[/]آفتاب احمد ونڊوز 98، ٘ME ۽ 2000 استعمال ڪندڙ دوستن کي سنڌي صحيح نموني سان ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. جڏهن ته انهن وٽ سنڌي فونٽس به موجود هوندا آهن. اڄ آئون اوهان کي هڪ اهڙو طريقو ٻڌائيندس جنهن جي ذريعي توهان سنڌي کي بالڪل صحيح نموني سان ڏسي سگھو ٿا. انهي ڳالھ جي ته سڀني کي خبر آهي ته سنڌي يونيڪوڊ ۾ موجود آهي ۽ ونڊوز 98، ME ۽ 2000 ۾ يونيڪوڊ جي سهولت گھٽ آهي. انهيءَ ڪري اوهان کي سنڌي ڏسڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. انهيءَ جو حل صرف هڪ فائل آهي جنهن کي usp10.dll چوندا آهن. ونڊوز جي پراڻن ورشن ۾ اِها فائل موجود هوندي آهي جڏهن ته ايڪس پي ۾ اها وڌيڪ پاور فل ۽ اپ گريڊ ٿيل هوندي آهي. انهيءَ ڪري ايڪس پي ۾ توهان سنڌيءَ سٺي نموني سان لکي ۽ پڙهي سگھو ٿا. ونڊوز 98، ايم اي ۽ 2000 ۾ انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ توهان کي نئي USP10.DLL فائل کي پراڻي فائل تي over Write ڪرڻو پوندو، مگر توهان انهيءَ کي ڪاپي ڪري پيسٽ نٿا ڪري سگھو ڇاڪاڻ ته ونڊوز انهيءَ فائل کي هر وقت استعمال ڪندي رهندي آهي. انهيءَ ڪري هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو: سڀ کان پهريائين توهان کي نئي USP10.DLL ڊائون لوڊ ڪرڻي پوندي. هاڻ توهان انهيءَ فائل کي ڪاپي ڪري وڃي ونڊوز جي فولڊر ۾ رکو. انهيءَ سڄي ڪم کان پوءِ پنهنجي ڪمپيوٽر کي ڪنهن بوٽ ايبل سي ڊي تان ڊوس موڊ ۾ بوٽ ڪرايو. # هاڻي جيئن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ائين ئي ڪريو. جيڪو ڪجھ تصوير ۾ لکيل آهي. اهو ٽائيپ ڪريو. * هاڻي y دٻائي ڇڏيو. فائل Over Write ٿي ويندي. هاڻي پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو. توهان کي سنڌي صحيح نظر ايندي. ڊئونلوڊ لائي هتي ڪلڪ ڪجو
ادا مان کي ان ٽپ جي ڳولا هئي مهرباني جهانداد سمون صاحب توهان جي جو توهان اهڙي قيمتي ٽپ شيئر ڪئي مهرباني ادا مون جو مسئلو ئي سمجهو ته حل ٿئي ويو