اردو جو هڪڙو سيڪشن شروع ڪريو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2013۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ڏاڏل ڪاوڙ ڇو ٿا ڪريو توهان ئي ٻڌايو ته اسان جو رايو ڪئين غلط آهي۔ ڪهڙا اردو وارا اسان جي فورم تي اچي اردو جا ليڪ پڙهي ۽ پنهجا رايا پيش ڪندا توهان انهن کي سنڌي ۾ پيش ڪريو نه جيڪو سنڌ سلامت جو مقصد به آهي۔
    اسانکي پنهنجي ٻوليءَ کي وڌ ۾ وڌ پروموٽ ڪرڻ گهرجي،
    ڪالهه مون اي، ايس ، پي، اين تي پاڪستان ۽ انڍيا جي پراڻي ميچ پئي ڏٺي ان ۾ پاڪستاني رانديگرن جا نالا به هِنڌي ۾ ڏئي رهيا هئا۔ هر قوم پنهنجي ٻوليءَ جي ترقيء ۾ ڪوشان آهي افسوس جي ڳالهه آهي جو اردو سيڪشن لاء هرو ڀرو ڳالهه کي وڌايو پيو وڃين جنهن جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ٻوليون سڀيئي لوليون،
    پر مون لاٰءِ سنڌي لولي،
    ٻوليون سڀيئي سوليون،
    پر مون لاءِ سنڌي سولي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. احسن بلوچ

    احسن بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    ٻولي ڪا به خراب ناهي، اردو ۾ ڳولا ڪرڻ سان سنڌ بابت ڪوبه مواد نٿو اچي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڪاشف علي ميمڻ

    ڪاشف علي ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    منهنجي راءِ اها آهي ته اسان ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن کي به پنهنجو مواد پڙهايون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    هن موضوع تي ٻئي موقوف پڙهيم،پهريائين ته پهرين موقوف متاثر ڪيو،پوءِ وري جڏهن ٻيو موقوف پڙهيم ته ان کان متاثر ٿيس.ٻئي موقوف فرق رکن ٿا ته ڪافي غور ڪرڻ کان پوءِ منهنجي جيڪا راءِ ٺهي آهي سان هيٺ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
    هتي ڪنهن قدم جي خراب،سٺي يا غلط صحيح هجڻ جو ناهي،پر اصل ڳاله اها آهي ته ڇا ان جي هن فورم جي مقصد سان مطابقت آهي يا نه؟ جيڪڏهن هن فورم جو مقصد سنڌ جي مسئلن کي،سنڌ جي ماڻهن جي ثقافت ( جيتوڻيڪ ٻولي به ثقافت جو حصو آهي پر ثقافت هڪ تما م وسيع لفظ آهي)کي اجاگر ڪرڻ آهي ته پوءِ ته ڪنهن به ٻولي جي هجڻ سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ،پر جيڪڏهن هن فور م جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي جي پکيڙ ، واڌارو ۽ ترقي آهي ته پوءِ ان لاءِ ڪجھ تفصيل هيٺ بيان ڪريان ٿو.
    ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي لاءِ بنيادي ته ٻن ڳالهين جو هجڻ ضروري آهي،هڪڙو ته ان جي سکڻ ۽ ان جي استعمال کي آسان بڻائجي،ان ۾ لغتون هجن،ان جي لاءَ معياري ڪتاب هجن جيڪي ان ٻولي جي باري ۾ ڄاڻ ڏين. سنڌي ٻولي جا فانٽ ۽ ڪي بورڊ ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي استعمال ٿي سگھڻ کان پوءِ انٽرنيٽ تي به اچي ويئي آهي،پر جيڪڏهن اهو ڪم ئي نه ٿي ها ته پوءِ صرف جذبي سان ڪم نه ٿي سگھي ها سنڌ سلامت جھڙي فورم جو انٽرنيت تي اچڻ ممڪن نه هجي ها.
    ٻي ڳاله اها آهي ٻولي اها ترقي ڪندي آهي جنهن ۾ معياري ڪم ٿئي.ڪهاڻي، ادب ،سائنسي تحقيق ان معيار جي ٿئي جو سڄي دنيا ان طرف متوجه ٿئي،مختلف علوم جي سکڻ جي لاءَ ٻين ٻولين وارا به اها ٻولي سکن ۽ پنهنجي پنهنجي ٻولين ۾ ان معياري ڪم جا ترجما ڪن.
    تنهڪري جيڪڏهن هن فورم جو واحد مقصد سنڌي ٻولي جي پکيڙ آهي ته پوءَ اردو سيڪشن شروع نه ڪيو وڃي پر سنڌي ٻولي جون لغات ترتيب ڏيئي،انهن ۾ هن وقت دنيا ۾ موجود هر لفظ ،۽ تصور جي لاءِ لفظ ڏنا وڃن،جيڪي الفاظ سنڌي ٻوليءَ ٻين ٻولين کان قبول ڪيا آهن تن کي به باقاعدي ٻوليءَ جو حصو بڻايو وڃي.
    ٻيو اچو ته ان معياري قسم جو ادب لکون ۽ سائنسي علوم حاصل ڪري حال ۾ جيڪو سائنسي ڪم ٿيل آهي ان کان اڳتي جو ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪريون ته پنهنجي سنڌي ٻولي ترقي ڪري.

    باقي جيڪڏهن ان واحد مقصد کانسواءَ ٻيا به ڪي مقصد هن فورم جا آهن ته پوءِ ڀلي اردو سيڪشن شروع ڪيو وڃي،۽ ٻين ٻولين جا سيڪشن پڻ شروع ڪيا وڃن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    اسان بحيثيت سنڌي ڄاڻون ٿا ته اسان جي ثقافت ڇا آهي، اجرڪ جي ڇا اهميت آهي، اسان جا جوڌا ڪهڙا آهن، اسان جي صوفي شاعرن ڪهڙو پيغام ڏنو، ڪيئن اسان جو لطيف دنيا جو وڏو شاعر آهي؟، اسان ڪهاڙي ڇو استعمال ٿا ڪريون، تڏي تي لنگهي وڃڻ ڪهڙي معنى ٿو رکي، اوطاق جو تقدس ڪهڙو آهي؟، اسان جا قومي ڪردار ڪهڙي طرح سيڪيولر آهن، اسان وٽ نياڻي ست قران ڇو آهي؟ اسان مهمان نواز ڇو آهيون؟ اهڙيون سڀ ڳالهيون فقط اسان پاڻ ۾ ئي ڄاڻون ٿا، دنيا کي انهن جي باري ۾ ڪهڙي خبر آهي؟ ٻيا اسان جي باري ۾ ڪيترو ٿا ڄاڻن؟؟؟
    بس ادا آئون چپ آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!
     
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا عباس کان ڪجهه سوال۔۔۔
    1۔توهان جي چوڻ مطابق اگر اردو سيڪشن شروع ڪيو وڃي ته اهو سيڪشن ڪير پڙهندو۔۔؟ (مطلب سنڌي يا اردو اسپيڪنگ وارا)
    2۔ سنڌ جي اها معلومات جيڪا اردو ۾ لکي وئي آهي اها اردو ۾ ئي هتي ونڊ ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو فائدو ڪهڙي طرح ممڪن آهي؟
    3۔ ڇا ان سيڪشن ۾ سنڌي ادب کي اردو ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويندو؟ بقول توهان جي دنيا (اردو ڳالهائيندڙ) آڏو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت اجاگر ڪرڻ اصل مقصد آهي۔
    4۔ڇا سنڌي ادب جي ترقي ۽ تڪميل ٿي چڪي آهي جو هاڻ سنڌين کي اردو ۾ لکڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي۔؟
    5۔ بقول توهان جي اردو جي ان سيڪشن ۾ اردو ۾ لکيل سنڌ جي حوالي سان مواد شامل ڪري سگهجي۔ اردو يا انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ يا سنڌين بابت مواد کي ڪٿي اپلوڊ ڪريون؟ ڇا اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل سنڌ يا سنڌين بابت مواد سڌين لا لکيو ويو آهي۔۔؟ ڇا اهو مواد اردو ۾ ئي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري سنڌي ادب جي خدمت ٿيندي۔؟
    6۔ توهان مٿي هڪ ڪمنٽ ۾ چيو آهي ته اسان اردو ٻولي يا اردو فورم جي حمايت نه پيا ڪريون۔بلڪه سنڌ بابت اردو ۾ لکيل مواد شيئر ڪرڻ گهرون ٿا۔ مثال طور مون وٽ رني ڪوٽ، اروڙ، سيهوڻ، ڪوٽ ڏجي ۽ ٻين تاريخي شهرن بابت اردو ۾ لکيل مواد موجود آهي، ان کي ڪٿي شيئر ڪريان؟ اردو سيڪشن شروع ڪرڻ جو مقصد فقط اهو ئي هو۔ ادا اهو مواد دنيا (اردو ڳالهائيندڙن) لا آهي۔ سنڌ سلامت دنيا آڏو سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ جياپي لا ڪوششون ڪري رهي آهي۔ توهان جي ان مقصد جي پورائي لا هتي اردو سيڪشن شروع به ٿيو ته اهو مقصد پورو ڪيئن ٿيندو جيئن توهان چاهيو ٿا۔
    سنڌين تائين اردو ۾ مواد پهچائڻ ماضي جو قصو بڻجي ويو آهي، جڏهن سنڌي ڪمپيوٽر تي موجود نه هئي يا هر ڪنهن لا سنڌي ۾ ڪمپوز ڪرڻ ممڪن نه هو۔ان وقت ڪمپيوٽر تي اردو ٻولي ۾ ئي مواد ونڊ ڪرڻ واحد ذريعو هو هاڻ الحمدُالله سنڌي ۾ مواد لکڻ جي سهولت موجود آهي، هر ماڻهو نهايت آساني سان سنڌي لکي سگهي ٿو۔ ان جي باوجود اردو ۾ مواد لکڻ يا ونڊ ڪرڻ سنڌي ٻولي کي ڪهڙي طرح فائيدو پهچائي سگهي ٿو۔۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا عباس۔۔بحيثيت سنڌي ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي ثقافت جي خبر آهي۔؟ اسان مان گهڻائي انهن جي آهي جيڪي سنڌي هوندي به رهڻي ڪهڻي ۾ ڪنهن ٻي قوم جا لڳندا آهن۔ اجرڪ جي اهميت به اڄ پنهنجي زوال طرف روان دوان آهي۔۔ڪنهن به ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ۽ شهر جو هڪ ڦيرو ڀرينداسين ته اندازو ٿي ويندو ته ڪيترن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل آهي۔۔۔!!!
    اسان جا اڄ جا جوڌا علم ۽ ادب کان ڪئين ميل پري ٿي چڪا آهن۔۔کين نه سنڌ جي فڪر آهي ۽ نه سنڌي ٻولي جي۔۔۔
    اسان جي صوفي شاعرن جيڪو پيغام ڏنو آهي اهو اڄ ڳوٺن جي ڪجهه پوڙهن ۽ جهونن ماڻهن جي دلين ۾ وڃي بچيو آهي۔ لطيف جي بيتن کي اسان سنڌي ماڻهو درست نموني سان سمجهي نٿا سگهون ته دنيا کي ڪيئن سمجهائينداسين۔۔؟ اهڙا ڪيترا سنڌي هوندا جيڪي شاهه جي بيتن کي سمجهڻ ته ٺهيو رڳو درست تلفظ سان پڙهي سگهن۔۔؟
    اوطاق جو تقدس، مهمان نوازي هاڻ صرف ڪتابن ۽ ڪهاڻين ۾ ملي ٿي۔۔۔اڄ جي حالتن ۾ اسان پنهنجو گهر به وڏين مشڪلاتن سان هلائي رهيا آهيون۔۔۔نياڻي کي ست قرآن صرف سمجهيو وڃي ٿو باقي نياڻين سان جيڪو سلوڪ اڪثر جڳهين تي ٿئي ٿو اهو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي۔۔
    هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون۔۔۔!!؟ ڇا هي مقام اهڙو آهي جو اسان دنيا کي پنهنجي علم ۽ ادب سان متاثر ڪري سگهون ۽ پنهنجي ٻولي کي ڇڏي اردو يا ٻين ٻولين ۾ لکڻ شروع ڪريون ۽ دنيا کي ٻڌايون ته اسان جي ترقي هي ٿي رهي آهي۔ سنڌ جي روشن تاريخ تي منهن مٿي ڪري هلڻ بدران اسان کي اڄ سچ کي منهن ڏيڻو پوندو،حقيقتن کان منهن موڙي نٿو سگهجي۔ پنهنجين اوڻائين کي نظر ۾ رکندي پهرين اوليت پنهنجي مٺڙِي ٻولي جي ترقي کي ڏيڻي پوندي۔ جڏهن اسان ان منزل تي پهچنداسين ته پو ضرور دنيا کي به فخر سان پنهنجي ڪيل ترقي ۽ ڪارنامن کان آگاهه ڪنداسين۔
    اڄ اسان وٽ اهڙو ڪو خاص ادب تخليق نه ٿي رهيو آهي جيڪو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي۔ اردو سميت ٻيون ٻوليون اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪيون آهن۔ ڪنهن به موضوع تي لکڻ کان پهرين اسان کي انهن ٻولين جي لکيل مضمونن ڏانهن ڏسڻو پوي ٿو۔۔۔ ڇا اهڙي صورتحال ۾ به اسان سنڌي ٻولي کي ڇڏي ٻين ٻولين جي لکيل مواد کي اهميت ڏيون ۽ اردو سيڪشن ٺاهيون۔۔!!!؟
    ان سيڪشن ٺاهڻ سان سڀ کان منفي اثر اسان جي ڪيل محنتن تي پوندو۔۔جڏهن سيڪشن شروع ٿيندو ته پڙهندڙ جيڪي سڀ سنڌي آهن ڪهڙو اثر وٺندا۔۔۔!!؟ انهن کي خبر پوندي ته هي مواد اسان جي سنڌ تي لکيل آهي پر لکڻ واري اردو ۾ لکيو آهي۔۔!! ڇا اها شرم جي ڳالهه نه آهي۔۔؟ اهو مواد سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪير به زحمت ڪرڻ لا تيار نه آهي ۽ ڌاري ٻولي کي اسان پنهنجي وچ ۾ آڻيون ته جيئن اهو اردو ۾ لکيل مواد سنڌي ماڻهواردو ۾ پڙهي سگهن۔۔۔!!!!
    ان سيڪشن کي شروع ڪرڻ سان جيڪي سنڌي ٿورو گهڻو پنهنجي ٻولي سان جُڙيل آهن اهي به ٻين ٻولين جي اهميت کي ڏسندي پنهنجي ٻولي کي گهٽ اهميت ڏيڻ لڳندا۔۔۔!!!
    هي ڪهڙي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خدمت آهي۔۔۔مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته گُذريل ڪجهه ڏينهن کان سڀني دوستن ۽ ڀائرن کي سنڌي ٻولي جي اهميت ٻُڌائڻ جي باوجود دوست مختلف طريقن سان اردو سيڪشن جي حمايت ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي رهيا آهن۔۔۔
    سچ پُڇو ته جڏهن به اهي ڪمنٽس پڙهندو آهيان ته دل مايوس ٿي ويندي آهي۔۔۔۔
    الله ايئن م ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي۔۔۔
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔۔۔!!!
     
  9. ارم وقار

    ارم وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اجايو بحث آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو