آمري.....................

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    آمري
    حضرت عيسي مسيح کان به 7 سئو سال اڳ جي پراڻي ثقافت جو مهندار شهر
    جيڪو جوهڙپا ۽ مهين جو دڙو واري ثقافت جي سڃاڻپ آهي
    +++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++
    آصف رضا موريو ..............................
    آمري جي جوڙجڪ
    آمري شهر جا تباهه ٿيل آثار ڪراچي کان 282 ڪلوميٽر پري، ڪوٽري کان 108 ڪلوميٽر اتر ۾، دادو شهر کان ڏکڻ ۾ 72ڪلوميٽر، سيوهڻ شهر کان 18 ميل هيٺ ۽ سنڌوءَ جي سڄي طرف موجود نئون ڳوٺ جي ويجھو، سنڌ جي زرعي پٽي تي تقريباً 20 ايڪڙ ايراضي ۾ پکڙيل مٽي جي ننڍن وڏن ٽڪرين جي صورت ۾ موجود آهن. انهن ۾ سڀ کان بلند يا مٿاهين دڙي جي ڊيگهه 1970ع ڌاري تقريباً چاليهه فوٽ رڪارڊ ڪئي ويئي هئي جيڪا هاڻي يقيناً ڪيترائي فوٽ گھٽ ٿي ويئي هوندي.
    آمري جي اهڙين ٽڪرين کي ڏسندي پهرين نظر ۾ ڪنهن ريگستان جي آوارا ڀٽن جو اندازو ٿيندو آهي جن تي ڦٽل گاهه ۽ ٻوٽن جي موجودگي هوندي آهي پر اهو سنڌو ماٿريءِ جي هڪ خوشحال شهر جا کنڊر آهن جيڪي اڄ پنهنجي وارثن جي بي حسي ۽ سنگدلي جو جيئرو جاڳندو ثبوت بڻجي ماتم ڪري رهيا آهن. انهيءَ شهر سان لاڳا پيل سنڌ جي دادو ضلعي ۾ ڪوٽڙي-حبيب ڪوٽ ريلوي لائين تي آمري جي نالي سان هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ موجود آهي.
    آمري جي تهذيبي حيثيت
    آمري هڪ ڦهليل ۽ عظيم تهذيب هئي جنهن سان تعلق رکندڙ ڳوٺ اڄ ويران ۽ ڀڙٻانگ ڳوٺن جي صورت ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ موجود آهن. انهن مان ڪجھه ڪوهستان ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ پڻ موجود آهن. جيڪب آباد شهر کان 18 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود ”جڊهير“ جي ٽڪري پڻ انهيءَ ثقافتي دور سان لاڳاپيل ٻڌائي وڃي ٿي. ڪوههِ سليمان جي پهاڙي سلسلي تي پکڙيل، خاص طور تي جتي جتي تلائن جي موجودگي آهي اتي تاريخ جي اوائلي دؤر جون تهذيبون اڀريون ۽ ان جا آثار کنڊرن جي صورت ۾ اڄ به موجود آهن جن جو اڪثر آمري ۽ ڪوٽ ڏجي تهذيبن سان لاڳاپو آهي. بلوچستان جي باران ندي جي ماٿري ۾ ”ڪوههِ تراش جي ڀٽ“ جي چوطرف هڪ ٻئي جي پويان ٻن شهرن جا آثار محفوظ آهن. اها جڳهه گھڻي ڊگھي آهي ۽ ٽڪري بلڪل آسمان ڏانهن سڌي ويندڙ آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ڏکڻ طرف کان رڳو هڪ رستو موجود آهي. ڪوههِ تراش ڀٽ طرف ايندڙ جابلو رستن کي گهڙي پٿرن سان بند ڪيو ويو آهي، جنهن جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا جن مان هڪ دفاعي ۽ ٻيو پاڻي جو ذخيروڪرڻ ٿي سگهي ٿو. قديم آثارن جي ماهر مجمدار جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته ”اهڙي ڀٽ جو تعلق آمري تهذيب سان آهي“.
    ڊاڪٽر فيئر سروس لکي ٿو ته ”ٺارو ٽڪري جي ويجھو آمري تهذيب جي هڪ ٽڪري جي چوڌاري پٿرن جي هڪ قطار نظر اچي ٿي. اها ننڍن پٿرن واري ديوار ان ننڍي کان ننڍي آبادي جو ٻاهرين حملي آورن کان بچاءُ خاطر حفاظتي ديوارطور تعمير ڪئي وئي هوندي “. اهڙي ڀِت جي آثارن جي اندر ئي آبادي جون ڪيتريون ئي نشانيون ۽ آثار ملن ٿا. مجمعدار پڻ اهڙي ٽڪري جو معائنو ڪيو هو، ايستائين جو اتان مليل ٺڪر جا سامان پڻ آمري جي مليل سامان سان هڪجهڙائي رکندڙ آهن. مجمعدار پٿر جي اهڙين قطارن کي اهميت نه ڏني پر ٽڪرين ۽ اتان نڪرندڙ ڏاندن کي اهميت ڏئي ٿو.
    بلوچستان اندراهڙي تهذيب سان لاڳاپيل شهرن ڪُلي گل محمد ۽ ميهي وغيرهه کان سواءِ ڪوئٽه ويجهو دمب سادات جي ارد گرد موجود آهن، ان کان سواءِ زوب ۾ موجود دلبر ڪوٽ جي مٿاهين ماٿري پڻ اهڙي تهذيب سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ وري اهڙيون اڪثر آباديون سري ڪوهلا جي ويجهو پڻ ملن ٿيون.
    آمري تهذيب جي شاهوڪاري ۽ لاڳاپو
    تاريخ جي مطالعي بعد اهڙي قسم جي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ” سنڌو ماٿري جي تهذيبي دورن جي پکيڙ جو ڪوبه ڪنارو نه آهي، ان لاءِ بنا هٻڪ اهو چئي سگهجي ٿو ته انساني سماج جي ارتقا جي پهرين ڏاڪن طئه ڪندڙن ۾ سنڌ واسين به پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪيو“. هي تهذيب ترتيب وار بنيادن تحت مختلف ٻولين ۽ شاخن ۾ ورهايل ملي ٿي، جنهن جو اهم شهر هڙاپا ۽ موهن جو دڙو هئا، جن کي ان تهذيبي سلطنت جي گادي واري هنڌ جي حيثيت حاصل هئي، پر اهڙي ترتيب جي واڌو جاچ ۾ ٽي وڌيڪ تهذيبي شاخون نڪري نروار ٿين ٿيون جن ۾ آمري، جهوڪر ۽ جهانگرجي دڙن کي به وڏي حيثيت حاصل آهي.
    تهذيبي ۽ تاريخي مطالعي مان به آمري جي قدامت 700 سال قبل مسيح ٻڌائي وڃي ٿي، ڪوٽڏيجي واري تهذيب، هڙاپا ۽ موهين جو دڙو وارين تهذيبن جو لاڳاپوبه ان ئي دُور سان آهي. اهڙين تهذيبن ملڻ سان اهو ثابت ٿئي ٿو موهين جو دڙو جي وقت ۾ هڪ پاسي اهي ابتدائي يا شروعاتي مرحلي ۾ هيون ته ٻئي پاسي کان انهن جي تباهي بعد به سنڌ جي تهذيب سوين سالن تائين ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي موجود رهندي ۽ ترقي ڪندي آئي جنهن جو ثبوت مختلف علائقن ۾ موجودقديمي آثار آهن.
    اهڙين تهذيبن جي پراڻن آثارن مان جتي هزارين سالن جون ملندڙ شيون پنهنجي پنهنجي دورن ۽ سماجي معاملن بابت معلومات ڏئي رهيون آهن، اتي اهي جديد تاريخ تي به اثر انداز ٿيون آهن. .
    آمري دُور ۾ گذر سفر جا وسيلا
    پراڻي وقت ۾ جتي جتي تهذيبون اڀريون هيون اتي انهن کي مالوند طبقي پاران پئدا ڪيل سمجهيو ويو. جنهن وٽ گهڻي کان گهڻي زمين يا مال، متاح هوندو هو اهي ئي اهڙا ماڳ مڪان اڏيندا هئا. پراڻن سنڌ واسين جي اصل دولت به انهن جا ڍور هوندا هئا. اهڙي دور ۾ اُنهن جا رهائشي ڳوٺ عام طور تي ٻن قسمن جي هوندا هئا، هڪ موسمي ۽ ٻيا دائمي. موسمي ڳوٺن جو عام طور تي لڏ پلاڻ ڪندڙن يا لاڏائو خاندانن سان تعلق ٿابت ٿيو آهي . اهي لڏ پلاڻ ڪندڙ خاندان سموري دنيا ۾ موجود آهن. جنهن جا سفر ۽ ڪرت پراڻين ۽ نئين تهذيبن جي ڦهلاءَ جو اهم سبب رهيا آهن.
    اهڙي قسم جا ماڻهو بنيادي طور تي جانور ڌاريندڙ هوندا آهن، جنهن جي گذر سفر انهن جانورن جي مختلف شين جهڙوڪ اُن، پشم، چمڙي، کير ۽ مکڻ وغيره وسيلي هوندو آهي. ان لاءِ اهي سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ جانور پاليندا هئا، جنهن لاءِ کين گاهه به ضروري گهربل هوندو هيو، ان لاءِ اُهي ماڻهو مخصوص موسم ۽ حالتن ۾ اهڙن علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري وڃي رهندا هئا جتي کين چراگاهه ۽ پاڻي وغيره دستياب ٿي سگهي، پاڻي سان گڏ وڻن جي ڇانوَ پڻ موجود هجي اتي اُهي ماڻهو پنهنجي ننڍيون ۽ وڏيون جهوپڙيون ٺاهي ڪجهه عرصي لاءِ آباد ٿيندا هئا.
    جيئن ته انهن کي خبر هوندي هئي ته انسان هميشه فطرت جي رحم ۽ ڪرم تي گذارو ڪري نه ٿا سگهن، يا وري ائين چئي سگهجي ٿو ته فطرت جو رويو مخلوق لاءِ هميشه فائديمند ثابت نه ٿيو آهي، ان لاءِ غير يقيني ۽ سخت حالتن ۾ انسان بنيادي ضرورت وارين شين لاءِ ۽ پنهنجي بقا جي لاءِ لڏ پلاڻ ڪندو رهيو آهي.
    لڏ پلاڻ ڪندڙ گروهن جتي سماجي زندگي ۽ مال متاح جي پالڻ لاءِ هر طرح کان مناسب سهولتون ڏٺيون اتي انهن وري ڳوٺن کي مستقل حيثيت ڏني. جيڪي وڌندي وڌندي سٺا شهر ٿيا (جئين آمري) ٻي صورت ۾ مٽجندڙ موسم سان گڏ، اناج، گاهه يا پاڻي جي کوٽ سبب اهي ماڻهو جهونپڙيون ڍاهي ۽ پنهنجو مال متاح ڪاهي ٻي ڪنهن مناسب جڳهه جي تلاش لاءِ نڪري پوندا هئا.
    آمري شهر جي تعمير
    هتان هٿ آيل شين مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته هي دڙا جيڪي اڄ ٺڪرين جا ڍير آهن، صديون اڳ انهن مٿانهين ماٿرين ۾ زنده انساني ڳوٺ ساهه کڻندا هوندا. هڪ روايت آهي ته آمر يا عامر سنڌ جي راجا دلوراءِ جي والد جو نالو هو، جنهن نسبت سان ان شهر تي آمري نالو پيو. اهو به ٿي سگھي ٿو ته ان شهر جو بنياد به آمر پاڻ رکيو هجي.
    آمري جي دڙي مان نڪرندڙ آثارن ۽ شين جي تفصيلي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن جي ثقافت ڳوٺاڻي هئي. انهن جهڙا ڳوٺ سموري دنيا سميت اتر پاڪستان جي هاڻوڪن عام ڳوٺن وانگر ننڍا وڏا هوندا هئا . رهائشي گھر يا جھوپڙيون الگ الگ مفاصلي تي ته ڪٿي ٻه ته ڪٿي پنج ته ڪٿي وري ڏهه گھر به گڏ هوندا هئا. آمري واسي چيڪي مٽي جي سرن يا مخصوص طريقي سان ڪٽيل پٿرن کي گاري سان ملائي پنهنجا گھر اڏيندا هئا ۽ گھرن جون ڇتيون ٺاهڻ جي لاءِ جنگلي وڻن ۽ ڪاٺين جهڙين شين جو استعمال ڪندا هئا. ڳوٺن تائين پهچڻ لاءِ سڌا ۽ اڻ سڌا رستا هوندا هئا، جڏهن ته سواري جي لاءِ ڏاند گاڏي انهن جي پسنديده سواري هوندي هئي.
    آمري واسين جو مذهب
    هتان هٿ آيل شيون آمري ماٿري جي مذهب جي باري ۾ ڪا خاص معلومات ته نه ٿيون ڏين پر کوٽائيءَ دوران ملندڙ لاشن جي حالت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهي ماڻهون پنهنجي مڙدن کي ”پلٿي هڻي ويٺل حالت ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيندا هئا جئين ڪنهن کي ڀت سان ٽيڪ ڏياري ويهاريو وڃي ۽ انهن سان گڏ روزانو استعمال ٿيندڙ سامان به پڻ رکندا هئا. جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته آمريءَ واسي شايد مرڻ کان بعد به مئلن جي زنده ٿيڻ واري عقيدي تي يقين رکندا هئا.
    آمري شهرين جي معيشت
    پنهنجي تهذيب جي ابتدائي دورن ۾ آمري جو خاص معاشي ذريعو شڪار هيو جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو پنهنجي هٿن سان تيار ڪيل عجيب هٿيارن تي ڀاڙيندا هئا، جنهن ۾ وقت سان گڏ انهن بهتري آندي پر عام طور تي هي ماڻهو زمين تي ڪڙمت به ڪندا هئا جيڪا آهستي آهستي مضبوط بنيادن تي ٿي وئي. اهڙن ماڻهن جي زراعت موجوده دور وانگر ڪاروباري بنيادن تي نه پر صرف گذرصفر تائين محدود هئي. زرعي مقصدن جي لاءِ هي ماڻهو برساتي پاڻي ۽ ٻوڏ جي نالن تي مضبوط بند ٻڌي پاڻيءَ جو تمام گھڻو ذخيرو جمع ڪندا هئا. جنهن سان اهي سوڪهڙي وارن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين فائدو حاصل ڪندا رهندا هئا.
    جانور به انهن جو اهم ڪاروبار هيو جنهن سان انهن کي نه رڳو ڪپڙي ٺاهڻ جي لاءِ اُن جي شڪل ۾ ڪچو مال ملي سگھندو هو پر کاڌي جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ تازو کير ۽ گوشت پڻ هر وقت موجود هوندو هو. شين جي بدران شيون وٺڻ (جنس بدران جنس جي مٽا سٽا وارونظام) جو رواج پڻ هتي موجود هو. گاهه وغيره جي لاءِ ميداني علائقن جي مالڪن کان کير، اُن جي بدران غذائي شيون، اَنُ ۽ رهڻ جي لاءِ عارضي بنيادن تحت زمين حاصل ڪندڙ هئا. آمري وٽان ڪيترائي قيمتي ۽ خاص پٿر پڻ مليا آهن جيڪي دنيا جي مختلف حصن جي نمائندگي ڪندي ثابت ڪري رهيا آهن ته قيمتي پٿرن ۽ گهڙيل موتين واري ڪاروبار سان لاڳاپيل آمريءَ جي ماڻهن جوپنهنجي وقت جي مختلف ملڪن سان ڪي اوائلي واپاري ناتا قائم هئا. مثال طور تي اهي ماڻهو بدخشان کان لاجورد، اوڀر ايران کان ابرق، مڪران کان سامونڊي سپيون وغيره گھرائيندا هئا. جيڪي آمريءَ جي کوٽائي مان مليا آهن.
    آمري شهر جي کوٽائي
    آمري وارن آثارن تي آثار قديما وارن جي نظر سڀ کان پهرين 1929ع ۾ پئي جنهن کان بعد ڪيترن ئي سالن تائين اتي ماهرن جو اچڻ وڃڻ ۽ ننڍين وڏين کوٽائين جو سلسلو جاري رهيو. سال 1926-1925ع ۾ جي. ايم ڪيشل پاران باضابطه طور تي وڏي پيماني تي کوٽائي ڪرائي وئي . جئين ته هتان گھڻو ساز سامان نه مليو پر جيڪو ڪجھه به مليو ان مان آثار قديما جي ماهرن آمري شهر جي رهاڪن ۽ انهن جي سماجي زندگي سان لاڳاپيل تمام گھڻي معلومات حاصل ڪئي آهي. اهڙي پکڙيل شهر کان مليل شين جي گھٽتائي جو سبب شايد ان علائقي جي زمين ۾ موجود سم ۽ ڪلر جو وڏي تعداد جي موجودگي آهي جنهن سبب شيون تباهه ٿي ويون هونديون.
    آمري جي کوٽائي بعد ملڻ واري شين مان ”هنر ۽ فن“ جو اندازو
    هتان ملندڙ ڪيترين شين جھڙوڪ خوبصورت گول مٽ، بازو بند وغيره نه رڳو انهن جي ڪاريگري جي جو بهترين ثبوت آهن پر انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو نه رڳو جواهرسازي ۽ قيمتي پٿرن وارن ڌنڌن سان پڻ لاڳاپيل رهيا هوندا جڏهن ته پٿرن کي ڪٽڻ، ان ۾ سوراخ ڪرڻ ۽ انهن کي دلڪش بڻائڻ واري فن ۾به اعليٰ ڪاريگري رکندڙ هئا. آمري جا جواهرساز عقيق، سنگِ يشم ۽ سنگ سليماني مڙهڻ ۽ صفائي جا ماهر ڀاسن ٿا.
    آمري جي کوٽائي دوران چقمقي پٿرن جا ڪارخانا به مليا آهن جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته اهي ماڻهو انهن پٿرن مان پنهنجي مقصد جا هٿيار مثال طور: چاڪو، ڪهاڙي، رنبي وغيره ٺاهيندا هوندا ڇو ته هتان انهن ئي پٿرن مان ٺهيل گھڻا اوزار مليا آهن. هتان اَن پيهڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پٿر مان ٺهيل مخصوص ٿانو جھڙوڪ اکري به هٿ آئي آهي.
    آمري جي آثارن کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪي لا تعداد چقمقي اوزار جون ترقي يافته شڪليون مليون آهن. ٿي سگهي ٿو ته هي اوزار اهڙي گروه جي استعمال ۾ رهيا هجن جيڪو سب کان پهريان روهڙي يا ڪوٽ ڏيجي ۾ آباد ٿيو ۽ جنهن ٻين تهذيبي ڳوٺن تي به سماجي اثر وڌا ڇوته اهڙي قسم جا ڊگھا سنها سنگي ڦروارا اوزار ڪوٽ ڏيجي، هڙپا، مهين جو دڙو، ڪلي گل محمد (بلوچستان) ۽ هڙپا جي ٻين ڳوٺن مان به هٿ آيا آهن
    ان کان علاوه ٽامي ۽ پتل جا ڪانٽا، مڻڪا، بٽڻ، منڊين سميت ٻيون ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جيڪي پنهنجي ٺاهيندڙن ساهڪار ڪاريگري جي شاهدي ڏئي رهيون آهن ته اهي مختلف ڌاتن جي استعمال کان پڻ واقف هئا ۽ ضرورت پوڻ تي انهن ڌاتن کي پگهرائي انهن مان پنهنجي لاءِ ضرورت واريون خوبصورت ۽ قابل استعمال شيون ٺاهيندا هئا.
    چيڪي مٽي وسيلي ٿانون ٺاهڻ جو فن پڻ سڀ کان پراڻو آهي. آمريءَ جا رهاڪو پڻ اهڙي هنر ۾ سرس ٿا ڏسجن.. هتان ملڻ وارن ٿانون کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته اهي (ٿانون ٺاهڻ واري چرخي) بجاءِ هٿن سان ٺاهيا ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جي تياري، خوبصورتي، ترتيب ۽ ترڪيب سان هنرمندي ته واضع ٿئي ٿي ته پر صفائي ۽ خوبصورتي نظر نه ٿي اچي جيڪا چرخي يا چڪ تي تيار ٿيندڙ ٿانون ۾ موجود هوندي آهي. ان کان علاوه ٿانو هڪ رنگا آهن، ڪجهه ٻن رنگن وارا به آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ٿانون تي ڦڪو، گلابي، ملائي، ناسي، ڳاڙهو ۽ خاڪي رنگ پڻ ملي ٿو جيڪو شايد ٿانون کي باهه ۾ پچائڻ بعد لڳايو ويندو هوندو.
    اهي ٿانو کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ موجود بيشمار شهرن جي کنڊرن مان هٿ آيل ٿانون سان ملندڙ جلندڙ آهن جيئن ته ”تونگ بٺي“ جي کوٽائي سان لمبرڪ کي جهانگارا ۽ آمريءَ وارن شهرن جهڙا ٿانو هٿ آيا هئا، جهانگارا کان تقريبن ساڍا ڇهه ڪلوميٽر اوڀر پاسي موجود ڍالاڻي ڪوٽ باران ندي جي ڪناري موجود آهي اتان ملندڙ ٿانون جي هڪجهڙائي به آمريءَ جي شروعاتي دور وارن ٿانون سان ملندڙ آهي. روهيلڪاڪنڌ جي آثارن واري جاءِ گاج ندي جي طرف ساڍا اٺ ڪلوميٽرن تي موجود آهي، اتان پڻ آمري تهذيب سان ملندڙ جلندڙ ٿانو مليا آهن. بلوچستان ۽ ايران کان مليل انهيءَ دور وارن ٿانون جا تفصيل تحقيق ۽ ان جي آمري يا انهيءَ دور جي ٻين قديم هنڌن کان حاصل ٿيل ٿانون سان جيڪڏهن ڀيٽي وڃي ته شايد سنڌ جي تاريخ کي ڪو اهڙو نئون موڙ ملي سگهي ٿو جيڪو شايد اسان سڀني جي لاءِ نئون هوندو.
    هتان هٿ ايندڙ بيشمار ٿانون تي جانورن، مڇين، وڻن ۽ ٻوٽن جون شڪليون ٺهيل آهن، جڏهن ته ٻين ڪيترن تي اقليدسي يا هندسي (جاميٽريڪل) نمونن جهڙوڪه مستطيل، چورس ، مختلف ڪنڊن وغيرهه جا چٽ پڻ اڪريل آهن. اهڙي قسم جي علامتن سبب گمان ٿئي ٿو ته شايد آمري وارا ماڻهو علم اقليدس يا رياضي وارن علمن کي به ڄاڻندا هئا.
    آمري شهر جي تباهي.
    جهڙي طرح قومون جا داستان پنهنجي پڄاڻي واري هڪڙي ڊگهي ڪهاڻي سان سلهاڙيل هوندا آهن، اهڙي طرح تهذيبن جي بربادي به مشابهت رکندڙ هوندي آهي. تاريخ ۾ قومن ۽ تهذيبن جي بربادين جا سبب ٿورو گهڻو هڪجهڙا ئي وارا محسوس ٿي سگهن ٿا. جهڙي طرح ڪائنات جي تعمير واري سلسلو اڳتي وڌي رهيو آهي، اهڙي طرح انسان پنهنجي کوجنا وارن روين جي مدد سان تهذيبي تباهين جي پراڻين ڪهاڻين کي نون نون طريقن سان سامهون آڻي رهيو آهي پر جديديت ۽ سائنسي ترقي جي باوجود سنڌو ماٿري جي تهذيبي شروعات، پڄاڻي توڙي انتها جون گهڻيون ڪڙيون اڃان تائين هڪ راز بڻيل رهيون آهن ته ڪيئن ، ڪهڙن سببن يا حادثن انهن عظيم الشان آبادين کي ميساري ڇڏيو.
    ان تهذيب جي ڊگهي پراسراريت جو اهم سبب خود اسان به آهيون. جو تحقيق ۽ کوجنا وارو عمل جديد سائنسي سهولتن باوجود جهڙوڪ رڪجي ويو آهي. ٻيو اهو ته اهڙي عظيم حقيقت ڀري ڪهاڻي ايترو سولائي سان ختم نه ٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان قديم تاريخ ۾ دلچسپي نٿا وٺون. ڪائنات جي شروعات کان وٺي اڄ تائين زمين جي سطح مسلسل تعميري ۽ تخريبي بنيادن تحت پنهنجي اصليت تبديل ڪري رهي آهي. اهڙين تبديلين جا سمورن سببن ۾ پاڻي جي بي لغام ذخيرن جو استعمال پڻ شامل آهي، جيڪو انساني آبادين کي آباد ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن کي ميسارڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سنڌو ماٿري ۾ سنڌ جي ڪيترن قديم شهرن جي برباد آثارن جي پرک ٻڌائي ٿي ته ٻوڏ واريون حالتون انهن آثارن جي تباهيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿيون . ٿي سگهي ٿو انهن جي تباهي جي ذميداري سنڌو ڌرياهه جي تبديل ٿيندڙ رخن ۽ ٻوڏ وارن رستن جي ڪري ٿي هجي. پرٿوي تي پاڻي جي موجودگيءَ سبب زندگي جي بقا ۽ فنا کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
    ڪائنات جي ارتقا واري فلسفي کي سامهون رکي ڏٺو وڃي ته سنڌ جهڙي هڪ وسيع ۽ کليل خطي تي زندگي ۽ خوبصورتيءَ جو دارو مدار سنڌو درياهه جي مهربان جي ڪري آهي پر تصوير جي ٻئي پاسي ڪجهه ٻيو به ٿي سگهي ٿو.!
    سنڌوماٿري جي تهذيب سان لاڳاپيل سمورين انساني آبادي وارن علائقن تي هڪ اصول ڀري مادي تحقيق جي سخت ضرورت آهي ته جيئن هن وقت تائين سامهون ايندڙ سمورين سڀيتائن جي دور جي ڪڙين کي هڪ ٻئي سان ڀيٽي ۽ ملائي ان گم ٿيل ڪهاڻي جي ڪڙين ما بقا ۽ فنا جو اڻپورو داستان مڪمل ڪري سگهجي، پر اهڙين ڪوششن جي اميد تڏهن ڪري سگهجي ٿي جڏهن رياستي، انتظامي ۽ قومي معاملن ۾ اجتماعي طور تي اسان جي نيت بهتر هجي. مان اميد ڪريان ٿو ته ايندڙ نسل کي اسان کان سٺي سياسي قيادت، تعليم ۽ معياري زندگي ملي سگهي ته جيئن هو پنهنجي محنت وسيلي ڪا ڳڻپ جوڳو بهتر ڪم ڪري سگهي.
     
  2. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    آمري تي لکيل آصف رضا موريي جو تاريخي مضمون اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو، پسند اچي ته لائيڪ ضرور ڪجو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آمري بابت سٺو تاريخي مضمون آهي۔ سيوهڻ يا سن ويندي اڪثر آمري کان گذر ٿيندو آهي پر ايڏانهن توجهه ئي نه ويندو آهي۔ بلڪل ايئن ڪوٽڏجي جي کنڊرات ۽ دڙي وٽان روز گذر ٿيندو هو پر ڪا پهر نه هجڻ ڪري ڪڏهن به ڪنهن کي اتي ويندو ڪونه ڏٺم۔ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهڙن هنڌن تي ڪو ميوزم يا آفيس هجڻ گهرجي، ڪا وسنو هجڻ گهرجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    وڏو الميو اهو آهي ته اسان جا تاريخي ماڳ مڪان ڏينهون ڏينهن کنڊرات جي شڪل اختيار ڪندا پيا وڃن ۽ اسين فقظ تماشو ڏسڻ ۾ پورا آهيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو