عباس ڪوريجو
سينيئر رڪن
اردو جي ان سيڪشن ۾ اردو ۾ لکيل سنڌ جي حوالي سان مواد شامل ڪري سگهجي۔ اردو يا انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ يا سنڌين بابت مواد کي ڪٿي اپلوڊ ڪريون؟
تمام سٺي صلاح آهي ۔۔۔
ان سلسلي ۾ دوست ذيشان رشيد سائين نثارابڙو ۽ انتظامي رڪنن کي عرض آهي ته پنهنجا ويچار ڏين۔
منهنجو خيال آ دوستن ادا عباس ڪوريجو جي ڳالهه سمجهي ئي ڪونهي۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين نيوز چينلس تي سياسي مباحثو هلي رهيو هو۔۔۔ پروگرام ۾ ايندڙ سياسي مهمان اردو ڳالهائي رهيا هئا۔۔۔ ميزبان پڻ اردو ۾ سوال ڪري رهيو هيو۔۔ اهو پروگرام منهنجي سڃاڻپ جي ڪجهه پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن پڻ ڏٺو۔۔ جڏهن انهن سان ملاقات ٿي ته انهن چيو ته اسان هميشه اهو سوچيندا هياسين ته سنڌي ڪالاباغ ڊيم پروجيڪٽ جي مخالفت رڳو ڪجهه قومپرست سياستدانن جي سياسي دڪانداري چمڪائڻ جي ڪري ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو پروجيڪٽ ملڪ مان توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي ڪافي ايراضي کي ذراعت جي قابل بڻائي سگهي ٿو۔۔۔ پر جڏهن اهو پروگرام ڏٺو ته اصل خبر پئي ته ڪالاباغ ڊيم پروجيڪٽ ڪهڙي طرح سنڌ تباهي جو منصوبو آهي ۔۔۔
سندن اهڙين ڳالهين مون کي ان ڳالهه تي به سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو ته جيڪڏهن اسان سنڌين جا اڙدو چينل هجن ته شايد اسان پنهنجو موقف کي ٻين تائين سولائي سان پهچائي به سگهون ۽ پنهنجي آواز کي دٻائيندڙن جي سامهون به بيهي سگهون۔۔۔
منهنجي خيال ۾ ادا عباس اردو جي اهڙي سيڪشن جي اضافي جو ذڪر ڪري رهيو آهي جنهن ۾ رڳو اهڙي مواد کي جيڪو سنڌي ادب، ثقافت ۽ شخصيتن تي مشتمل هجي کي سنڌ سلامت تي سنواري سگهجي ته جيئن اڙدو پڙهندڙن تائين پڻ پنهنجي ڳالهه کي پهچائي سگهجي۔۔۔
سندس ان مشوري جي اهميت بلڪل درست آهي ۽ ان سان اهڙو مواد گوگل سرچ انجن ۾ پڻ شامل ٿي ڳولا جي قابل بڻجي سگهي ٿو۔۔۔ بس رڳو اها ڳالهه رڪنن کي سمجهائڻ ڏکي آهي جو هو اردو سيڪشن ڏسندي ئي ان جي اهميت ۽ اصولن کي وساري ويهندا ۽ انٽرنيٽ تي پکڙيل اردو مواد کي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ شروع ڪندا۔۔۔ نتيجي طور انتظاميه جيڪا اڳ ئي انتظامي ڪمن ۾ ڪافي سست آهي لاءِ هڪ وڌيڪ اضافي وزن درست مواد کي چونڊڻ ڏکيو ٿي پوندو۔۔۔
مٿي صورتحال کانپوءِ ادا عباس ڪوريجو جن جي هن مشوري کي في الوقت رد ڪجي ٿو۔۔۔ اميد ته ادا عباس انتظامي مجبورين کي سمجهي چڪو هوندو۔۔۔
سائين محترم عباس ڪوريجو صاحب! ۔۔!!! ۔۔۔ ٻيڙو اونڌو بلڪل به ناهي: لڳي ٿو ته تفصيلي ڳالهائڻو پوندو ۔۔۔
اوهان جي را جو احًترام ڪندي سنڌ سلامت تي هڪ سيڪشن ٻين ٻولين ۾ سنڌي مواد جي پيش ڪرڻ جو ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اها سختي هجي ته سنڌ بابت ۽ صرف سنڌ بابت مواد پيش ڪيو وڃي نه ڪي اردو ادب مان شاعري ۽ آکاڻيون پيش ڪيون وڃن۔ سيڪشن جو نالو ”سنڌ بابت لکيل ٻين ٻولين مان آندل مواد“ رکي سگهجي ٿو، پو اهو ڪهڙي به ٻولي ۾ هجي، اردو، انگريزي، عربي يا جرمن، اهو ڪم اسانجو دوست ذيشان رشيد ڪري وٺندو، ۔
سنڌ سلامت جا 100 سيڪڙو ميمبر سنڌي آهن، هن فورم جو ڪو به اهڙو ميمبر ناهي جيڪو ٻي ٻولي سان تعلق رکندڙ هجي، انڪري اها گذارش ڪئي وئي ته ٻين ٻولين ۾ موجود مواد کي هن فورم تي ترجمو ڪري رکيو وڃي۔۔۔۔ جيڪڏهن قيمتي مضمون آهن ته انهن کي ڪجهه ترجمي سان يا حوالي جي طور تي ٻين ٻولين ۾ پڻ ونڊ ڪري سگهجي ٿو، ان ۾ ڪو اعتراز ڪون ٿيندو۔
اوهانجي ڳالهه ته شيخ اياز جڏهن اردو ٻولي ۾ شاه کي ترجمو ڪيو ته پاڪستان جي ٻين ٻولين ڳالهائڻ واري کي خبر پئي، بلڪل صحيح چيو اوهان ۔۔۔ ان جو مقصد اهو ناهي ته سنڌ سلامت جت سڀ سنڌي ميمبر آهن انهن کي ٻي ٻولي ۾ مضمون پڙهايا وڃن، ۔۔۔۔ اوهان جن مضمونن کي هن فورم تي رکڻ گهرو ٿا، ڇا انهن موضوعن جو مواد سنڌي ٻولي ۾ موجود ڪون آهي؟ يا وري ائين ته ناهي ته ٻين ٻولين وارن سنڌ جي تاريخ تي سنڌين کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، انڪري سنڌين کي ٻي ٻوليءَ ۾ موجود مواد پڙهائي پنهنجي تاريخ کان واقف ڪيو وڃي؟؟؟؟ ائين هرگز به ناهي، سنڌ بابت سمورو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهي، عربن کان وٺي انگريزن تائين جو لکيل مواد سنڌيءَ ۾ موجود آهي۔
ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌي ادب کي اردو ۾ يا ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري ٻين فورمن ۽ ادارن تي ونڊ ڪيا وڃن ته جيئن ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن کي سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ تاريخ جي ڄاڻ ڏني وڃي۔۔۔ اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي تاريخي موجود مواد کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري يا نئين تخليق ۽ تحقيق سان ليک يا مضمون لکي ٻين فورمن يا ادارن تائين پهچايون۔ اهو ڪم پڻ سنڌ جي خدمت جو اعلا مثال ٿيندو، جيڪڏهن اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسانجو اوهانکي سلام، اوهانجي نرڙ تي چميون ۔۔۔
هن وقت عرب ٻولي ۾ صرف ۽ صرف عربي جو مواد پيش ڪيو وڃي ٿو، دنيا ڀر جا علم عربي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا، ائين دنيا جون سڀ قومون دنيا ڀر جا علم پنهنجن ادارن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ آڻي رهيون آهن، ۽ پنهنجا علمي مضمون ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪرائي دنيا جي ادارن تائين پهچائن ٿيون۔
سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو اداروآهي جت سڀ رڪن سنڌي ڳالهائيندڙ آهن ۔۔۔ سنڌي ٻولي لا ڪيل ڪاوشن جو قدر ڪيو ويندو ۽ مضمون مقالا سنڌي ۾ آڻڻ کي ساراهيو ويندو، حوالي طور تي ٻين ٻولين مان کنيل مواد ڏيڻ تي ۡڪو حرج ناهي ۔۔۔ اوهان سنڌ سلامت کي پنهنجو سمجهي سنواري ۽ سينگاري سگهو ٿا۔
هڪ عرض ته محنت ۽ مدد جي ضرورت ان جا تي ڪارائتي هوندي آهي جت انجي گهرج هجي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي علم کي اوهان دوستن جي سخت ضرورت آهي، ٻين ٻولين جي ادارن تائين پنهنجو مواد ترجما ڪري يا تخليق جي ذريعي پهچايو ۽ ٻين ٻولين جو مواد سنڌي ۾ آڻي سنڌي ادارن تائين پهچايو ۔۔۔
سدا سرها رهو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
هر قوم پنهنجي ٻوليء جي ترقيءق لاءِ ڪوشا آهي اسان کي به گهرجي ته ٻين ٻولين جو سٺو مواد سنڌيءَ ۾ لکي سنڌ سلامت تي پيش ڪريون۔ وڌيڪ انطاميه جي هي حوالو هڪ پڙهوهن وقت عرب ٻولي ۾ صرف ۽ صرف عربي جو مواد پيش ڪيو وڃي ٿو، دنيا ڀر جا علم عربي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا، ائين دنيا جون سڀ قومون دنيا ڀر جا علم پنهنجن ادارن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ آڻي رهيون آهن، ۽ پنهنجا علمي مضمون ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪرائي دنيا جي ادارن تائين پهچائن ٿيون۔
شاباس پريا مڙس تون چڱا مليا ائين ادا اسان بس ڪيتي توبنهن باب نه لکو تُسان ڏي مرضي اسان بس ڪيتي۔دوستن جا رايا پڙها وضاحت سان سمجهايو ويو۔منهنجي خيال ۾ اردو جي باري ۾ سوچجي ئي نه ڪهڙي ضرورت آهي مان سائين نثارابڙو جي پهرين جواب ۽ ڊاڪٽر ممتاز قريشي صاحب جي راءِ جي ڀروپور حمايت ڪريان ٿو۔ سنڌ سلامت هڪ مڪمل سنڌي فورم آهي جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌ بابت اردو تان ڪو مواد ملي ٿو تو ان کي به سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري ۽ حوالو پيش ڪري۔ بقول سائين نثار جي ته
هر قوم پنهنجي ٻوليء جي ترقيءق لاءِ ڪوشا آهي اسان کي به گهرجي ته ٻين ٻولين جو سٺو مواد سنڌيءَ ۾ لکي سنڌ سلامت تي پيش ڪريون۔ وڌيڪ انطاميه جي هي حوالو هڪ پڙهوهن وقت عرب ٻولي ۾ صرف ۽ صرف عربي جو مواد پيش ڪيو وڃي ٿو، دنيا ڀر جا علم عربي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا، ائين دنيا جون سڀ قومون دنيا ڀر جا علم پنهنجن ادارن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ آڻي رهيون آهن، ۽ پنهنجا علمي مضمون ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪرائي دنيا جي ادارن تائين پهچائن ٿيون۔
اسان جو نعرو سنڌ ۽ سنڌيءَ جي پرچار ڪرڻ آهي۔۔۔ (حوالو)