آپريٽنگ سسٽم جي حفاظت ( ڪُجهه نقطا )

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    امر چنداڻي​


    هيٺِئين هِدايَتَن تي عَمَل ڪَري تَوهان پنَهنَجي آپريٽِنگ سِسِٽَم کي محفُوظ بَڻائي سَگھو ٿا.

    *

    هَميشه اُهو آپريٽِنگ سِسِٽَم اِنسٽال ڪَريو جيڪو تَوهان جي ڪَمپيوٽر تي آسانِي سان هَلي سَگھي.
    *

    جَڏهن بِه ڪو هارڊويئر خَريد ڪَريو تَه اِنهي ڳالهه کي ضرور مدِنَظر رَکيو تَه اهو توهان جي آپريٽنگ سِسِٽَم ۽ ڪَمپيوٽر جي هارڊويئر سان ميچ ڪَندو هُجي.
    *

    ڪَمپيوٽر ۾ لَڳيل مُختلف ڊِوائسِزِ (Devices) کي بار بار تَبديل نَه ڪَريو.
    *

    آپريٽنگ سِسِٽَم جي اِنسٽاليشن هَميشه ڪنهن دُرست سِي ڊِي يا سورس تان ڪَريو. جيڪَڏهن اِنسٽاليشن نَه اَچي تَه ڪنهن ماهر کان ڪَرايو.
    *

    تَوهان جو آپريٽنگ سِسِٽَم هِڪ نازُڪ شيءَ آهي تَنهَنڪَري ان کي صِرف درست ۽ قابلِ اعتماد اِحڪام ڏِيو.
    *

    سافٽ ويئر اُهو ئِي اِنسٽال ڪَريو جيڪو تَوهان جي آپريٽنگ سسٽم ۽ سسٽم هارڊِويئر سان ميچ ڪَندو هُجي.
    *

    خَراب ۽ نامُڪَمَل سافٽ ويئر اِنسٽال ڪَرڻ کان گريز ڪَريو. اِها ڳالهه ياد رکو تَه ڪنهن بِه سافٽ ويئر جو (Alfa) يا (Beta) ورزن اِنسٽال نه ڪريو. اهڙا سافٽ ويئر مُڪمل طور تي صحيح نه هوندا آهن.(Alfa) يا (Beta) ورزن ڪنهن به سافٽ ويئر جا اُهي ورزن هوندا آهن جيڪي تجرباتي طور تي پيش ڪَيا وِيندا آهن جيِئَن فائِنَل وَرزن انهن جي خُوبين ۽ خامِين کي مدِنظر رکي ٺاهيو وڃي.
    *

    پنهنجي ڪَمپيوٽر ۾ غير ضروري سافٽ ويئر انسٽال نَه ڪَريو.
    *

    پنهنجي آپريٽنگ سِسِٽَم کي هَفتي ۾ هِڪ دَفعي ضرور ڪنهن اِسڪينِنگ ٽول(Scaning Tool) جي مدد سان اِسڪين ڪَريو. وِنڊوز آپريٽِنگ سِسِٽَم جو(System file cheker) هن مقصد لاءِ اِستعمال ڪَري سَگهِجي ٿو.
    *

    (Disk Deframenter) ٽُول جي مدد سان مَهيني ۾ هِڪ يا هِڪ کان وَڌِيڪ دَفعا پنَهنجي هارڊ ڊِسڪ کي ضرور اسڪين ڪَريو. ايئن ڪَرڻ سان تَوهان جو ڪَمپيوٽر وَڌيڪ آساني سان هَلندو.
    *

    وِنڊور جي سِسِٽم فائيلز کي پُوري ڄاڻ کان سواءِ ڊِليٽ يا ايڊِٽ نَه ڪَريو.
    *

    وِنڊوز جِي رِجسٽري ۾ ڪا بِه تَبديلي ڪرڻ خَطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
    *

    ڪَنهن بِه سافٽ ويئر کي هَميشه ( Proper)طَريقي سان اِنسٽال يا اَنِ اِنسٽال ڪريو.
    *

    هِڪ ئِي وَقت ۾ تَمام گهَڻين ايپليِڪيشَنز کي لانچ نه ڪريو، جيڪَڏهن تَوهان جو ڪَمپيوٽر انهي جي صَلاحيت نَه رَکنَدو هُجي.
    *

    هَميشه ڪَمپيوٽر کي درست طَريقي سان بَند ڪَريو. جيڪڏهن ڪَمپيوٽر صَحِيح طَريقي سان بند نهَ ٿيو هُجي تهَ رِي اِسٽارٽ ٿيڻ تي اِسڪين ڊِسڪ کي ضرور هلڻ ڏيو. غلط طريقي سان بند ٿيڻ جي ڪَري جيڪي مسئلا پيدا ٿِين ٿا اهي اَڪثر ڪَري هِن ٽول جي مدد سان حل ٿي وڃن ٿا.
    *

    پنهنجي ڪَمپيوٽر کي وائِرس ۽ وَرمز کان بَچائڻ لاءِ ڪو سُٺو اينٽِي وائِرَس پروگِرام اِنسٽال ڪَريو ۽ نَوَن وَائِرس ۽ وَرمز کان بچڻ جي لاءِ پروگرام کي اَپ ڊيٽ رکندا وڃو.​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين معلومات آهي ادا
     
  3. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، توهان ته اصل مٽ ڀڃي ڇڏيا آهن،
     
  5. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، پر هي ناچيز چوندو ته اگر توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڊيٽا ٽريولر کي وائرس کان اسڪين ڪرڻ جي بجاءِ هڻندا ۽ ته مون واري ڪمپيوٽر جهڙو حال ٿي ويندس۔ هاڻي اهو نه ڀڇجو ته منهنجي ڪمپيوٽر جا ڪهڙا حال آهن ۽ ڪيئن ٿو هلي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو