وائي بابت آسان مضمون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين
    عباس ڪوريجو

    وائي لاڙ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي سرائتي صنف آهي. جيڪا سنڌي شاعريءَ جي ٻه صديون پراڻي دور کان شروع ٿي ۽ پنهنجي وچين ڪلاسيڪي دور ۾ اعلى مقام تي پهتي ۽ موضوعاتي انفراديت کڻي جديد دور ۾ لکجي رهي آهي. هن صنف لاءِ چيو ويندو آهي ته اها ڳائڻ مان سرجي آهي ۽ هن جو بنياد ڇند يا عروض جي لفظي ڪاريگري بجاءِ تنبوري جي تنوار تي رچيل آهي.
    پروفيسر محرم خان لکي ٿو، ” وائي ميان عنات رضويءَ جي وقت ۾ نسري نروار ٿي، ۽ بلال شاهه ۽ لطيف سائينءَ جي دور ۾ وڃي اوج کي پهتي آهي، سندس اهو اوج خليفي نبي بخش ۽ قنبر علي شاهه جي زماني تائين به پوريءَ طرح سان قائم رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ جو اهو سڄوئي دور وائيءَ جي وجود تي ناز ڪندو پئي آيو، تان جو ڪافيءَ اچي اهو ميدان والاريو آهي.“ (1)
    وائي سنڌي ۾ پهرين ڪنهن لکي؟ ان بابت ميون شاهه عنات کان پهرين رڳو حوالا ۽ ذڪر ملن ٿا پر ميون شاهه عنات جي ڇپيل ڪلام ۾ ڪيتريون ئي وايون ملن ٿيون، ان حوالي سان مليل تاريخ مطابق ميون شاهه عنات وائيءَ جو پهريون شاعر آهي. ميون شاهه عنات موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ۽ رنگين طبع جو مالڪ هڪڙو عظيم فنڪار ۽ ماهر موسيقارهو ۽ اها موسيقي ئي کيس شاعريءَ طرف وٺي آئي هوندي. وائيءَ جو موجد ڪير به هجي پر ميون شاهه ان کي سنواري سڌاري نروار ڪيو.

    وائي“ لفظ تي هڪ نظر:

    سڀ کان پهرين لفظ ”وائي“ بابت موجود روايتن تي نظر ڦيرايون ٿا. ٻڌايل روايتن مطابق اهو لفظ هندي ٻولي جي لفظ ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان نڪتل آهي، ڪجهه ٻين محققن جو خيال آهي ته اهو پراڪرت لفظ ”وايا“ يا سنسڪرتي لفظ ”ورت“ يا ته عربيءَ جي لفظ ”واءِ“ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنى آهي ”ڳالهه ٻولهه“.
    ”وائي ڏکڻ سنڌ يعني لاڙ جو هڪ مقامي ۽ نج سنڌي لفظ آهي ۽ لغت جي اعتبار کان معنى اٿس: آواز ۽ سر، ڀڻڪو، بيان، گفتگو، زبان ۽ ڳالهه ٻولهه وغيرهه. جنهن کي عام اصطلاح ۾ ٻولي به چئجي ته ڳالهه ٻولهه ۽ گفتگو به سڏجي.“ (2)
    اسين شاهه جي ڪجهه بيتن جون مصرعون وائيءَ لفظ جو مفهوم ڄاڻڻ لاءِ مثال طور آڻيون ٿا. جن مان اها سڌ ملي ٿي ته شاهه صاحب پڻ اهو لفظ عام معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. جيئن:
    راجا رتولن ۾، ورنائي وائي. (سر سورٺ)
    اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جون. (سر سامونڊي)
    يا عام طور تي سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته، ” وائي ته ڪا چڱي ڪڍ!“يا ” وايون بتال ٿي وڃڻ“
    مٿين ڳالهين مان واضع اشارو ملي ٿو ته وائي ڪو غير سنڌي لفظ ناهي. پر اهو سنڌي شاعريءَ ۾ اڳي کان موجود آهي.

    وائي صنف بابت رايا:

    محققن جو خيال آهي ته شاهه عنات رضويءَ کان اڳ ۾ وائيءَ جو ڪو نمونو نٿو ملي، سو چئي سگهجي ٿو ته شاهه عنات وائيءَ جو قالب گهڙيو ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ان ۾ روح ڦوڪيو.
    شيخ اياز لکي ٿو، ” وائيءَ جو گهاڙيٽو بلا شاهه جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو، ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي، ان ۾ نئين جان پيدا ڪئي.“ (3)
    حسام الدين راشديءَ جو خيال آهي ته شاهه لطيف ”ڪافيءَ“ تي ”وائي“ نالو رکيو.
    مخدوم طالب المولى جي چوڻ مطابق،” وائي، بيت، مدح يا قصيدي مان ٺهي آهي، ڇو ته انهن ٽنهي صنفن جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي.“ (4)
    ميمڻ عبد المجيد سنڌي ان خيال جو آهي ته وائي ۽ ڪافي هڪ ئي قسم جي شعر جا ٻه نالا آهن، لاڙ ۾ ان کي وائي ۽ اتر سنڌ ۾ ان کي ڪافي سڏيو ويندو هجي.
    مير عبدالحسين سانگيءَ چواڻي،” شاهه لطيف وٽ جيڪي ٻه هندستاني گويه ”چنچل ۽ اٽل“ آيا، ۽ شاهه جي ڪلام کي ترتيب ڏئي سرن ۽ داستانن ۾ ورهايو، انهن ئي ”واڻي“ نالو رکيو هجي ته عجب نه آهي، جو پوءِ ڦري ”وائي“ ٿي ويو هجي.“(5)

    وائيءَ جو گهاڙيٽو:

    وائيءَ جي پهرين بند کي ٿلهه چئبو آهي ۽ باقي سٽون/مصرعون الڳ الڳ بند يا شعر سڏجن ٿيون، جن جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ وراڻي ايندي آهي. ٻن کان ويهن بندن جون وايون ملن ٿيون، هندي ڇند جي 18 وزنن تي لکي وئي آهي. بناوت جي لحاظ کان هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي ٿيندي آهي. بيت وانگر ڇند وديا تي آڌاريل هجي ٿي. هر بند کان پوءِ ورجاءَ واري سٽ بار بار اچي مرڪزي خيال کي اثرائتو بڻائي ٿي. جنهن جي ڪري خيال ۾ وسعت ۽ رواني پڻ پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان هن صنف جو حسن اڃا به نکري پوي ٿو. وائيءَ جي اوائلي شڪل ”گنان“ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ميون شاهه عنات جون ٿلهه سان گڏ فقط هڪ مصرع/بند واريون وايون به ملن ٿيون ته هڪ کان وڌيڪ به. وائي جي هر پهرين سٽ جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو، پر اهو ضروري به ڪونهي شاهه سائين جي سڀني واين ۾ ائين نه آهي، وائي هڪ ڊگهو بيت آهي، جيڪو ٽن يا چار سٽن کان وڌيڪ به ٿئي ٿو. ڪاموڏ، حسيني ۽ سر سريراڳ جون وايون ڊگهيون آهن، جيڪي 12 کان 24 سٽن تي مشتمل آهن.
    موجودهه دور ۾ وائي ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي گهاڙيٽي تي عام جام لکي وڃي پئي ۽ اڪثر شاعر اٺ بندن تائين سرجن پيا.

    گنان ۽ وائيءَ ۾ هڪ جهڙائي:

    سومرا دور ۾ اسماعيلي فرقي جا مبلغ سنڌ ۾ آيا ۽ انهن تبليغ لاءِ هتي جي مقامي ٻولين ۾ شعر چيا ۽ ان ڪلام کي گنان سڏيو ويو، ان ڪلام کي گنان ان ڪري به سڏيو ويو جو شايد اهو ”گيان“ لفظ جي بدليل صورت ٿي سگهي ٿو. پير شهاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين جن گنان چيا. گنان مسلسل نظم جيان آهي، هر بند ۾ دوهي جهڙو سٽاءُ اٿس، شروع ۾ هڪ وراڻي ٿئي ٿي جيڪا هر بند کان پوءِ دهرائي ٿي. وائيءَ جي صنف به لڳ ڀڳ هن صنف جهڙي آهي، جيڪا واضع ثابتي آهي ته وائيءَ کان پهرين به سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ جهڙي صنف موجود هئي.

