اڄوڪو ڏينهن 18 سيپٽمبر تاريخ جي دري مان

'سيپٽمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 18 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    18 سيپٽمبر 1913ع شاعر مرزا اسد بيگ اسد (ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    18 سيپٽمبر 1941ع راڳي ڀڳت پرتاب (لاڙڪاڻو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    18 سيپٽمبر 1950ع باليووڊ اداڪاره شبانه اعظمي جو جنم ڏينهن آهي.
    18 سيپٽمبر 1951ع شاعر اصغر علي اصغر هالو (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    18 سيپٽمبر 1954ع سياستدان ۽ حقيقي جمهوريت لاء جاکوڙيندڙ مير مرتضى ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    18 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ ۽ اداڪار سريش سنڌو (جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    18 سيپٽمبر 1719ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي.
    18 سيپٽمبر 1958ع آزادي جي جدوجهد جي اڳواڻ مولانا عبدالله لغاري جو انتقال ٿيو.
    18 سيپٽمبر 1974ع ڪلاسيڪل گلوڪار استاد امانت علي خان جو انتقال ٿيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو