دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

'استاد بخاري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دادو جي دل دادو جو آواز​

    احمد شاه استاد بخاريٌء​

    تحرير۔۔۔ ممتاز علي وگهيو

    [​IMG]
    ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ
    علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه
    محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد
    تاج محمد صحرائي
    محسن ڪڪڙائي
    احمد ّخان مدهوش
    ڪماالدين سولنگي
    محمد سليم سولنگي
    ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
    محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير
    نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار
    سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر
    ۽ انهن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري پڻ هڪ آهن ​
    .
    احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عّظيم انسان ء عّظيم فقير صفت شاعر هو
    سندس شاعري هر طبقي ۾ ٻڌي ء پڙهي وڄي ٿي، استاد بنيادي طرح هڪ سونهن
    پسند شاعر هو مگر کيس سنڌه سان بيحد محبت ء پيار هو، دادو سان ته عشق هو،
    بقول استاد بخاري
    پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي
    منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي
    دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
    ۽
    سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“
    استاد بخاري پنهنجي زندگي جي شروعات هڪ پارائمري استاد جي حيثيت سان ڪئي. ۽ آخر تائين استاد جي پيشي سان وابسته رهيا ۽ دادو ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر جا فرائض پورا ڪيائون. ۽ پوء دادو ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ سندس ئي نالي سان رکيو ويو استاد بخاري جي سادگي جو انداز اهيو هو جو بخاري صاحب دادو ڪاليج ڪڏهن پيرين پنڌ، ته ڪڏهن سائيڪل تي. ته ڪڏهن ٽانگي ۾ ايندا هئا. ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا ڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهري ڪندا هئا. دادو شهر ۾ اڪثر اسٽيج پروگرام گهڻا ٿيندا هئا. جڏهن ڪي ٽي اين جا مشهور اداڪار منان عباسي ۽ عبدالله ملاح وارا اسٽيج پروگرام ڪرائيندا هئا ته ان ۾ هميشه خاص مهمان استاد بخاري صاحب جن هوندا هئا. دادو جا مانهون استاد بخاري جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هڪ دفعه اسٽيج پروگرام ۾ ڪرسين تان ڪجهه ماڻهون پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ انهن کي ڇڏائڻ ۽ پرچائڻ ۾ بارها ڪوشش ڪئي وئي مگر جهيڙو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي.آخرڪار استاد بخاري صاحب هيٺان اٿي ۽ مٿي اسٽيج تي اچي اهيو چيو ته اسان سنڌين جو ڪم به ڪڪڙين وارو آهي. ۽ پوء خبر ئي نه پئي ته جهيڙو ڪيڏانهن ويو ۽ جهيڙي وارا ماڻهون ڪيڏانهن ويا. استادبخاري جي وري اهيا خوش قسمتي چئبي جو کيس سندس شاعري کي خوبصورت انداز ۾ ڳائڻ وارو سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي دادو شهر ۾ ئي ملي ويو. جنهن سندس جي شاعري کي پوري سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ پنهنجي جادوئي آواز ۽ انداز ۾ عام ڪري ڇڏيو. منظور جو انداز ۽ سڃاڻپ ڪجهه الڳ ئي حيثيت رکي ٿو جنهن استاد جي شاعري کي وري چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا. استاد بخاري کي مان تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن مان (ممتاز علي وگهيو ) ننڍو هئس. ء ان وقت دادو جيل سامهون ڪچهري روڊ تي هڪ وڏي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ استاد بخاري ، امام بخش گهرياڻي، حاڪم علي شاه بخاري(استاد بخاري جو ڀاء) محمد عثمان ميمڻ تاج محمد صحرائي.آندل خان حليو، سيد عبدالله شاه سابقه سنڌ جو وڏو وزير ۽ سائين حافّظ خليل احمد ملاح صاحب شامل ٿيندا هئا. ۽ هڪ علمي ادبي ۽ تمام سهڻي قرب محبت واري محفل مچندي هئي.
    جڏهن سيد عبدالله شاه سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اچي دادو جيل سامهون وڪيل امام بخش گهرياڻي جي آفيس اڳيان گاڏي کي بريڪ هڻائيندو هو ان ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ لاء ۽ پنهنجي دوست اما بخش گهرياڻي سان ملڻ لاء . ۽ وڏي وزير جو اهيو جوش جذبو ۽ عمل ڏسي کيس سان آيل پوري ٽيم حيران رهجي ويندي هئي. مگر ويو وقت گذري. بقول شيخ اياز صاحب ڪي ڏينهن هئا ۽ نينهن هئا.

    استاد بخاري جو مختصر تعارف ​

    اصل نالو ؛ احمد شاه
    والد جو نالو؛ سيد حاجن شاه
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 16 جنوري 1930ع
    ڄمڻ جو هنڌ؛ ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعه دادو
    پهرين نوڪري؛ تپيداري ( تنهنکانپوء استادي جو پيشو اختيار ڪيائين)
    شاعري جي شروعات؛ 1946ع
    نوٽ استاد کي مشهور شاعر عبدالله اثر جي صحبت متاثر ڪيوتنهن کانپوء سندس شاعري رنگ ڪڍڻ لڳي..
    استاد جا تخلص؛ آسي، دردي، ۽آخر ۾ پوء استاد بڻيو.
    تعليم؛ سنڌي فائينل سان گڏ عالم فاضل واريو ڊگريون پڻ حاصل ڪيون( بقول حافظ خليل ته استاد کي فارسي تي پڻ سٺو عبور هو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کان حافظ شيرازي ۽ شيخ سعدي جي شاعري ٻڌندا هئا.۽ جهومندا هئا.
    نوڪري؛ استاد ڪڪڙ شهر ۽ پوء دادو ڊگري ڪاليج ۽ لاڙڪاڻه ڪاليج ۾ نوڪري جا فرائض انجام ڏنا........
    موسيق؛ استاد شاعر سان گڏ هڪ وڏا موسيقار پڻ هئا ۽ پنهنجي ڪيترين ئي ڪلامن جون ڌنون پڻ تيار ڪيائون، .
    بقول منظور سخيراڻي ته استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره وغيره
    استاد بخاري جا ڪتاب؛
    وفات: استاد بخاري کي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي فڪر اچي وڪوڙيو ۽ انهن سوچن آخرڪار ڪينسر جهڙي موزي مرض کي جنم ڏنو،(ڪينسر تنهنجي ڪرت گر رهي اهيا ساڳي، ته نه بچندي ممتاز باقي خلقت هي خدا جي۔ ۽ 9 آڪٽوبر 1992 ۾ بخاري صاحب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اسان کان هميشه هميشه لاء وڇڙي ويو۔( تنهنجو منهنجو ناتو رشتو شايد موت ڇني )

    .......................................................................

    استاد بخاري جون ڪجهه ناياب دلڪش تصويرن (ٻه البم)

    استاد بخاري جي شاعري جا ٽي مڪمل ڪتاب

    بخاريء جا قطعا

    هي گجرا هي گولا

    ڪاري ڪڪر هيٺ

    تمام ڪتاب PDF فائل فارميٽ ۾ آهن ۽ انهن کي پڙهڻ لاءِ توهان کي ايڊويب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

    ڪتاب پڙهڻ لاء ڪتاب جي نالي مٿان ڪلڪ ڪري توهان ڪتاب پڙهي سگهو ٿا،




    استاد بخاري جي شاعري يوٽيوب ۾
    http://www.youtube.com/watch?v=pycfHaqCEMM

    استاد بخاري جا چونڊ ڪلام
    http://www.youtube.com/watch?v=XLppqzu3zrM
    استاد بخاري جي آواز ۾ ماچيس جي ڌن تي ڳايل ڪلام (سچي پچي چين نه آيو ۽ ٻيو ڪجهه )

    http://www.youtube.com/watch?v=fWqBLSGGsos


    http://www.youtube.com/watch?v=yaNKwPUen0Q&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=amPgF7CSdxk

    http://www.youtube.com/watch?v=0pFClZWn4us

    http://www.youtube.com/watch?v=2pDAZ127FKI

    http://www.youtube.com/watch?v=_w9jaR1vdVk

    استاد لاء سنڌ جي مشهور راڳي منظور سخيراڻي جا الفاّظ


    http://www.youtube.com/watch?v=6KlwupIxLRE



    http://www.youtube.com/watch?v=BUDPpNJmFz4

    http://www.youtube.com/watch?v=JmfKWKdK_5E


    استاد بخاري جي باري ۾ يوٽيوب رپورٽ


    http://www.youtube.com/watch?v=5fQ4UkW6Nro&NR=1


    http://www.youtube.com/watch?v=Mxz4NfO1r14

    طالب الموله هاء اسڪول دادو ۾ استاد بخاري جي ورسي جو پروگرام

    http://www.youtube.com/watch?v=BAVvjegIO40&NR=1


    http://www.youtube.com/watch?v=AbinP9LqVFQ

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]




    [​IMG]
    [​IMG]

    ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي
    ڪراچي سنڌ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا ممتاز، يار هي ٿورا اصل ڪونه لاهبا ۽ نه وري لاهڻ جهڙا آهن، وڏي گهاٽي ڳالهه ته لفظ به ڪونه آهن جو اوهانجي هن ونڊ لئه ڪجهه چئي سگهجي ۔۔۔ بس لک ٿورا، قرب اوهانجا ۔۔۔ ويٺا پڙهنداسون ۽ ٻڌنداسون ۔۔۔
    دعائن ۾ گڏ
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا ڀاء نثار ابڙا صاحب
    ادا توهان جا لک لائق جو مون جهڙي ڪم ضرف ماڻهون لاء تعريف جا ايڏا وڏا الفاظ استعمال ڪيا آهن۔
    ادا انشاءالله مان سنڌ جي ٻين نالي وارين شخصيتن بابت پڻ پنهنجي ڪم علمي حيثيت جي حساب سان ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس۔
    دعائن ۾ ياد رکندا۔

    دعائن جو طالب ۽ دعاگو
    ممتاز علي وگهيو
    ڪراچي سنڌ
    وگهيه ويهه ويراڳن وٽ جيڪي پارکو اٿئي پيار جا
    انهئ حقيقي يار جا ٿو جيئاري جيڪو جهان کي ​
     
  4. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    سائيم ممتاز وگهيو صاحب
    تمام زبردست توهان شيئرنگ ڪئي آهي،
    استاد بخاري جي ڇا ڳالهه ڪجي، منّظور سخيراڻي اڄ ڏينهن تائين استاد بخاري کي وساري نه سگهيو آهي، سندس اکين مان ته ڪنهن ڪنهن وقت لڙڪ لڙي ٿا اچن،
    استاد بخاري جي آخري آرام گاه (سيد واڌن شاه) مقام ۾ پڻ آهي،
    جڏهن سائين واڌن شاه پير جي ورسي ٿيندي آهي ته منظور سخيراڻي پڻ سائين جي حاضري ڀريندا آهن ۽ استاد بخاري جي ڏنل کينس کي شاعري کي پڻ ڳائيندا آهن۔

    انشاالله آئون ٽائيم ڪڍي استاد بخاري جي آخري آرام گاه جون تصويرون توهان دوستن سان شيئر ڪندس!
    استاد بخاري جي شاعري جي ڪليڪشن آئون سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪئي آهي جنهن لنڪ هيٺ ڏنل آهي
    http://www.sindhsalamat.com/album.php?albumid=8
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا ممتاز اوهان جس لهڻا استاد بابت اهڙي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ تي
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا تمام بهترين ناليج آهي ان جي ڪري ت چوندا آهن ت دادو ۾ آ جادو.
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا رياض بلڪل
    دادو ۾ ئي ته جادو آ
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا عامر استاد بخاري جي برسي جو ڪوڙو ڏينهن ملهائبو آهي؟
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    ادا استاد بخاري جي ورسي تاريخ جي حساب سان ته 9 آڪٽوبر تي هر سال دادو م ملهائي ويندي آهي، پر باقي حالات جي حساب سان ڏينهن ۽ ورسي جو پروگرام کي اڳتي پوئتي ڪيو ويندو آهي۔
     
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    مهرباني ادا تمام سٺو
     
  11. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    سائين توهان سچ لکيو آهي ته ادا ممتاز جون تحريرون بلڪل معلوماتي آهن۔ خاص ڪري استاد بخاري جي معلومات
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاري

    استاد بخاري جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، اڄ استاد بخاري جي ورسي جو ڏينهن آهي، ان جي نسبت سان هن مضمون کي وري مٿي آڻجي ٿو۔ تاڪه سنڌ سلامت جا دوست استاد جي شخصيت کي هڪ ڀيرو وري پڙهي سگهن۔


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو