• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ڄائي ليکڪا ريٽا شهاڻي جو وڇوڙو

ريٽا شهاڻيءَ انڊيا ۾ سنڌيءَ جي برک ليکڪا آهي، سندس ڪيترا ئي ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، مون به ويجهڙائيءَ ۾ سندس حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪشن طرفان ڇپايل ٽي کن ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ هڪ سندس يادگيرين (Memories) جو ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ آهي،
ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”رشتن جو رقص“ آهي ۽ ٽيون سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ آهي. سندس ٽيهه کن ڪتاب ٿيندا، جن ۾ ڪجهه سفرناما به آهن، سندس هڪ سفرنامو ”سفر در سفر“، جنهن جو مهاڳ مون لکيو آهي، اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي، سندس ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ سفرناما سنڌ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
ريٽا شهاڻيءَ 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد جي هڪ پڙهيل لکيل فئملي ”ملڪاڻي“ ۾ عالمچند اڌارام جي گهر ۾ ڄائي. هُوءَ هن وقت 74 سالن جي آهي يعني امر جليل کان به ٻه سال وڏي ٿي، جو امر جليل 1936ع ۾ ڄائو آهي. پر تصوير ۾ ڏسندائو ته ريٽا شڪل صورت ۽ صحت ۾ توڙي لکڻ جهڙي مشغلي ۾، امر جليل وانگر فٽ فاٽ آهي. مون کيس پهريون دفعو پوني ۾ اچي ڏٺو آهي. تاج بلوچ ۽ تاجل بيوس وارا، جن ريٽا شهاڻيءَ کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو، اهي ٿا ٻڌائين ته؛ جوانيءَ ۾ هُوءَ بيحد حسين ٿي گذري آهي. بهر حال فزيڪل سونهن سوڀيا ته هڪ ڏينهن آخر ختم ٿئي ٿي، پر ريٽا شهاڻيءَ جي سدا بهار لکڻين مان هميشه هُڳاءُ ايندو رهندو ۽ اهي هميشه جوان ۽ خوبصورت رهنديون.
ريٽا، ڌيءَ عالمچند اڌارام ملڪاڻيءَ جي شادي، جيتورام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنوءَ سان 20 آڪٽوبر 1957ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٿي. ريٽا، سنڌ جي مشهور اديب ۽ پروفيسر منگهارام يو ملڪاڻيءَ جي ڀائٽي ٿئي، سندس سهرو جيتورام حيدرآبادي عامل هو. جنهن جو 1926ع کان پوني ۾ ”ماڊرن بُڪ اسٽال“ نالي دڪان هو. پاڻ پوني جي هڪ مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي، ايتري قدر جو پوني ۾ هن جي نالي ”شهاڻي چؤڪ“ پڻ آهي، جيتورام هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. هُن پنهنجي پٽ وشنَو (ريٽا جي مڙس) سان گڏ جيل به ڪاٽيو، وشنوءَ جي ڀيڻ (يعني ريٽا جي هڪ نڻان) ستي شهاڻي پوني جي مشهور ڪاليج ”فرگوسن ڪاليج“ جي انگريزي جي پروفيسر آهي ۽ ٻي ڀيڻ سندري لنڊن ۾ ڊاڪٽر آهي.
ريٽا شهاڻيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ پٽ ڪمار شهاڻي، جيڪو هتي پوني ۾ بزنس ڪري ٿو، ڌيءَ ماڌوري ڪپور، جنهن کي هوءَ لليتا سڏي ٿي، پوني جي هڪ اسڪول جي هيڊمسٽريس آهي ۽ سندس مڙس جو نالو انيل آهي.
ريٽا شهاڻيءَ لاءِ فقط ايترو لکي بس نٿو ڪرڻ چاهيان، دراصل جنهن فئملي ”ملڪاڻيءَ“ سان ريٽا شهاڻيءَ جو واسطو آهي، اها سنڌ جي بيحد مشهور فئملين مان هڪ آهي، جنهن تي ڪجهه وڌيڪ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس چاچي پروفيسر منگهارام يو (اڌارام) ملڪاڻيءَ وٽ اسان جا ڪيترائي ڏاها ۽ دانشور پڙهيا، جن مان محمد ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ آهي. ملڪاڻي صاحب لاءِ هڪ هنڌ ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته ”...پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي منهنجو مهربان ۽ دل گهريو استاد هو، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ 1934ع کان 1938ع تائين مون هن وٽ تعليم حاصل ڪئي.“
پروفيسر منگهارام، ان بعد ريٽا جو پيءُ عالمچند ۽ ٽيون ننڍو ڀاءُ موتي رام، راءِ بهادر اڌارام ملڪاڻيءَ جا پٽ ۽ ديوان شيوڪرام ملڪاڻيءَ جا پوٽا هئا، منگهارام 1896ع ۾ ۽ عالمچند 1901ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄاوا. ٿورو جيڪڏهن ملڪاڻي فئمليءَ جي تاريخ ۾ وڃبو ته ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ مطابق ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو ”ملڪ مل“ هو، جنهن تان سندس فئمليءَ جو نالو ’ملڪاڻي‘ پيو. حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ هُو رهيو، اها اڄ به ملڪاڻي گهٽي سڏجي ٿي. ملڪ مل جي اولاد مان صاحب راءِ فارسيءَ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي، صاحب راءِ ملڪاڻيءَ لاءِ مشهور آهي ته ميرن جي شادي توڙي غميءَ جي موقعن تي هُو اهڙا عمدا فارسي شعر جوڙيندو هو، جو ميرن کي موهي رکندو هو ۽ کيس ميرن کان وڏا انعام ملندا هئا.
ديوان صاحب راءِ ملڪاڻيءَ جو پٽ منشي آوتراءِ ملڪاڻي تاريخ ۾ خاص ڪري ميرن جي تاريخ ۾، اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جيتوڻيڪ اسان واري پوني جي ليکڪا ريٽا شهاڻي منشي آوتراءِ جي پوٽي يا پڙپوٽي نه هئي، پر آوتراءِ جي ڪزن ”ديوان شيوڪرام“ جي پڙپوٽي ۽ راءِ بهادر اڌارام جي پوٽي هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻي (ڄم جو سال 1820ع) مير صوبدار خان جو مالي وزير هو. 1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو ۽ خزاني جون ڪُنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. چاٻين لاءِ سر چارلس نيپيئر حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، پر منشي آوتراءِ ڪُنجيون ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو: ”جيسين مون کي منهنجن حاڪمن (ميرن) جو حڪم نه ملندو، تيسين مان ڪُنجيون پنهنجي هٿان نه ڇڏيندس.“
منشي آوتراءِ اهڙو ايماندار ۽ ساک وارو هو، جو ميرن جي ڏيڍيءَ تائين کيس وڃڻ جي موڪل هوندي هئي. انگريزن، ميرن کي قلعي مان ڪڍائي گدو بندر واري بنگلي ۾ نظربند رکيو، جتان پوءِ کين ڪلڪتي موڪلڻو هئن. ميرن جي زالن کي ڏيڍيءَ تان گدو واري بنگلي ۾ روانو ڪرڻ جو ڪم منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ جي سپرد ڪيو ويو. منشيءَ، زالن کي ڪڍڻ کان اڳ سورنهن کن ڏوليون هيرن جواهرن جون ڀري ٻاهر ڪڍيون، جيڪي ميرن وٽ سلامت پهچي ويون. ان بعد سترهين ڏولي نڪرڻ وقت انگريزن کي شڪ پئجي ويو ۽ آوتراءِ کي جيل ۾ رکڻ ۽ شوٽ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، پر پوءِ کيس 800 رپيا ماهياني پگهار تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيئن انگريز مقامي حڪومت جي انتظام کان واقف ٿي سگهن. 1843ع ۾ هڪ سئو رپيا به وڏي ڳالهه هو، پر منشي آوتراءِ آڇ قبول نه ڪئي ۽ چيو، ”ٻن مالڪن جي نوڪري ساڳئي وقت ڪري ڪين سگهندس.“ ياد رهي ته ان وقت منشي آوتراءِ جي عمر فقط 23 سال هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ کي ٻه پٽ ٿيا، وڏو ديوان چيتن رام وڪيل ٿيو ۽ ان جو پٽ نارائڻ داس به وڪيل ٿيو. آوتراءِ جو ٻيو پٽ ديوان گوبند بخش، جنهن جي ڄم جو سال 1850ع هو، تنهن 17 سالن جي ڄمار ۾ 1867ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، انهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ ڪرڻ به وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي ۽ هر ڪو نه ڪري سگهندو هو، گوبند سٺي پوزيشن ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ سنڌي، اڙدو، فارسي ۽ پشتو جو به ڄاڻو هو. کيس ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. سندس قابليت جي ڪري سنڌ جي نامياري وڪيل خانبهادر ميان حسن عليءَ هن کان خانگيءَ طرح انگريزي سکي. بعد ۾ گوبند وڪالت پڙهي سکر ۾ وڪالت ڪئي. سندس پٽ لوڪومل ملڪاڻيءَ (ڄم جو سال 1880ع) تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ڪئي، پر انگريز سرڪار کيس 20 سال کن آنرري مئجسٽريٽ جو عهدو ڏنو ۽ 37 سالن لاءِ هو حيدرآباد جي ميونسپالٽي جو مشير ٿي رهيو. کيس پراڻين شين گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق هو، سنڌ جي وزيرِاعظم سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي پهرئين گورنر سرلانسيٽ گرهام، ان بعد سر هيوڊو گورنر ٿيو، ان سان پڻ سٺا تعلقات هيس. هُو صاحب هن وٽ ملڻ لاءِ هلي ايندا هئا ۽ هن جون گڏ ڪيل شيون اچي ڏسندا هئا.
بهرحال مٿي بيان ڪيل صاحب راءِ، منشي آوتراءِ، چيتن راءِ، ديوان گوبند بخش، لوڪومل وغيره ”ديوان آڏومل ملڪ مل“ جي وڏي پٽ گوپال داس ملڪاڻيءَ جو اولاد هئا، ملڪ مل جنهن تان ملڪاڻي ذات شروع ٿي، جي اڪيلي پٽ آڏومل کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو گوپالداس (جنهن جي خاندان جي ڪجهه اهم ماڻهن جي مٿي ڳالهه ٿي) ۽ ٻيو پٽ ديوان گدومل هو جنهن جي پوٽي ديوان شيوڪرام جي ريٽا شهاڻي پڙپوٽي آهي. ديوان شيوڪرام 1848ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد شهر جو پهريون سٽي ماجسٽريٽ ٿيو. پاڻ ڪيترا ئي عهدا ماڻيائين، پر گهڻو وقت مختيارڪار ٿي رهيو، سندس ديهانت 1908ع ۾ ٿيو.
ديوان شيوڪرام جي زال ڄيٺي ٻائي (ڄم جو سال 1847ع، ديهانت 1923ع) ۽ جوت اخبار جي ايڊيٽر پرمانند ميوارام جي زال ڄيٺي ٻائي ڀينرون هيون. ديوان شيوڪرام جو وڏو پٽ ديوان اڌارام (يعني ريٽا شهاڻيءَ جو ڏاڏو) 1869ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ بعد ميڊيڪل ڪاليج ۾ گهڙيو، پر صحت سٺي نه هجڻ جي ڪري هن کي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏڻي پيئي، ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي ۾ فقط بمبئيءَ ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج هو ۽ ٻيو ڪلڪتي ۽ مدراس ۾. ديوان اڌارام پوءِ سڄي عمر زمينداري ڪئي ۽ 68 ورهين جي ڄمار ۾ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. کيس، ٽي پٽ ٿيا، وڏو پٽ پروفيسر ايم. يو (منگهارام اڌارام) ملڪاڻي جي نالي سان مشهور ٿيو، ادبي ۽ تعليمي دنيا ۾ منگهارام ملڪاڻي (ريٽا شهاڻيءَ جو چاچو) هڪ وڏو نالو آهي. پاڻ 24 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هُو مشهور عالم، اديب، نقاد، تاريخ نويس، اسٽيج اداڪار ۽ ٽيچر ٿي گذريو آهي. هن پنجاهه کن ناٽڪ لکيا ۽ ڪيترن ۾ پاڻ اداڪاري ڪري نالو ڪڍرايو. 1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرامٽڪ ڪلب“ برپا ڪيائين، جنهنجو افتتاح بنگالي زبان جي جڳ مشهور شاعر ۽ اديب رابندر ناٿ ٽئگور پنهنجي هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو هو. رابندر ناٿ پهريون ايشين آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ جي مجموعي ’گيتانجلي‘ تي نوبل پرائيز مليو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڪافي عرصو ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج سان وابسته رهيو، ورهاڱي کان پوءِ هُو ڀارت لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ ”جئه هند“ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 1962ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪلڪتي وڃي رهيو. ناٽڪن کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ، گم ٿيل صندوقڙي (ناول ترجمو)، پريت جا گيت (ٽئگور تان ترجمو)، ادبي اصول (تنقيد)، پڇمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو) سنڌي نثر جي تاريخ، جوانيءَ جا جذبا، پيريءَ جون يادون (نظماڻو نثر)، ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو... وغيره وغيره. پاڻ بمبئيءَ ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ ديهانت ڪري ويو، ديهانت کان اڳ هُو پوني ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي گهر ۾ ئي رهيل هو. ريٽا شهاڻي پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ ۾ لکي ٿي ته، ”هڪ ڏينهن نيرن جي ٽيبل تي مون ويٺي ويٺي ٻه سٽون لکي ورتيون ۽ دادا کي ڏيکاريم. (ريٽا جا ڀاءُ ڀيڻ پروفيسر منگهارام کي دادا منگهو سڏيندا هئا).
لاچاريءَ کان تون ڀڳوان بچائج،
محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج.
منهنجو شعر ٻڌي دادا آگ بگولو ٿي ويو، چوڻ لڳو، ”مون کي ڏسي ٿي ڪويتا لکين؟ ڪير ٿو چوي ته مان لاچار آهيان؟ موت جي ڳالهه ان سان ڪبي آهي جو مرڻ وارو هوندو آهي، مان مرڻ وارو ٿوري ئي آهيان؟“
آءٌ چپ ٿي ويس ۽ وري موت ۽ ٻڍاپي جي ڳالهه ڀلجي به زبان تي ڪانه آندم.
ريٽا شهاڻيءَ جي هن يادگيرين واري ڪتاب ۾ هن ڪيترا ئي خط پروفيسر ملڪاڻيءَ جا پڻ ڏنا آهن، جيڪي هن کيس لکيا. اديب دوست چوندا آهن ته ريٽا کي ادب ۽ شعر و شاعري سندس چاچي کان ورثي ۾ ملي آهي. ريٽا کي سندس ادبي خدمتن ڪري ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. کيس 1997ع ۾ ”نامور عورت ليکڪا ايوارڊ“ مليو، R.T ٽرسٽ پاران 1998ع ۾ ”ادبي خدمتن جي مڃتا“ جو ايوارڊ مليو، مهاراشٽرا ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ”ادب جو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ “ 1998ع ۾ مليو ۽ ”سوال ئي سوال“ ٻارن جي ڪهاڻين جي مجموعي تي نئشنل ڪائونسل پاران ايوارڊ (سال 2000ع) ۾ مليو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بشڪريه روزانه سنڌ
 
ادا الله کيس جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي ۔
وسلام
سائين ڪاش مسلمان ٿئي مري هان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اگر مرو ته مسلمان ٿئي مرو

ڇو؟
ڪافر نهين هندو ڪو سمجهتا
يه هي فلسفه عصرِ داني
هي عشق تو هي ڪفر ڀي مسلامني
نه هو تو مردِ مومن ڀي ڪافر و زنديق۔

ڀاء مان شاعري جي حساب سان نه پيو چوان پر قرآن جو حڪم مطابق ٿو چوان۔۔۔اميد ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هرو ڀرو ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏيندا۔ ڊيگهه مان ڪو فائدو ڪونهي۔باقي ادا الله جي مرضي آهي، اسان جي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ سڀني تي پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري، ۽ ان کان پڇڻ وارو ڪير به ڪونهي۔آمين وسلام
 
ها ادا سچ پيا چؤ هنن مسلمانن جي جنت ۾ صرف مسلمانن جي لاءِ جاءِ آهي سو اسان ڳالھ کي نه ٿا وڌايون ۔
وسلام
 
ها ادا سچ پيا چؤ هنن مسلمانن جي جنت ۾ صرف مسلمانن جي لاءِ جاءِ آهي سو اسان ڳالھ کي نه ٿا وڌايون ۔
وسلام

ا
د
ا
توهان
مڃون يا نه مڃون ان سان ڪو فرق ڪو نه ٿو پوي اهيو به قرآن جو حڪم آهي، جنهن ڳالهه کي توهان مذاق واري انداز ۾ لکيو آهي۔ٻيو عرض ڪندو هلان ته الله تعالي حضور صلم جن کي ان ڪم لاء ئي موڪليو هو، ته زمين تي رهندڙ انسانن کي الله جو پيغام پهچائي مسلمان ڪر۔۽ انهن کي چيو ته الله کي هڪ ڪري مڃين ۽ توکي منهنجو رسول ڪري مڃين۔جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوء ته هي ڪربلا جي جنگ ڇا جي ڪري وڙهي وئي هئي ۔ انهن جو ڪو اقتدار لاء وڙهڻ هو ڇا؟
 
ڀاء مان شاعري جي حساب سان نه پيو چوان پر قرآن جو حڪم مطابق ٿو چوان۔۔۔اميد ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هرو ڀرو ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏيندا۔ ڊيگهه مان ڪو فائدو ڪونهي۔باقي ادا الله جي مرضي آهي، اسان جي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ سڀني تي پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري، ۽ ان کان پڇڻ وارو ڪير به ڪونهي۔آمين وسلام ادا منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ حضرت يزيد عليه سلام کي به الله کيس جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔منهنجي مٿين تحرير اصل اهيا هئي مگر خبر ناهي ڪهڙي خيرخواه مٿي تحرير کي ڪٽي ڦٽي ڪيو آهي۔الله ان کي به سمجهه عطاء ڪري۔ڀاء جيڪو غير مسلم آهي ان لاء ته جنت جي دعا گهري ٿي وڃي، پر جيڪو مسلمان آهي، تابعين تبي تابعين مان آهي( حضرت يزيد عليه سلام ) ان جي دعا توهان کي ڏکي ٿي لڳي ڇو؟
 
ا
د
ا
توهان
مڃون يا نه مڃون ان سان ڪو فرق ڪو نه ٿو پوي اهيو به قرآن جو حڪم آهي، جنهن ڳالهه کي توهان مذاق واري انداز ۾ لکيو آهي۔ٻيو عرض ڪندو هلان ته الله تعالي حضور صلم جن کي ان ڪم لاء ئي موڪليو هو، ته زمين تي رهندڙ انسانن کي الله جو پيغام پهچائي مسلمان ڪر۔۽ انهن کي چيو ته الله کي هڪ ڪري مڃين ۽ توکي منهنجو رسول ڪري مڃين۔
جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوء ته هي ڪربلا جي جنگ ڇا جي ڪري وڙهي وئي هئي ۔ انهن جو ڪو اقتدار لاء وڙهڻ هو ڇا؟

جزاڪ الله ڪربلا ۾ جن ڪٺو سي به مسلمان هيا

عجب مذاق هو اسلام ڪي تقدير ڪي ساٿ

قتل شبير هوا نعره تڪبير ڪي ساٿ

اقبال

وسلام
 
ڀاء مان شاعري جي حساب سان نه پيو چوان پر قرآن جو حڪم مطابق ٿو چوان۔۔۔اميد ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هرو ڀرو ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏيندا۔ ڊيگهه مان ڪو فائدو ڪونهي۔باقي ادا الله جي مرضي آهي، اسان جي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ سڀني تي پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري، ۽ ان کان پڇڻ وارو ڪير به ڪونهي۔آمين وسلام ادا
ڀاء مان شاعري جي حساب سان نه پيو چوان پر قرآن جو حڪم مطابق ٿو چوان۔۔۔اميد ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هرو ڀرو ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏيندا۔ ڊيگهه مان ڪو فائدو ڪونهي۔باقي ادا الله جي مرضي آهي، اسان جي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ سڀني تي پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري، ۽ ان کان پڇڻ وارو ڪير به ڪونهي۔آمين وسلام ادا منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ حضرت يزيد عليه سلام کي به الله کيس جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔منهنجي مٿين تحرير اصل اهيا هئي مگر خبر ناهي ڪهڙي خيرخواه مٿي تحرير کي ڪٽي ڦٽي ڪيو آهي۔الله ان کي به سمجهه عطاء ڪري۔ڀاء جيڪو غير مسلم آهي ان لاء ته جنت جي دعا گهري ٿي وڃي، پر جيڪو مسلمان آهي، تابعين تبي تابعين مان آهي( حضرت يزيد عليه سلام ) ان جي دعا توهان کي ڏکي ٿي لڳي ڇو؟[/q
منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ حضرت يزيد عليه سلام کي به الله کيس جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔منهنجي مٿين تحرير اصل اهيا هئي مگر خبر ناهي ڪهڙي خيرخواه مٿي تحرير کي ڪٽي ڦٽي ڪيو آهي۔الله ان کي به سمجهه عطاء ڪري۔ڀاء جيڪو غير مسلم آهي ان لاء ته جنت جي دعا گهري ٿي وڃي، پر جيڪو مسلمان آهي، تابعين تبي تابعين مان آهي( حضرت يزيد عليه سلام ) ان جي دعا توهان کي ڏکي ٿي لڳي ڇو؟
ادا مونکي بُرو ڇو لڳندو خدا اوهان جو حشر يزيد سان جنت ۾ ڪري اوهان يزيد جا ساٿي هجو يزيد اوهان جو ساٿي هُجي اسان ته هو هندو لاءِ به دعا ڪئي آهي اها عليحده ڳالھ آهي جو اوهان جنت جا ٺيڪيدار آهيو اوهان ان غريب کي وڃڻ نه ڏيندؤ اهو اسان به سمجهون پيا۔

ڪافر نهين هندو ڪو سمجهتا يه هي فلسفه عصرِ داني

هي عشق تو ڪفر به مسلماني نه هو تو مردِ مومن ڀي ڪافر و زنديق

وسلام
 
مولوي صاحب

مولوي صاحب مان ٺيڪيدار ڪو نه آهيان ۔ ٺڪيدار مون روڊن تي پنهنجو منهن مٿو پٽيندي ڏٺا آهن۔ ادا انشاءالله يزيد به اسان جو مسلمان ڀاء آهي، ۽ اسان مسلمانن سان گڏ جنت ۾ هوندو۔ باقي جنگ ته اقتدار جي جنگ هئي ٻه ڪردار هئا، ان تي ايترو ماتم ڇو۔ ڇو کڻي عام ماڻهون کي بي وقف بڻايو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جن پاڻ ۾ مهاڏو اٽڪايو هو۔حضرت يزيد عليه سلام لاء ته حضور سائين جون دعائون آهن، جنهن کي حضور سائين جو دعائون هجن ان کي مخالف جي بد دعا ڇا ڪندي۔
 
مون ته اوهان لاءِ دُعا ئي ڪئي آهي يزيد ۽ اوهان جنت ۾ گڏ هجو ان ڳالھ تي اوهان ڀڙڪو ڇو ٿا جنهن جنت ۾ يزيد سان گڏ رهڻو پوي ان کان بهتر آهي انسن غيرت جي گوري کائي جهنم ۾ هليو وڃي

غيرت مند مڻهون بيغيرت ڀاءُ سان گڏ ناهن رهندا اوهان يزيد سان گڏ رهڻ ٿا چاهيو اوهان کي مُبارڪ ادا

سلام انهن تي جي سلام جي قابل هُجن۔
 
ِيزيد به انشاءالله جنت ۾ ويندو، امام حسين به انشاءالله جنت ۾ ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسان ته صوفي ماڻهون آهيون۔ اسان لاء ته ٻئي برابر آهن۔ باقي مان توهان لاء دعا ٿو ڪريان ته رب پاڪ توهان کي جهنم کان بچائيندو، ۽ يزيد سان ئي صحيح به جنت ۾ جايون ڏيندو۔باقي ڪا توهان جي يزيد سان ٻني ٻاري تي ڪو ڦڏو آهي ته اهو انشاءالله هت نه ئي صحيح جنت ۾ حل ٿئي ويندو۔باقي غيرت ۽ بي غيرت وارو توهان جو فلسفو ۽ سوچ ڪجهه ڪريل لڳي۔ افسوس جو توهان جنت جي بشارت مليل ماڻهون کي بي غيرت ٿا چئو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ان جو توهان کي ڏينهن قيامت جي حساب ڏيڻو پوندو۔الله توهان تي شل رحم ڪري آمين
 
ادا اهيا به افسوس جي ڳالهه آهي ته يوسف جي ڀائرن وانگر ڪيو پاڻ الزام وري يزيد عليه سلام تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪروڻين سلام هجن يزيد تي، جنهن لاء حضور سائين جي هڪ حديث آهي ته فلاڻو ايريا جيڪو ماڻهون فتح ڪندو اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو ۽ اهو علائقو يزيد عليه سلام فتح ڪيو آهي۔ ان عظيم حستي لاء توهان اهڙا الفاظ ٿا استعمال ڪيو، توهان جهڙو پڙهيل لکيل ماڻهون ائين ڪندو ته ڪم ڪيئن هلندو۔ويچارن جاهلن تي ته ڪا ميار ڪانهي۔
 
ِيزيد به انشاءالله جنت ۾ ويندو، امام حسين به انشاءالله جنت ۾ ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسان ته صوفي ماڻهون آهيون۔ اسان لاء ته ٻئي برابر آهن۔ باقي مان توهان لاء دعا ٿو ڪريان ته رب پاڪ توهان کي جهنم کان بچائيندو، ۽ يزيد سان ئي صحيح به جنت ۾ جايون ڏيندو۔باقي ڪا توهان جي يزيد سان ٻني ٻاري تي ڪو ڦڏو آهي ته اهو انشاءالله هت نه ئي صحيح جنت ۾ حل ٿئي ويندو۔باقي غيرت ۽ بي غيرت وارو توهان جو فلسفو ۽ سوچ ڪجهه ڪريل لڳي۔ افسوس جو توهان جنت جي بشارت مليل ماڻهون کي بي غيرت ٿا چئو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ان جو توهان کي ڏينهن قيامت جي حساب ڏيڻو پوندو۔الله توهان تي شل رحم ڪري آمين

سائين مون ته اوهان جي بارگاه ۾ عرض ڪيو آهي ته هن دنيا ۾ ڪو عيرتمند ڀاءُ بيغيرتمند سان ناهي رهي سگهندو جنهن انهن سان ويڙهاند ڪئي جن کي قرآن رسول جو پُٽ سڏو آهي نبي سائين جون سڀ حديثون اوهان کان وسري ويون جن ۾ پاڻ فرمائين ٿا جن هنن کي رنجايو تن مونکي رنجايو جن هن سان دوستي ڪئي سي منهنجا دوست حسن و حُسين جنت جي جوانن جا سردار آهن۔

اوهان پنهنجي لاءِ ته دوستي جو معيار قرار ڏيو اوهان جو دوست اوهان جي دوست جو دوست اوهان جي دوست جو دُشمن ، اوهان جو دُشمن اوهان جي دشمن جو دوست اوهان جي اوهان جي دوست جو دشمن پر اوهان رسول صلعم سائينجي گهراڻي لاءِ بٽو معيار ۔

ادا جنهن خدا وت قاتل و مقتول لاءِ جزا برابر آهي اسان ان خدا کان باغي آهيون ۔

اگر توحيدِ هستي هم هين تو مسلڪ جُدا همارا

هم ڪافرون ڪي ڪافر خدا همارا

اقبال

سلام انهن تي جي سلام جي قابل آهن۔

اقبال سلام انهن تي جي سلام جي قابل آهن۔
وسلام
ادا ڏاڏل صاحب۔۔۔۔۔الله تعاله دنيا ۾ جيڪي به نبي ۽ پيغمبر موڪليا آهن انهن سڀني جو مين ڪم اهيو هو ته اهي بت پرستي ۽ شخصيت پرستي مان ان کي ٻاهر ڪڍن ۽ الله جي توحيد بيان ڪن ۽ جيڪي الله جا باغي آهن انهن کي صحيح رستي تي آڻين۔سو ادا توهان ايترو علم حاصل ڪرڻ کان پوء به شخصيت پرستي مان ٻاهر نڪتا ناهيو ۽ ان شخصيت پرستي جي چڪر ۾ ان الله کان باغي ٿا ٿيو، جنهن توهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن شخصيت کي پيدا ڪيو آهي ( جن جي توهان شخصيت پرستي ٿا ڪيو جيڪي پاڻ بيوس هيون) ۽ اهي شخصيتون به ان رب جي اڳيان روئينديون رهيون آهن۔ سو ادا بقول بلي شاه ته ان علم جو ڪهڙو فائدو جيڪو رب نه ملائي، ۽ رب کان باغي ڪري، ادا قرآن قرآن توهان ڪندا وتندا آهيو نه۔ ان ئي قرآن جو حڪم آهي ته الله کي هڪ ڪري مڃون ۽ ان کي ڪنهن سان شريڪ نه ڪريو ۽ جيڪي ان سان ڪنهن کي شريڪ ڪندا اهي دوزخ ۾ ويندا ۽ جنت ۾ نه ويندا۔ سو ادا اسان جا هندو ڀائر نه الله کي هڪ ڪري مڃيندا آهن نه وري شرڪ کان پاسو ڪندا آهن جڏهن ته اهي غير مسلم آهن ۽ يزيد عليه سلام هڪ مسلمان هو، ۽ ڪافر نه اگر گنهگار به هو ته ان لاء رب جو حڪم آهي ته رب پاڪ مسلمانن جا گناه معاف فرمائي ۽ انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو يا اهي گنهگار ٻانها پنهنجي سزا ڪاٽي پوء جنت ۾ داخل ٿيندا، جڏهن ته الله ۽ ان جي رسول جي رسالت جو انڪاري هميشه دوزخ ۾ رهندا۔ ڪڏهن قرآن جو ترجمو به پڙهي ڏسندا۔اقبال قرآن کان مٿي ڪونهي۔ ۽ اقبال جي شعر جو مفهوم به اهيو ڪونهي، نمبر 2 ته جيڪو شخص شراب جي نشي ۾ ڌت ٿئي ڪري ۽ جوان ڇوڪرين جي جهولي ۾ ويهي ڪري ( جنهن لاء ڏسو ڪتاب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔(سنڌ ڳالهائي ٿي جي ايم سيد ) شاعري ڪندو ته اهو اهڙا ئي خيال پيدا ڪندو ان ڳالهه تي افسوس ڪرڻ اجايو آهي۔ادا سو ان لاء عرض ته شخصيت پرستي مان ٻاهر نڪرو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا مون کي افسوس آهي ته اسان جا اڪثر مولوي به مسجدن ۾ الله ۽ ان جي رسول جي احڪامن کان وڌيڪ شخصيت پرستي ڪندا آهن جيڪا ٿيڻ نه گهجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته الله توهان کي ۽ اسان کي هدايت ڏئي، آمين۔
 
Back
Top