هن دل ۾ اِسرارن سَميت تون ئي ته رهين ٿو ۽ هي گهر به توکي هي ڀليڪار چَوي ٿو اِنهي ۾ ڪو به راز ڪونهي ته تو سواءِ هتڙي .......... ڪو به __نه اٿئي جنهن جي باري ۾ مون کي ايترو ويجهڙائيءَ کان معلوم هجي ڏسُ ۽ چتائي ڏسُ هتي هن گهر ۾ ٻيو ڪو به نظر اچئي ٿو .......؟ وڇوڙي جي رات ڀلي ڊگهي ٿي يا ننڊڙي هجي پر اي منهنجي سڀني آسرن جا مرڪز ، هتي رڳو ........ تنهنجي ئي اميد ۽ يادگيري اٿئي جيڪڏهن منهنجي تباهيءَ ۾ ئي تنهنجي رضا شامل آهي ته پوءِ آءُ به ......... انهي تي راضي آهيان