مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟
    [​IMG]
    کليل دريءَ واري بند ڪمري ۾ 100 سرون ڪنهن به ترتيب ۾ رکو
    ڪن به ٻن يا ٽن اميدوارن کي ان ڪمري ۾ موڪلي دروازو بند ڪري ڇڏيو ... کين اڪيلو ڇڏي ڏيو ۽ 6 ڪلاڪن کانپوءِ واپس وڃي حالتن جو جائزو وٺو.

    جيڪڏهن هو اهي سرون اڃان ڳڻي رهيا آهن ... ته کين حسابن واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو .
    جيڪڏهن اهي سرون ورائي ورائي ڳڻي رهيا آهن ... ته کين چڪاس (آڊيٽنگ) واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو

    جيڪڏهن سرن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڪمري ۾ پکيڙي گند ڪري ڇڏيو آهي ... ته انهنکي انجنيئرنگ واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو.

    جيڪڏهن هو انهن سرن کي عجيب و غريب نموني ترتيب سان رکي رهيا آهن ... ته کين منصوبابندي واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو

    جيڪڏهن هو اهي سرون هڪ ٻئي کي اڇلائي هڻي رهيا آهن ... ته کين عمليات (آپريشن) واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو

    جيڪڏهن هو ننڊ ڪري رهيا آهن ... ته انهن کي امن ۽ سلامتيءَ (سڪيورٽي) واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو

    جيڪڏهن انهن سرن کي ڀنڇي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي ... ته کين معلوماتي مرڪز ( انفارميشن ٽيڪنالاجي) ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو

    جيڪڏهن هو سست ۽ ڪاهل ٿي ويٺا آهن ... ته کين نوڪرن واري کاتي( هيومن ريسورسس) واري کاتي ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو

    جيڪڏهن هو اهو چون ته انهن مختلف ۽ الڳ الڳ جوڙن ٺاهڻ تي غور ويچار ڪري رهيا آهن ۽ اڃان سرن کي هٿ به نه لاٿو آهي ... ته کين پوءِ وڪري واري کاتي (سيلس ڊپارٽمنٽ) ۾ موڪلي ڇڏيو.

    جيڪڏهن هو غائب ٿي ويا آهن ... ته کين مشهوريءَ (مارڪيٽنگ) واري کاتي ۾ وجهي ڇڏيو.

    جيڪڏهن هو دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيا آهن ... ته کين ڊگهي مدت واري منصوبابنديءَ واري کاتي ۾ رکي ڇڏيو.

    ۽ آخر ۾ جيڪڏهن هو هڪٻئي سان ڪچهريون ڪري رهيا آهن ۽ هڪ به سر کي هٿ نه لڳايو اٿن ... ته کين مبارڪون ڏيو ۽ کين مٿاهين درجي (ٽاپ مئنيجمنٽ) واري اداري ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو۔

    suhnan saan​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    ير نثار ابڙا، ڳالهيون ته تو تمام هڻ کڻ لکيون آهن، هڪڙي ڳالهه يار تو ته لکي ئي ڪانه آهي، جيڪي نه سرن ڳڻين پيا، ورائي ورائي ڳڻين پيا، سرن کي هيڏي هوڏي پکيڙي گند پيا ڪن، هڪ ٻئي کي سرون هڻن پيا، اهي جيڪڏهن سرون ڪُتر ڪُتر ڪري کائڻ لڳن ته پوءِ کين ڪهڙي کاتي ۾ ڀرتي ڪجي۔ کين محڪمه خوراڪ ۾ رکجي يا بکين بي روزگار واري ايڪسچينج ايمپلائمينٽ ۾ شان ۽ مان سان ويٽنگ لسٽ ۾ رکجي۔۔۔۔ ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وين مٺا، ڳالهه پاڪستان جي ادارن جي ڪئي اٿئي يا ڪنهن ٻي مُلڪ جي سرن جي آهي، هتي ته تنهنجي اها ڳالهه سئو فيصد سچي آهي ته هتي هرڪو سرون هڪ ٻئي کي هڻي ٿو، اصل وهائي ڪڍي ٿو۔ اسان جهڙي پياري غريب ۽ ٽي درجي واري عوام سُرون ڪُتر ڪُتر ڪري نٿي کائي پر مٿي تي وسائي کائي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    :D:D:D
    سائين ناز! ٻئي محڪمه ان ئي ڪم لئه آهن ۔۔۔ پر پياري پاڪستان ۾ نئون محڪمه يا وزارت ٺاهڻ ۾ دير ڪهڙي ۔۔۔ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي يا نه؟
    wslam
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    سائين قبلا خوشطبعي معاف ڪجو توهان تمام نصيحت آميز ڳالهه ڪئي آهي پر اهو فيصلو ڀرتي ڪرڻ وارو ڪنهنجي هٿ ۾ هوندو جيڪڏهن بالفرض اپائينمنٽ چارج اوهان جي هٿ ۾ هجي ته پوء جيڪي ڀرتي نه ٿي سگهيا ۔۔۔۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    ۽ سائين جيڪي سرون کڻي در جي اڳيان ڏئي ڇڏين يعني ان کي کلڻ ئي نه ڏين ته پوءِ انهن کي نيب واري کاتي ۾ رکجي
     
  6. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    ۽ جن کي ڳڻپ جي خبر ئي ڪانهي ڪا، انهن کي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪرائي ڇڏيو۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    hall chari توهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته مينيجر بس ڪچهري وارو ئي ڪم ڪندا آهن۔۔۔
    پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ معاف ڪجو جيڪڏهن مون سنڌ سلامت جي مينيجمينٽ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي هجي۔۔۔:D:D
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    هن قصي ۾ ڪنهنجي به ڀرتي نه ٿيڻ جو ڪو سوال ئي ناهي ۔۔۔ سڀ نااهل ڀرتي ڪرڻ جو پورو پورو بندوبست ڪيل آهي ۔۔۔ مونکي اٿارٽي ڏيندا ته هڪ به ڀرتي نه ٿيندو ۔۔۔ آخر جيئالن جو ڇا ٿيندو ۔۔۔

    ڪئي سال اڳ (محترمه بينظير حڪومت جو 89 وارو دور) اسانکي اهليت جي بنياد تي ثقافت واري کاتي ۾ نوڪريون مليون هيون ۔۔۔ محترم قائم علي شاه اهو چئي ته جي سڀ اهليت جي بنياد تي ڀرتي ٿيندا ته پوءِ جيئالن جو ڇا ٿيندو؟ اسانجون نوڪريون ختم ڪري جيئالن کي ڀرتي ڪيو ويو هو ۔۔۔

    سرن جي سهي استعمال لئه ۔۔۔hatt-pare
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    سائين عبدالرشيد ڪسر اوهان به نه ڇڏي آهي پر سائين نثار جن به پنهنجو پاڻ نڀائيندا اچن ٿا ٻه ته ٻارهن واري مثال وانگر مزو لڳو پِيو آهي باقي مستقل مزاجي سان ڪم ڪرڻ سو اسان سنڌي ماڻهن کان گهٽ پڄندو آهي سواء چند فردن جي ۔۔۔۔ الله تعالي انهن مانجهي مردن کي سلامت رکي جيڪي پاڻ ته مستقل مزاج آهن پر ٻين کي به همت ٻَڌايندا رهن ٿا۔جن مان اوهان به آهيو۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    هائو دوستو! اهي ٻه ادارا پڻ انجي اهل آهن ته نااهل ڀرتي ڪجن۔۔۔
    shabash
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    ڀائڙا رشيد، هي اوهانجو ئي سر آهي جو پاڻ به همٿ نه هاري آهي ۔۔۔ جڏهن به همٿ جواب ڏيندي آهي ته اوهانکي سامهون رکي وري همٿ ٻڌجي ويندي آهي ۔۔۔ چوڻي آهي نه ته ”يا پاڻ مڙس ماڻهون ٿجي يا مڙس ماڻهونءَ جي ڪنڌيءَ تي وڃي ويهجي“، پاڻ اوهانجي ڪنڌيءَ تي اچي پنهنجو لڏو لاٿو آهي ۽ اميد آهي ته اڳ کان اڳرا ئي رهنداسون ۔۔۔
    shal judy hujeen

    دعائن ۾ گڏ
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مناسب نوڪريءَ لئه مناسب ماڻهون ڪيئن رکجي؟

    ادا نثار ابڙا ادو رشيد مڙس ماڻهو ته آهي ئي آهي پر جادوگر به پهرين درجي جو آهي اها ڳالهه ڇوٿا ڀُلجو، اهڙا ته ٽوڻا ۽ ڦيڻا ٿو هلائي ، جو ماڻهو مست ٿيو وڃن، اسان جي ڄامشورائي جو مست ٿيڻ به ان سلسلي جي هڪڙي ڪڙي آهي۔ هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڇا! سرهن کي هٿ تي اُڳائڻ جو فن ادا رشيد کي ڀلي ريت ايندو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو