سنڌي کي ڏسڻ ۾ ڏکيائي؟؟ نو پرابلم

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    [/]
    آفتاب احمد​

    ونڊوز 98، ٘ME ۽ 2000 استعمال ڪندڙ دوستن کي سنڌي صحيح نموني سان ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. جڏهن ته انهن وٽ سنڌي فونٽس به موجود هوندا آهن. اڄ آئون اوهان کي هڪ اهڙو طريقو ٻڌائيندس جنهن جي ذريعي توهان سنڌي کي بالڪل صحيح نموني سان ڏسي سگھو ٿا.

    انهي ڳالھ جي ته سڀني کي خبر آهي ته سنڌي يونيڪوڊ ۾ موجود آهي ۽ ونڊوز 98، ME ۽ 2000 ۾ يونيڪوڊ جي سهولت گھٽ آهي. انهيءَ ڪري اوهان کي سنڌي ڏسڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. انهيءَ جو حل صرف هڪ فائل آهي جنهن کي usp10.dll چوندا آهن. ونڊوز جي پراڻن ورشن ۾ اِها فائل موجود هوندي آهي جڏهن ته ايڪس پي ۾ اها وڌيڪ پاور فل ۽ اپ گريڊ ٿيل هوندي آهي. انهيءَ ڪري ايڪس پي ۾ توهان سنڌيءَ سٺي نموني سان لکي ۽ پڙهي سگھو ٿا. ونڊوز 98، ايم اي ۽ 2000 ۾ انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ توهان کي نئي USP10.DLL فائل کي پراڻي فائل تي over Write ڪرڻو پوندو، مگر توهان انهيءَ کي ڪاپي ڪري پيسٽ نٿا ڪري سگھو ڇاڪاڻ ته ونڊوز انهيءَ فائل کي هر وقت استعمال ڪندي رهندي آهي. انهيءَ ڪري هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو:
    سڀ کان پهريائين توهان کي نئي USP10.DLL ڊائون لوڊ ڪرڻي پوندي. هاڻ توهان انهيءَ فائل کي ڪاپي ڪري وڃي ونڊوز جي فولڊر ۾ رکو. انهيءَ سڄي ڪم کان پوءِ پنهنجي ڪمپيوٽر کي ڪنهن بوٽ ايبل سي ڊي تان ڊوس موڊ ۾ بوٽ ڪرايو. #

    هاڻي جيئن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ائين ئي ڪريو. جيڪو ڪجھ تصوير ۾ لکيل آهي. اهو ٽائيپ ڪريو. ​
    [​IMG]

    *

    هاڻي y دٻائي ڇڏيو. فائل Over Write ٿي ويندي. هاڻي پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو. توهان کي سنڌي صحيح نظر ايندي.
    ڊئونلوڊ لائي هتي ڪلڪ ڪجو
     
  2. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مولا توکي آباد ڪري، جهانداد منهنجي دوست جي ڪمپيوٽر ۾ اهو مسئلو هيو، ۽ هاڻي حل ٿي ويو آهي۔
     
  4. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا مان کي ان ٽپ جي ڳولا هئي مهرباني جهانداد سمون صاحب توهان جي
    جو توهان اهڙي قيمتي ٽپ شيئر ڪئي مهرباني ادا مون جو مسئلو ئي سمجهو ته حل ٿئي ويو
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌي کي ڏسڻ ۾ ڏکيائي؟؟ نو پرابلم

    شڪر آهي جو توهان جو مسئلو حل ٿي ويو۔۔۔۔۔۔؟ =)) =)) =))
     
  7. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌي کي ڏسڻ ۾ ڏکيائي؟؟ نو پرابلم

    مهرباني توهان دوستن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو