• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڪڏهن منهنجي تباهيءَ ۾

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
هن دل ۾ اِسرارن سَميت
تون ئي ته رهين ٿو
۽ هي گهر به
توکي هي ڀليڪار چَوي ٿو
اِنهي ۾ ڪو به راز ڪونهي ته
تو سواءِ هتڙي ..........
ڪو به __نه اٿئي
جنهن جي باري ۾
مون کي ايترو ويجهڙائيءَ کان
معلوم هجي
ڏسُ ۽ چتائي ڏسُ
هتي هن گهر ۾
ٻيو ڪو به نظر اچئي ٿو .......؟
وڇوڙي جي رات
ڀلي ڊگهي ٿي يا ننڊڙي هجي
پر اي منهنجي سڀني
آسرن جا مرڪز ،
هتي رڳو ........
تنهنجي ئي اميد ۽ يادگيري اٿئي
جيڪڏهن منهنجي تباهيءَ ۾ ئي
تنهنجي رضا شامل آهي
ته پوءِ آءُ به .........
انهي تي راضي آهيان
 
Back
Top