    وائيءَ ۽ ڪافيءَ ۾ هڪ جهڙائي:

    ڪافي لوڪ ادب جي صنف آهي، اوائلي شاعر حاجي جانڻ آهي. شيخ اياز لکي ٿو، ” پهريان ڪافي شاهه حسين پنجابيءَ ۾چئي، بعد ۾ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌيءُ ۾ چئي.“ (6)
    برهانپور ڪي سندهي اولياءَ جو مولف ڪافيءَ کي سنڌ جو مقبول راڳ سڏي ٿو. چيو ويندو آهي ته ڪافي اهو چوي جيڪو اهلِ دل هجي. مصري شاهه کي ڪافين جو بادشاهه شاعر سڏين ٿا.
    ميمڻ عبد المجيد جي راءِ مطابق ته لاڙ ۾ ان صنف کي وائي ۽ اتر سنڌ ۾ ڪافي سڏيو ويو هوندو، يا ائين کڻي چئجي ته لاڙ ۾ شاهه عبد الطيف ان کي وائي سڏيو، اتر سنڌ ۾ صاحب ڏني فاروقيءَ ڪافي سڏيو هجي. ان ڳالهه مان تصديق ٿئي ٿي ته ٻنهي صنفن ۾ هڪ جهڙائي موجود آهي.
    ڪتاب ”سرهاڻ“ ۾ وائيءَ کي ٺمري جي هئيت ۾ ڄاتو ويو آهي، اڪثر موسيقيءَ جي استادن ڪافيءَ لاءِ به ائين چيو آهي.(7)
    وائيءَ جيان ڪافي به هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي ٿيندي آهي.

    وائيءَ ۽ ڪافيءَ ۾ نمايان فرق:

    ”جيئن چوندا آهن ته هرڻ پنهنجي ذات ۽ ڦاڙهو پنهنجي ذات بلڪل اهڙيءَ طرح ئي ڪافي ٻي شيءِ ۽ وائي ٻي شيءِ آهي. اها ڳالهه فقط حڪيم عبد الغفار شاهه محسوس ڪئي آهي ته ” متاخرين غلط فهميءَ ۾ اچي وائيءَ کي ڪافي سمجهي ويٺا آهن، ڇو ته سنڌ ۾ شعر يا موسيقيءَ جو ايترو اضافي مواد موجود نه هو، تنهن ڪري اهو امتياز نه رهيو ته وائي ڪهڙي شيءِ آهي ۽ ڪافي ڪهڙي چيز آهي.“ (8)
    ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي تقابلي جائزي لاءِ هتي ڪجهه نمايان ڳالهيون ونڊجن ٿيون.
    ڪافي ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ لوڪ ادب جي صنف آهي، جڏهن ته وائي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جي مقبول صنف آهي.
    ڪافيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ يا مبالغو ناهي ٿيندو ۽ وائيءَ ۾ مبالغي جي پڻ اجازت آهي.
    ڪافي ديپڪ راڳ جي صنف پڻ آهي، ان لاءِ اهو به چيو ويندو آهي ته ڪافي اهو لکي جيڪو ساز ۽ سوز جو صاحب هجي، جڏهن ته وائيءَ لاءِ اهو شرط ناهي.
    ڪافي ديسي شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن ۾ رسمن، رواجن، عشق محبت، وڇوڙي، وصل ۽ درد جون دانهون وغيرهه جهڙا موضوع هوندا آهن، جن کي وسعت ڏيڻ سان گيت جي شڪل ٺهي سگهي ٿي.جڏهن ته مضمون جي لحاظ کان وائيءَ ۾ جدت ۽ انفراديت آهي. وائيءَ جو ڪوبه موضوع طئه ناهي. اها ڪهڙي به موضوع تي لکي سگهجي ٿي.
    ڪافيءَ جي اڪثر وراڻي واري سٽ هر بند کان پوءِ تبديل ٿيندي ايندي آهي، جڏهن ته وائيءَ ۾ اها ساڳي ئي رهندي آهي ۽ تبديل
    ناهي ٿيندي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب جن جي چوڻ مطابق ”وائي ۽ ڪافي ۾ فرق ئي وزن جي نظام جو آهي، وائيءَ لاءِ اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي، هيءَ ڇند تي آڌاريل آهي، موسيقيءَ واري موزنيت ثانوي آهي.
    اسد جمال يوسفاڻي پنهنجي مضمون ”سنڌي ڪافي“ ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي صاحب جي راءِ جيئن جو تيئن هن طرح ڏني آهي،” تاريخي روايتن ۽ فني مطالعي کان پوءِ آءُ انهي نتيجي تي پهتو آهيان ته: ”وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن.“(9)

    وائيءَ جا دور:

    هونئن ته وائي مغلن جي دور کان ملي ٿي، جيڪو ان جي اوسر جو اوائلي دور پڻ آهي پر وائيءَ کي اسان ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
    پهريون دور: پهريون اوائلي دور جيڪو ٻه صديون اڳ وارو آهي جڏهن سنڌ اڃا مغلن جي شهنشاهيت ۾ هئي، ان دور ۾ شاهه عنات رضوي، وائيءَ کي ظاهري ويس پارايو پوءِ سندس اولاد مان محمد شريف رضوي پڻ ان تي طبع آزمائي ڪئي.
    وچون دور: وائيءَ جو ٻيو دور شاهه عبد الطيف ڀٽائيءَ وارو دور آهي. جنهن ۾ خليفي نبي بخش جون وايون مقبول آهن، شاهه سائينءَ وائيءَ کي عرش تي پهچايو ان جو سبب اهو آهي ته ميون شاهه عنات به موسيقي سان دلچسپي رکندڙ گويو ۽ شاعر هيو ته شاهه سائين به تنبوري جي تان تي وائيءَ کي جهونگاري ان تي عرش تي رسايو. ميرن جي اوائلي دور ۾ قنبر علي شاهه پڻ راڳ رنگ ذريعي وائيءَ کي مقبول ڪيو. ميرن جي زوال سان گڏ وائيءَ جو به زوال آيو ۽ ڪافي لکجڻ ۽ ڳائجڻ لڳي، انگريزن جي دور ۾ ڄڻ وائيءَ کي ملڪ بدر ڪيو ويو هو.
    جديد دور: هي ٽيون دور آهي، جنهن ۾ اياز جو جنم ٿيو، جنهن سنڌي ڪلاسيڪي صنفن کي وري جيئاريو، بيت ۽ وائيءَ ۾ موضوعاتي تبديلي آندي ۽ رائج ڪيو.

    وائيءَ جا قسم:

    وائيءَ کي گهاڙيٽي جي لحاظ کان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
    هيڪوڻي وائي:
    هيڪوڻي وائيءَ جو مثال شاهه جي وائيءَ مان وٺون ٿا، هن قسم جي وائيءَ ۾ وراڻي واري سٽ ناهي هوندي، پهرين سٽ ٿلهه ۽ ٻيون ان جون هم قافيه هونديون آهن. هن کي يڪي وائي به سڏجي ٿو.

    سيڻن جيءَ سنڀار، جڏڙو جيءُ جيارئو.
    پرين جيءَ پچار، جڏڙو جيءُ جيارئو.
    ڪرم ڪريمن جي، اهُکيءَ وير اڪارئو.
    صالحن جيئن سڏ ڪري، طالحن کي تارئو
    اونهين تڙ عميق مان، پرين پوڄ پيارئو
    سامهون ڪري سپرين، نرمل نور نهارئو
    مرض مريضن تان، اشاري ساڻ اتارئو.

    ڏيڍوڻي وائي:
    گيت جي سريلي شاعر سرمد چانڊيي جي شيخ اياز تي لکيل وائيءَ جو نمونو جيڪو ڏيڍوڻي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي مبني آهي. هن ۾ هڪ سٽ ۽ ان کان پوءِ ان جو وراڻو هوندو آهي جيڪو هر سٽ کان پوءِ دهرائجندو ايندو.

    پائي ويٺي جهول ۾، ساريءَ سنڌ جو ساهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    هڪڙي هنج اياز ۽ ٻيءَ ۾ شاهن شاهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    اڳ کان اڳرو ٿي ويو، وانگين جو ويساهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    مٽيءَ جو ڇا مان آ، رهندو وقت گواهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    پيتو ڪنهن نه پياڪ هو، امرتائين اٿاهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    ريس نه ڪنهن جي ڀاڳ سان، هر ڪنهن پنهنجو چاهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    پاڻيءَ کان وڌ آهه ڪو، پيارن منجهه پساهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    ڪير هيو هن حال کان، عشق بنا آگاهه
    ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
    ٻيڻي وائي:
    شيخ اياز جي مشهور وائي جيڪا ٻيڻي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي مبني آهي، هن ۾ ٻن سٽن جو شعر/بند ايندو آهي، ان کان پوءِ وراڻو ايندو آهي، هر بند کان پوءِ اهو وراڻو ورجائبو ايندو.


    هو جي ڪالهه تڏي
    ڇپر منجهه ڇڏي
    ڪهه ڄاڻان ڪاڏي ويا
    هاءِ ويا هو قافلا
    ڪهڙيءَ لوءِ لڏي
    ڪهه ڄاڻان ڪاڏي ويا
    جن جا پيرا پوڄيا
    منهنجي جيءَ جڏي
    ڪهه ڄاڻان ڪاڏي ويا
    واڪا واڪا واءُ مان
    ٿي اڄ سڃ سڏي
    ڪهه ڄاڻان ڪاڏي ويا.



    وائيءَ جي موجودهه حيثيت:

    اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته شيخ اياز موجودهه دور ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن جهڙوڪ بيت ۽ وائيءَ ۾ موضوعاتي تبديلي آندي ۽ ڀرپور لکيو ۽ نتيجي طور سندس هم عصر شاعرن پڻ ان تي پاڻ ملهايوموجوده دؤر ۾ سنڌي وائي کي سگهاري حيثيت حاصل رهي آهي.ڪيترن ئي سنڌي شاعرن هندي ڇند توڙي علم عروض تي وايون لکيون آهن، جهڙي طرح شاهه سائين جي رسالي ۾ اٽڪل هر داستان جي آخر ۾ وائي ڏنل آهي ائين ئي جديد شاعرن جي شاعريءَ ۾ غزلن سان گڏ وائي پڻ شامل آهي، جيڪو وائيءَ جي مقبوليت جو پڪو ثبوت آهي.
    موجوده دؤر ۾ شيخ اياز سٺيون وايون لکيون آهن، شيخ اياز وائيءَ کي هندي ڇند مان ڪڍي علم عروض تي پڻ لکيو پر وري هندي ڇند تي آڻي سونهن بخشي، اياز کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن عروض تي وايون لکيون. وائي لکندڙ شاعرن ۾ استاد بخاري، امداد حسيني، تنوير عباسي،فتاح ملڪ،سرڪش سنڌي، قمر شهباز، مير محمد پيرزادو، عبدالحڪيم ارشد، سرويچ سجاولي، انور پيرزادو،رشيد احمد لاشاري، سرمد چانڊيو، سعيد سومرو، محسن ڪڪڙائي، اياز گل ۽ ٻيا نالا شامل آهن جن جي قطار تمام ڊگهي آهي.
    جديد دؤر ۾ وائي جو موضوع صوفيانه هئڻ سان گڏ جديد حالاتن ۽ سنڌي معاشري جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. شيخ اياز ۽ استاد بخاري وائيءَ جا اهم شاعر آهن.

    استاد بخاريءَ جي وائي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    ڏيندا ڏيهه ميار، او يار
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.
    ڪوٽن ۾ قيد پائي قابو، ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار.
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.
    هوشو وارو نعرو ماري، ماري پاڻ جيار، او يار.
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.
    نيٺ ننڊاکڙا پٽڙا ٻڌندا، جيجل جي للڪار، او يار.
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.
    شيخ اياز جي وائيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    مان نه هوندس
    شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
    ڪنهن ڪتيءَ جي شاخ تي، جنهن وقت آکيرو اڏيندس
    شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
    گيت ڳائيندينءَ جڏهن منهنجا ته تو وٽ آءُ ايندس.
    شاعري تو وٽ ڇڏيندس
    اوڙڪون ٿي رات ڀر رابيل مان تو لاءِ نيندس
    شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
    رات جي راڻي جڏهن ٽڙندي تڏهن هٻڪار ڏيندس
    شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
    آءُ تنهنجي زندگي هان، موت ۾ ڪيئن منهن مٽيندس
    شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
    اڄ جي نوجوان شاعرن مان سعيد سومري جي هي وائي ڇند 11/13 تي لکيل آهيهتي نموني طور ڏجي ٿي.

    ٿي تون باک نهار
    من ڪو چـــينُ ملي پوي!
    سيءَ ـــ سياٽي سانت ۾،
    ٿوري مــــڌُ پِــــيارِ
    من ڪو چـــينُ ملي پوي!
    اوجاڳن ــــ آڙاهه تان،
    مرڪي نيڻَ اُتار
    من ڪو چـــينُ ملي پوي!
    اُجرا خواب بسنت جا،
    مُرڪي ياد ڏيار
    من ڪو چـــينُ ملي پوي!
    ڳڀا ڪري وجود جا،
    پنهنجي سينڌ سنوار
    من ڪو چـــينُ ملي پوي!
    نفرت ڇڏي ڪروڌ اڄ،
    نگريون نينهن نکار
    من ڪو چـــينُ ملي پوي!

    سعيد سومري جي علم عروض جي رڪنن فاعلن فاعلن تي آڌاريل وائي نموني طور پڻ ڏجي ٿي.

    سجُ ۽ سجُ ـــ مُکي،
    ڳُجهه ـ ڳالهين هزار،
    مرڪ مُک صُبح تي.
    دڳ شوالي مٿان،
    سونهن ــ ساڳي سُڪارَ
    مرڪ مُک صُبح تي.
    منجهه موتيءَ ــ گھٽيءَ،
    رلُ اُها ئي نهارَ.
    مرڪ مُک صُبح تي.
    سنڌُ، ساجنُ سدا،
    قرب، ٿورا، قرارَ.
    مرڪ مُک صُبح تي.
    هيجُ ـــ هيڏو هڳاءُ،
    ڪَهُه ڦڪا ڦُل يارَ!
    مرڪ مُک صُبح تي.
    *********************************************************************************************************************
    حوالا:
    1. مضمون، ”سنڌ جي قديم سرائتي صنف“ پروفيسر محرم خان، پرک 1977، صفحو 131
    2. ساڳيو، صفحو 122
    3. ڪتاب، ”شاعريءَ جو صنفون ۽ صنعتون“ ظفر عباسي، صفحو 351
    4. ڪتاب، ”ڪافي“ مخدوم طالب المولى، صفحو 52
    5. ڪتاب، ”ڪافي“ مخدوم طالب المولى، صفحو 52
    6. ڪتاب، ”شاعريءَ جو صنفون ۽ صنعتون“ ظفر عباسي، صفحو 353
    7. ڪتاب، ” سنڌ ادب جي تاريخ“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، صفحو 332
    8. مضمون، ”سنڌ جي قديم سرائتي صنف“ پروفيسر محرم خان، پرک1977، صفحو 120
    9. مضمون، ”سنڌي ڪافي“ اسد جمال يوسفاڻي، مهراڻ 1984، (مقالا نمبر )

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,201
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عباس اوهان تمام سٺي شيئرنگ ڪئي آهي ۔۔۔۔

    وائي بابت هي هڪ سٺو ۽ ڄاڻ وارو مضمون آهي۔
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    پ
    پيارا اگر اوهان کي ڪٿي ڪا اصلاحي ڳالهه نظر اچي ته ضرور آگاهه ڪجو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,201
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جي دوست آفتاب کوهاري هڪ دفعي سنڌ سلامت تي لکيو هو :


    سنڌي شاعريءَ جي صنف وائي
    ”نرمل“ کوهارو


    سوال: وائي ڇا آهي؟
    جواب: سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ عشق محبت ۽ وحدت جو ذڪر ڪيل هوندو آهي، وائي جي پهرين بند کي ٿلهه چئبو آهي، جيڪو اڪثر ڪري ٻه اڌ ٿئي ٿو ۽ ٿلهه کان سواءِ باقي مصرعون (سٽون) الڳ الڳ ٿين ٿيون جن جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو، بناوت جي لحاظ کان وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي پڻ ٿيندي آهي، جنهن جو وزن ڇندوديا تي رکيل هوندو آهي.

    سوال: ”وائي“ جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: ”ڳالهه ٻولهه“.

    سوال: وائيءَ کي چوٽ تي ڪنهن رسايو؟
    جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.

    سوال: مثال طور لطيف سائينءَ جي ڪا به وائي ٻڌايو؟
    جواب: سڄڻ ٻاروچي ذات، دلبر ٻاروچي ذات
    جاني جت وٺي ويا، روهه ۾ پيين رات
    ڪهي ڪميڻي هليا، اديون آڌي رات
    ملان محبوبن کي، وهاڻي پرڀات
    اڌيون عبداللطيف چئي، ڏاتر ڏيندم ڏات.

    سوال: وائي جي شڪل ڪهڙي صنف سان ملندڙ جلندڙ آهي؟
    جواب: ”گنان“ سان.
     
  5. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    خوشي ٿي اوهان آفتاب کوهاري جي پوسٽ کي شيئر ڪيو۔ سوال جواب جي طرز تي آفتاب جي پوسٽ بنيادي مختصرمعلومات رکي ٿي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    وائي جهڙي ڪلاسيڪي صنف جيڪا جديد شاعري ۾ به پنهنجي جلال و جوهر سان موجود آهي، ان تي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت پڻ آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    وائي جي مضمون ۾ ترميم ڪري ان کي تحقيقي بڻايو ويو آهي۔ جيڪو هاڻي پوري طرح ادبي اصولن تي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو