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي جي سر سنگيت جي لوڪ فنڪاره پنهنجي لاجواب انداز ۽ ٿري لباس ۾ هميشه ملبوس سمورن ثقافتي رنگن سان ٽمٽار سنڌي موسيقي ۾ ڳائڻ جو نرالي روپ ۾ پاڻ مڃرائڻ واري شازيه خشڪ پنهنجي زندگي جي سفر جي شروعات هڪ علمي ادبي ۽ پڙهيل ڪٽنب کان سيپٽمبر مهيني جي 16تاريخ اربع جي ڏينهن سال 1970ع ڌاري پروفيسر فاروق احمد مرزا صاحب جي گهر کان ڪئي.شازيه خشڪ کي ٻالڪپڻ کان وٺي موسيقي ۽ کائڻ سان دلي لڳاءَ هيس . سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سندس والد صاحب پروفيسر هوندو هو جتي رهڻ سان گڏ سنڌي ميوزڪ جو آڊيو ڪسٽون پاڙيسري ساهڙي کان يا پاڻ خريد ڪري پنهنجو من ميوزڪ سان ريجهائيندي هئي . لوڪ ۽ ٿري گيت کي پنهنجي نرالي انداز سان الاپ ڏئي ٻڌندڙن جي من کي سڪون بخشي ڇڏيندي آهي ، سنڌ جي هي گلوڪاره پنهنجي سر سنگيت جي دنيا ۾ سڀ کان پهريان قدم سنڌ يونيورسٽي ۾ (بين الاقوامي ڪانفرنس)۾ سنڌ جي عوامي شاعر محترم ابراهيم منشي جي ڪلام ( سهڻي کائي پئي سور ورو وانجهو ، ساوڻ سير درياهه جي )جو ڳائي مشهوري ماڻي تنهن بعد سنڌ جي واحد هي گلوڪاره کي اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته شازيه خشڪ کي (موسيقي جي فيلو شپ) جي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو، شازيه خشڪ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي کي پڻ اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته پاڪستان جي پهرين يونيورسٽي آهي جنهن راڳ ۾ پهريون دفعو ڪنهن فنڪاره کي (فيلو شپ) سان پڻ نوازيو آهي .هڪ ڀيري شازيه خشڪ جو ور پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي محترم سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ به حيثيت مهمان طور اتي شازيه خشڪ کي ساڻ ڪري گهمائڻ وٺي ويو، جتي پروفيسر محمد ابراهيم خشڪ صاحب ٽي وي جي سينئر پروڊيوسر محترمه سلطانه صديقي صاحبه سان ملاقات ڪرائي ، جتي سلطانه صديقي صاحبه شازيه کي ماروي ڊرامي منجهه ادڪاري ڪرڻ جو مشورو ڏنو جيڪو شازيه خشڪ کي بنهه پسند نه آيو . جتي شازيه خشڪ سلطانه صديقي صاحبه کي ڳائڻ جي موقعي ڏيڻ جي درخواست ڪئي ، ٿورو عرصي بعد سلطانه صديقي صاحبه شازيه خشڪ کي واقع ڳائڻ لاءِ ڪراچي سينٽر تي گهرائي هڪ ٿري لوڪ گيت ( مارا اڏ تان پکيئڙا ڪڏهن آ نه ماري ديس ) رڪارڊ ڪرايو . سندس اهو گيت مقبوليت جو سبب بڻيو ،تنهن بعد شازيه خشڪ سر سنگيت جي دنيا کي پنهنجي نرالي آواز جي روپ سان پئي سينگاريو سال 1992ع شازيه خشڪ جي زندگي خوشين ۽ ڀاڳ ڀريو سال ثابت ٿيو ڇو جو هن ئي سال ۾ هو دنيا جي وڏي مان وڏي ۽ سنڌي زبان جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي عرس جي موقعي تي هن نئين فنڪاره کي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ميسر ٿيو ،جتي شازيه خشڪ ڳائڻ جا سڀ گر الاپي مداحن ٻڌندڙن جون دليون کٽي ورتيون .ان ئي محفل موسيقي ۾ هڪ ڪلام بجاءِ هن کي چئن ڪلام ڳائڻ جو موقعو ٻڌندڙن جي اسرار تي مليو جن جهمريون هڻي هر ڪلام تي رقص ڪري تاڙيون وڄائي هر ڀيري داد مٿان داد پئي ڏنو. شازيه خشڪ ان عرس موقعي تي پنهنجن پرسرتارن ۽ فنڪارن کان شازيه خشڪ واهه واهه جو داد حاصل ڪري ورتو .۽ ساڳئي سال 1992ع ۾ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ هاڻوڪي ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر سنڌ جي سهڻي شاعر مشهور براڊڪاسٽر محترم ڪوثر ٻرڙي معتارف ڪرائي رڪارڊ ڪيو .سال 1992ع ڌاري شازيه خشڪ جاپان ملڪ ۾ به پنهنجي ڏات جا ڏيئا موسيقي جي رنگ ۾ نروار ڪري داد حاصل ڪيو . شازيه خشڪ کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌي زبان جي واحد گلوڪاره آهي جيڪا ( چوڏهن ) مختلف ٻولين ۾ سر سنگيت جي فن کي پنهنجي سريلي آواز جا روپ ڏئي پيش ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿي ڪري. تن ۾ سنڌي ، سرائڪي ، اردو ، انگريزي ، ڪشميري ، براهوي . گجراتي ، ميمڻي ، ٺاٺڪي ، پهاڙي ، بلوچي ، پنجابي ، ٿري ۽ گوجري ۾ آساني سان ڳائي مداحن کي خوشي محسوس ڪرائي ٿي. سمورن سنگيت جي ڄاڻون ۽ مداحن کي اهيو ٻڌي عجب لڳندو ته هن موسيقي ڳائڻ جي شوق جا سڀ گر ڪنهن به استاد کان باقائده طور سکيائي ناهن .يعني شازيه خشڪ جو ڪوئي ڳائڻ وڄائڻ جي دنيا ۾ ڪو استاد ناهي . هن سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي پاڻ سکيو آهي پاڻ پياري پاڪستان کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جاپان ، دبئي ، انگلينڊ ، آسٽريليا ، آمريڪا ، ازبڪستان سريلنڪا ، قطر ، هائلينڊ ، ترڪمستان ، اردن ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي پنهنجو، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرائي آئي آهي. شازيه خشڪ اها خوش قسمت گلوڪاره آهي جيڪا ملڪ جي مڙني ٽيليويزن شينٽرن تي ڳائي وڏيايو آهي . ان کان علاوه شازيه خشڪ نجي ٽيليويزن تي پڻ ڪم ڪيو آهي . شازيه خشڪ کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته جڏهن سنڌي ٻولي ۾ پهريون نجي سيٽلائيت چيئنل (ڪي _ ٽي _ اين) _ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي ته (ڪي _ ٽي _ اين) شازيه خشڪ جي آواز منجهه قلندر لعل شهباز جي ڌمال (قلندر رکيو لعل، سنڌڙي دا سيوهڻ دا شهباز قلندر) ٽيلي ڪاسٽ ڪيو هو .تنهن کانسواءِ سندس ڳايل ڪلامن ۽ گيتن ۾ دانا به دانا “ ٻڌان ٻڏان پئي سنڌو جي ڇولين منجهه ، آءَ جي سانول توکان نينهن ڇنيان ، شل سک سان ڪين سمهان جهڙن شازيه خشڪ کي چوٽي جي مقبولت تي پهچايو آهي اهي گيت نه رڳو سنڌ بلڪه سڄي دنيا ۾ مشهوري ماڻي چڪا آهن ، شازيه خشڪ جي خوبصورت ڳائڻ تي جاپان ملڪ سندس شخصيت تي هڪ ڊاڪومينٽري پڻ ٺاهي هئي جڏهن ته ان ڊاڪومينٽري جي رڪارڊنگ پاڪستان جي شهرن جهڙوڪ موهن جودڙو ، ڪالام ، ٽيڪسلا ۾ پڻ ڪئي وئي هئي . شازيه خشڪ کي فني مڃتا طور ڪافي ايوارڊ جهڙوڪ آف دي ورلڊ ايوارڊ ، يونيڪ پرفارمنس ايوارڊ ، قلندر لا شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترن ئي انعامن سان پڻ نوازيو ويو آهي ، شازيه خشڪ کي ڳائڻ سان بي انتها محبت آهي سندس گهر ۾ به هڪ ننڍڙي ميوزڪ جي آڊيو لائبريري موجود اٿس .جتي دنيا جي ٻين ٻولين۾ فنڪارن جو آواز واندڪائي ۾ ٻڌي سر سنگيت جي پهلو کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي فڪر ۾ هوندي آهي ، هن وقت تائين هن سريلي من موهيندڙ گلوڪاره جون مارڪيٽ ۾ آڊيو ، وڊيو ۽ سيڊي منجهه الاهي ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ موجود آهن. شازيه خشڪ جا مداح اهي ڪيسٽون خريد ڪري پنهنجي من کي شازيه خشڪ جي ميوزڪ سان پيا ٿا ريجهائين .سندس سر جو سفر پڻ جاري آهي، اڄ سندس 46 سالگره جو ڏينهن پنهنجي گهر وارن سان ملهائيندي . سند س اڄ سالگره جي ڏينهن تي پرستار ، دوست ، مٽ مائٽ موسيقي سان لڳاءَ رکندڙ (جنم ڏينهن مبارڪون چوندا .