• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريڪٽر اسڪيل بابت معلومات

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن کي خبر هوندي ته ريڪٽر اسڪيل زلزلي جي جهٽڪن کي ماپڻ جو آلو ٿيندو آهي۔۔۔ ۽ جڏهن به ڪنهن زلزلي جو اطلاع ملندو آهي ته پهريون سوال اهو پڇيو ويندو آهي ته ڪيتري ماپ جو زلزلو آهي۔۔۔؟ هتي سنگت جي معلومات لاءِ ريڪٽر اسڪيل تي ريڪارڊنگ ۽ ان جي تفصيل بابت مختصر معلومات پيش ڪجي ٿي۔۔۔۔

زلزلي جي شدت | زلزلي جو اثر | زلزلي جا واقعا
\ 0۔2 کان گهٽ | هن شدت جا زلزلا محسوس نه ٿا ڪري سگهجن۔۔ هي عام آهن | روزانو تقريبن 8000 دفعا ۔۔۔۔۔۔۔
\ 0۔2 کان 9۔2 | محسوس نه ٿا ڪري سگهجن پر زلزلي جي پئماني تي ريڪارڊ ٿي ويندا آهن | روزانو تقريبن 1000 دفعا
\ 0۔3 کان 9۔3 | محسوس ڪري سگهجن ٿا پر انهن جي نقصان جو انديشو گهٽ ٿيندو آهي | هرسال تقريبن 49000 دفعا
\ 0۔4 کان 9۔4 | اڪثر شين کي لڏندي ڏسي سگهجي ٿو، گجگوڙ وانگر آواز به ٻڌي سگهجي ٿو پر نقصان جو انديشوگهٽ هوندو آهي | هر سال تقريبن 6200 دفعا
\ 0۔5 کان 9۔5 | غير معياري تعمير شده يا وري ڪمزور عمارتن کي شديد نقصان پهچي سگهي ٿو پر تباهي زلزلي جي مرڪز تي وڌيڪ ٿيندي آهي | هرسال تقريبن 800 دفعا
\ 0۔6 کان 9۔6 | زلزلي جي مرڪز کان 100 ميلن تائين شديد مالي ۽ جاني نقصان پهچي سگهي ٿو | هرسال تقريبن 120 دفعا
\ 0۔7 کان 9۔7 | زلزلي جي شدت سوين ميلن تائين محسوس ڪري سگهجي ٿي ۽ اها پري پري تائين شديد جاني ۽ مالي نقصان پهچائي سگهي ٿي | هرسال تقريبن 18 دفعا
\ 0۔8 کان 9۔8 | زلزلي جي مرڪز کان هزارين ميلن تائين زلزلي جو اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ هي عظيم تباهي آڻي سگهي ٿو | هرسال تقريبن هڪ دفعو
\ 0۔9 کان 9۔9 | هزارين ميلن تائين انتهائي شديد تباهي آڻي سگهن ٿا | تقريبن هر 20 سالن کان پوءِ
\ 10+ | هن اسڪيل جو زلزلو اڄ تائين ريڪارڊ نه ڪيو ويو آهي | انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به نه
 
سائين تما بهترين معلومات آهي۔معلومات ڏيڻ لاء مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين رشيد صاحب مون کي پنهنجو بلاڪ ٺاهڻو آهي، ان لاء اوهان جي رهبري جي ضرورت آهي۔اميد ته نا اميد نه ڪندا۔ مهربانيون
 
اها به سٺي معلومات آهي پر اها ڪهڙي ڪم جي جڏهن زلزلي سبب ڪم ئي لهي وڃن ۔۔۔۔ڪاش اها خبر اڳ پئجي سگهي ۽ انساني تباهي کان بچي سگهجي۔
 
سائين تما بهترين معلومات آهي۔معلومات ڏيڻ لاء مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين رشيد صاحب مون کي پنهنجو بلاڪ ٺاهڻو آهي، ان لاء اوهان جي رهبري جي ضرورت آهي۔اميد ته نا اميد نه ڪندا۔ مهربانيون
معاف ڪجو ڪجهه مصروفيت ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي وئي۔۔۔ موضوع پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا۔۔۔ بلاگ ٺاهڻ ۽ ان کي اپڊيٽ رکڻ انتهائي آسان آهي۔۔۔ ان سلسلي ۾ پهريان ته هتي ڪلڪ ڪري ڪجهه موضوع ترتيب وار پڙهي ڏسو۔۔ ۽ عمل ڪريو۔۔ اميد ته ڳالهيون سمجهه اچي وينديون ان باوجود به ناچيز هر وقت خدمت لاءِ حاضر آهي۔۔ عنقريب سنڌ سلامت طرفان هڪ منفرد بلاگر ٽيمپليٽ پڻ رليز ڪئي ويندي جيڪا هڪ مڪمل سنڌي سپورٽيڊ ٽيمپليٽ هوندي۔۔
توهان جو بلاگ ڏسي ۽ پڙهي مون کي بي انتها خوشي ٿيندي۔۔ جو توهان جو سنڌ سلامت تي آيل مواد ان تي منتقل ٿيڻ سان گڏو گڏ توهان جا اضافي آزاديء سان لکيل موضوع پڻ پڙهڻ لاءِ ملندا۔۔۔
 
اها به سٺي معلومات آهي پر اها ڪهڙي ڪم جي جڏهن زلزلي سبب ڪم ئي لهي وڃن ۔۔۔۔ڪاش اها خبر اڳ پئجي سگهي ۽ انساني تباهي کان بچي سگهجي۔
سائنسدان مسلسل ان ڳالهه جي تحقيق ۾ آهن۔۔۔ انهن جي خيال موجب ڌرتي تي ڪجهه اهڙا جاندار پڻ موجود آهي جن جي حس زلزلي ٿيڻ کان اڳ خطري کي محسوس ڪري وٺندي آهي۔۔ ان سلسلي ۾ چائينا جي ڀالن ۽ آفريڪا جي ڀولن تي تحقيقون هلندڙ آهن۔۔۔ مستقبل قريب ۾ ممڪن آهي ته ڪا پيش رفت سامهون اچي۔۔
 
اهي ويچارا ڀولا ۽ ڪوئا سدائين ويل ۾ آهن۔
 
استغفرالله۔۔۔ فلپائين ۾ گذريل ڏينهن ۾ آيل زلزلي جيڪو ريڪٽر اسڪيل تي 2۔7 ريڪارڊ ڪيو ويو ۔۔۔ جي سوئمنگ پول ۾ لڳل سي سي ٽي وي جي ريڪارڊنگ پيش آهي۔۔ دل هلائيندڙ منظر ۔۔۔

استغفرالله۔۔۔ فلپائين ۾ گذريل ڏينهن ۾ آيل زلزلي جيڪو ريڪٽر اسڪيل تي 2۔7 ريڪارڊ ڪيو ويو ۔۔۔ جي سوئمنگ پول ۾ لڳل سي سي ٽي وي جي ريڪارڊنگ پيش آهي۔۔ دل هلائيندڙ منظر ۔۔۔

الله پاڪ پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ، رب پاڪ حقئون به رکي نا حقئون به ڍڪي
 
Back
Top