ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته دادو پي پي پي جو قلعو رهڻ جي باوجود هميشه بنيادي سحولتن کان محروم رهيو آهي.
جڏهن ته هن ئي ضلعي جا ٻه وڏا وزير پڻ رهي چڪا آهن (عبدالله شاه ۽ ليا قت علي جتوئي صاحب)
ان کان علاوه پير الاهي بخش، پير مظهرالحق،۽ جمالي صاحب پڻ وزير رهي چڪا آهن مگر پوء به افسوس جو دادوترقي نه ڪري سگهيو.
سنڌ سلامت جا ساٿيو اڄ مان توهان کي ضلعي دادوء جي تاريخي ماڳ گورک هل اسٽيشن بابت ڪجهه ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
گورک دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ۾ واقع آهي.
گورک جو نالو؛ گورک جي نالي لاء مختلف روايتون آهن ڪجهه تاريخدانجو چوڻ آهي ته هندو جوڳي سري گورک ناٿ جي نالي سان گورک جو نالو پيو ۽ ان نالي سان سڏجڻ لڳو آهي، مگر ڪجهه تاريخدانن جو چوڻ آهي اهيو فارسي ۽ بلوچي زبان جو الفاظ گرک آهي جنهن جي معني آهي بگهڙ . ۽ گرک مان لفظ مٽجي گورک ٿئي ويو آهي هي علائقو دادو ضلعي جي جوهي تعلقي. ۾
واهي پانڌي کان تقريبن 100 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي،
گورک تي وڃڻ لاء توهان کي فور ويل گاڏي جي ضرورت پوندي ۽ رستو ايترو ته مشڪل آهي جو توهان 50 ڪلو ميٽر جو فاصلو به تقريبن ٻه اڍائي ڪلاڪن ۾ مس ڪري سگهندوء. توهان کي پنهنجي گاڏي وڏي مهارت ۽ احتياط سان هلائڻي پوندي ڇاڪاڻ جو رستي جي ڀر ۾ وڏو کڏو آهي ، گورک لاء وڃڻ لاء توهان کي پنهنجي گاڏي استعمال ڪرڻي پوندي۔ ڇاڪاڻ ته سحولت نه هجڻ جي ڪري گورک تي ڪا به بس وغيره نه ٿي وڃي۔
گورک سمنڊ جي سطح کان 6000 فٽ مٿي آهي. ان ڪري هي علائقوتمام ٿڌو رهندو آهي. جن ڏينهن ۾ دادو جا ماڻهون گرمي کان پيا بيزار ٿيندا آهن انهن ڏينهن ۾ گورک وٽ وري سردي کان هٿ پيا سيڪيندا آهن ۽ سردي جو مزو پيا وٺندا آهن۔هتي صرف هڪ مسافرخانو آهي باقي ٻئي ڪا صحولت موجود نه آهي.
افسوس هن ڳاله جو آهي ته پي پي پي سنڌين جي حڪومت سڏبي آهي، ۽ موجوده حڪومت ۾ اسان جي دادو جا ماڻهون حڪومت ۾ ويٺا آهن ۽ هن منصوبي تي ڪو ڪم ٿئي ناهي سگهيو. جڏهن ته هتي حڪومت چاهي ته ڇا نه ٿئي ٿو سگهي.اگر هن منصوبي ته ڪم ڪيو وڃي ته دنيا جا ماڻهون سوات، مري ڪاگان وغيره کي به وساري ڇڏيندا.
گورک هل اسٽيشن جو وڊيو رپورٽ
http://www.youtube.com/watch?v=U3Th9ifMX-4&NR=1
ڪجه ماڻهن جو گورک هل جو دورو ۽ ان جي وڊيو
http://www.youtube.com/watch?v=fTBqfh9FPtE