گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو​

    ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي

    افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته دادو پي پي پي جو قلعو رهڻ جي باوجود هميشه بنيادي سحولتن کان محروم رهيو آهي.
    جڏهن ته هن ئي ضلعي جا ٻه وڏا وزير پڻ رهي چڪا آهن (عبدالله شاه ۽ ليا قت علي جتوئي صاحب)
    ان کان علاوه پير الاهي بخش، پير مظهرالحق،۽ جمالي صاحب پڻ وزير رهي چڪا آهن مگر پوء به افسوس جو دادوترقي نه ڪري سگهيو.
    سنڌ سلامت جا ساٿيو اڄ مان توهان کي ضلعي دادوء جي تاريخي ماڳ گورک هل اسٽيشن بابت ڪجهه ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
    گورک دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ۾ واقع آهي.
    گورک جو نالو؛ گورک جي نالي لاء مختلف روايتون آهن ڪجهه تاريخدانجو چوڻ آهي ته هندو جوڳي سري گورک ناٿ جي نالي سان گورک جو نالو پيو ۽ ان نالي سان سڏجڻ لڳو آهي، مگر ڪجهه تاريخدانن جو چوڻ آهي اهيو فارسي ۽ بلوچي زبان جو الفاظ گرک آهي جنهن جي معني آهي بگهڙ . ۽ گرک مان لفظ مٽجي گورک ٿئي ويو آهي هي علائقو دادو ضلعي جي جوهي تعلقي. ۾
    واهي پانڌي کان تقريبن 100 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي،
    گورک تي وڃڻ لاء توهان کي فور ويل گاڏي جي ضرورت پوندي ۽ رستو ايترو ته مشڪل آهي جو توهان 50 ڪلو ميٽر جو فاصلو به تقريبن ٻه اڍائي ڪلاڪن ۾ مس ڪري سگهندوء. توهان کي پنهنجي گاڏي وڏي مهارت ۽ احتياط سان هلائڻي پوندي ڇاڪاڻ جو رستي جي ڀر ۾ وڏو کڏو آهي ، گورک لاء وڃڻ لاء توهان کي پنهنجي گاڏي استعمال ڪرڻي پوندي۔ ڇاڪاڻ ته سحولت نه هجڻ جي ڪري گورک تي ڪا به بس وغيره نه ٿي وڃي۔
    گورک سمنڊ جي سطح کان 6000 فٽ مٿي آهي. ان ڪري هي علائقوتمام ٿڌو رهندو آهي. جن ڏينهن ۾ دادو جا ماڻهون گرمي کان پيا بيزار ٿيندا آهن انهن ڏينهن ۾ گورک وٽ وري سردي کان هٿ پيا سيڪيندا آهن ۽ سردي جو مزو پيا وٺندا آهن۔هتي صرف هڪ مسافرخانو آهي باقي ٻئي ڪا صحولت موجود نه آهي.
    افسوس هن ڳاله جو آهي ته پي پي پي سنڌين جي حڪومت سڏبي آهي، ۽ موجوده حڪومت ۾ اسان جي دادو جا ماڻهون حڪومت ۾ ويٺا آهن ۽ هن منصوبي تي ڪو ڪم ٿئي ناهي سگهيو. جڏهن ته هتي حڪومت چاهي ته ڇا نه ٿئي ٿو سگهي.اگر هن منصوبي ته ڪم ڪيو وڃي ته دنيا جا ماڻهون سوات، مري ڪاگان وغيره کي به وساري ڇڏيندا.



    [​IMG]

    گورک هل اسٽيشن جو وڊيو رپورٽ
    http://www.youtube.com/watch?v=U3Th9ifMX-4&NR=1


    ڪجه ماڻهن جو گورک هل جو دورو ۽ ان جي وڊيو

    http://www.youtube.com/watch?v=fTBqfh9FPtE

     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    ادا ممتاز دادو ضلعي جي مسئلن بابت ٻڌائڻ لاءِ توهان جا لک لائق ۔۔۔۔
    هتي محنتي ۽ قابل ماڻهن جي کوٽ ڪڏهن به نه رهي آهي پر افسوس جو هتان جي سياستدانن هميشه پنهنجا خزانا ڀريا آهن۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن دادو کي ٻن حصن ۾ ورهايو پئي ويو ته دادو جي مختلف تعلقن جي ماڻهن نئين بنجندڙ ضلعي ڄامشوري ۾ شامل ٿيڻ کي ترجيع ڏني۔۔۔
    هتي جا ماڳن ۾ خاص مقام رکندڙ کورک هل جو ذڪر ڪري توهان پنهنجي دادو ئي هجڻ جو فرض نڀايو۔۔۔
    دوستو جيڪڏهن اهڙو مقام پنجاب ۾ هجي ها ته هيئنر هڪ وڌيڪ مري بڻجي چڪي ها۔۔۔ پر افسوس هتان جا سياستدان يا ثقافتي ادارا پنهنجي روايت برقرار رکيو ويٺا آهن۔۔۔۔
    توهان جي مهرباني جو سنڌ جي هڪ خوبصورت مقام بابت دوستن کي آگاهي ڏني۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    ادا رشيد سمون صاحب اوهان جا قرب ۽ محبتون آهن جو مون جهڙي ماڻهون کي پنهنجي سنڌ سلامت جي محفل ۾ قبول ڪيو ٿا۔
    ادا اهيا حقيقت آ ته اگر اهڙي جڳهه پنجاب ۾ هجي ها ته ڇا مان ڇا ٿئي وڃي هان۔ مگر ڇا ڪيون بقول شاعر مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
    ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔
    علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه
    محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد
    احمد شاه استاد بخاري
    تاج محمد صحرائي
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
    محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير
    نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار
    سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر

    وغيره وغيره

    ادا رشيد صاحب انشاء الله توهان سان ڪڏهن ملاقات ڪبي

    ممتاز
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    سائين رب العالمين دادو کي ترقي عطا ڪري ۽ اڃان وڌيڪ سٺا انسان دادو شهر ۾ پئدا ٿي سنڌ جو مان وڌائن ۔۔۔ ڳالهه اها آهي ته دادو سان ظلم ته آهي ئي آهي پر جي ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ جو ساڳيو حال آهي ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ۔۔۔ ڪيترائي اهڙا مذهبي، ثقافتي، تاريخي ۽ تفريحي مقام آهن جنکي هوند ترقي ڏيارجي ته ڪيترائي فائدا ٿيندا ۔۔۔ هڪ ته وڏو فائدو معاشي ٿيندو، جڏهن دنيا جا سڀ ملڪ پنهنجي سياحتي ۽ سفري سهولتون وڌائي پنهنجي ملڪ کي خوشحال ڪري رهيا آهن ۔۔۔ ٻيو وڏو فائدو ته سنڌ جي ماڻهن مان احساس ڪمتري ختم ٿيندو ۽ هڪ واڌو لاڙو پئدا ٿيندو، جنهن سان صحتمند سرگرميون وڌنديون ۔۔۔

    جيئن ته منهنجو تعلق آهي سياحت ۽ سفر جي هڪ ننڍڙي حصي مهمانوازي (Hospitality) سان ۔۔۔ جنهن ۾ وري کاڌي خوراڪ وارو ادارو انتهائي اهم آهي ۔۔۔ آ٪ءُ جڏهن دنيا جي ملڪن کي ڏسندو آهيان ۽ وري سنڌ کي ته ۔۔۔ سچ پڇو ته اکين مان آب ڇا دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو آهي ۔۔۔

    هڪ مثال ڏيان ته اسين هڪ دفعي ڪينجهر گهمڻ وياسون ۔۔۔ ڪينجهر تي هڪ حڪومتي ريسٽورنٽ ٺهيل آهي ۔۔۔ انتهائي سٺي جڳهه تي آهي پر جڏهن ان ۾ وياسون ته کاڌو گهٽيا، سروس (خدمت) خراب ۽ پائخانو پٿرن سان ڀريل هو ۔۔۔ مون اتي وڃي هي شعر پڙهيو؛
    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن ۔۔۔ ڍنڍ جي مٿان حمام ٺهيل پر پاڻي ڪونه جو وضو ڪجي ۔۔۔!!!
    پر آخري ڳالهه ته دانهن ڪنهن کي ڏجي ۔۔۔ ڇا ڪجي؟
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    پيارا ممتاز وگهيا، شال جُڙيو هُجين، توهان گورک هل اسٽيشن جي باري ۾ گهٽ مگر جامع تفصيل ڏئي اسان کي تمام گهڻي معلومات مهيا ڪئي آهي، گورک هل اسٽيشن واري منصوبي کي عملي جامون پهرائڻ سان واقعي اها سچي ڳالهه آهي ته اسان ڪاغان، سوات، مري، وغيره کي ڀلجي سنڌ جِي سُرهي ٿڌاڻ جو مزو وٺي سگهون ٿا۔ دل نه لاهي دوست ڪونه ڪو سنڌي جوڌو يقينن ايندو جيڪو گورک کي نوان رنگ ، نوان پيچرا ڏئي سموري سنڌ جو مان مٿاهون ڪندو۔
    پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو،
    هر گام همرچي سان سُوراج آجيان جو
    اعلان جلد ٿيندو، ٻُڌندا خبر خُلاصي،
    سنڌ ديس جا او واسي ، ڇا لئه رهو اُداسِي،
    مولا ڪندو سڻائِي هر ڳالهه هوندي خاصي !​
     
  6. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    ادا ممتاز علي وگهيو اوهان تمام سٺو لکيو آهي مون کي پڻ تمام سٺي ڄاڻ ملي آهي گورگ جي باري ۾
    دعا آهي ته اڃا سٺو لکندا رهو.

    مظهر علي وگهيو
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    سنڌ سلامت جا ساٿيو، هن ونڊ ۾ گورک هل اسٽيٽن بابت سنڌي ۾ ڪي ٽي اين وارن جا وڊيو وڌاري پيش ڪجن ٿا اميد ته سنڌ سلامت جي دوستن کي هي وڊيوز به پسند ايندا۔ جڏهن ته گورک بابت جيو وارن جا ڪجهه وڊيوز پوئين سال پڻ هن ونڊ ۾ رکيا ويا هئا، اهو ان صورت ۾ جو ان وقت گورک بابت سنڌي وڊيوز نه پئي مليا، پر هاڻي انهيء گورک تي دير ئي صحيح پرڪي ٽي اين وارن ڪجهه ڪم ڪيو آهي جنهن کي هت پيش ڪرڻ لاء دل چيو۔ پوء اچو ته اهي وڊيوز ڏسون۔
    http://www.youtube.com/watch?v=Wa-bVWzFmyY
    http://www.youtube.com/watch?v=jG4Wdq_WBpE
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    ادا ممتاز اوهان کي جس هجي جو اهڙي قيمتي معلومات فراهم ڪئي اٿو ۔

    واقعي ادا اهو علائقو سوات ۽ مري کان گهٽ ناهي، ضرورت آهي هن جي سار جي سو اسان جا اڳواڻ به ماشاء الله گهڻا ته دادو سان ئي تعلق رکن ٿا پر هنن کي اهڙن لاثاني جگهن جو قدر الائي جي ڪڏنهن ٿيندو ، جيڪر هن علائقي کي وقتي حالاتن سان سنگاريو وڃي ته هي علائقو ته بيروني ملڪن جي سياحن جو آماجگاه بڻجي ٿو سگهي ، جنهن سان علائقي کي فائدو پڻ رسندو ۔۔۔۔پر ۔۔۔۔۔
     
  9. وقار عباسي

    وقار عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    وقار عباسي دادو ادا ممتاز اوهان توهان جو ليک ڏاڍو وڻيون۔
    مهرباني
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    ادا توهان جي مهرباني جو توهان اهڙي ڪارائتي ونڊ شيئر ڪئي .
     
  11. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

    ادا اوهان جي ونڊ انتهائي دلچسپ
    ادا اسان جي سنڌ ته اهڙن ماڳن سان ڀريل آهي پر افسوس جو حڪمرانن کي
    ميخانن مان فرصت ئي نه آهي جو هو غريب عوام جو پرابلم سالوَ ڪن
    ادا خود هينئر ته اسان جي سنڌين جي حڪومت آهي اهي به
    اسان جي واهر نه ٿا ڪن ته ڌارين تي ڪهڙيون ميارون
    ادا باقي اهو افسوس ته پاڪستان کي امن امان جي مسائلن جي ور
    چاڙهي سياحن ۽ سير ڪرڻ وارن جو سلسلو ئي رڪرايو ويو
    ادا ڇا واهان جي نظر ۾ روٽي ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو
    اسان جي پستي جو ثبوت ۽ بي عزتي جي دليل نه آهي
    ادا اوهان پاڻ ئي فيصلو ڪيو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو سنڌ

     
  13. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    بھترين
    بھترين
     
  14. خيرمحمد

    خيرمحمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺٽو سنڌ
    ادا اسان تازو ئي گورک هل اسٽيشن گهمي آيا آهيون تمام بهترين ماڳ آهي. سنڌ گورنمنٽ جيڪڏهن ترقياتي ڪم ڪرائي ته گورک هڪ خوبصورت تفريحي ۽ تاريخي ماڳ بنجي سگهي ٿو.
     
  15. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    اوهان جي ونڊ انتهائي دلچسپ
     
  16. .commail.com Zia Sindhi

    .commail.com Zia Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا بھترين ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ٿورائتو آھيان واڪا ڪيو اسان جي وس واڪا آھن ڀٽائيءَ چواڻي (واڪا ڪرڻ وس مون ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو)
     
  17. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين ادا سٽي ڄاڻ ملي، جيڪڏهن سنڌ گورنمنٽ ترقياتي ڪم ڪرائي ته گورک هڪ خوبصورت تفريحي ۽ تاريخي ماڳ سابت ٿيندو.جنهن ۾ ڪوب شڪ ڪونهي ت هي علائقو ت بيروني ملڪن جي سياحن جو آماجگاه بڻجي ٿو سگهي ، جنهن سان علائقي کي فائدو پڻ رسندو
     
  18. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو ڪوهه مري تفريح ماڳ گورک هل اسٽيشن

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    بيشڪ الله تعالي سونهاري سنڌ کي قدرتي سمورن نعمتن ۽ قدرتي سونهن سان مالامال بڻايو آهي سنڌ جيڪا صدين کان شاد آباد رهندي آئي آهي ۽ قيامت تائين شال آباد رهندي آمين

    سائنيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين (شاهه)

    سنڌ جي جاگرافي لحاظ کان نظر ڪنداسون ته سنڌ منجهه قدرتي ڍنڍون ڍورا وڻ ٽرڻ جهر جهنگ جبل پهاڙ نديون ريگستان ٿر بحر بازارون شاد آباد ۽ ٻيون سموريون قدرتي وصفن سان سنڌ رنگ به رنگي نظر ايندي هت هڪ جنت نما تفريح ماڳ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو اها آهي ( گورک هل اسٽيشن ) هن تفريحي ماڳ جو ذڪر مون سميت سمورن پڙهندڙ ۽ا ڻپڙهل ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ضرور ڪنهن ڪتاب رسالن اخبارن يا زباني طور به ٻڌو هوندو 28 مئي ڇنڇر ڏينهن اسان جي ڪاليج شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قمبر جي سمورن پروفيسرس جو ٽوئر به هن ماڳ تي رکيل هو مون سميت 12 پروفيسرس جن ۾ پروفيسر ديدار علي مگسي ،پرفيسر خليل الرحمان ڀٽو ،پروفيسر عبدالشڪو تنيو، پروفيسر محمد موسي آريجو، پروفيسر سيد حسن شاهه ،پروفيسر جاويد ڀٽو، پروفيسر قربان مگسي، پروفيسر پرويز احمد ميڻو، پروفيسر قاسم ڀٽي ،پروفيسر علي رضا مگسي ،پروفيسر نظام الدين عباسي ۽ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جديد اي سي نما ڊوم وين تي قمبر جي شاهه لطيف ڊگري ڪاليج کان گورک هل اسٽيشن صبح 10 بجه لاءِ رواناٿيا سين ٻن ڪلاڪن جي سفر ڪرڻ بعد اسين دادو شهر پهتاسين جتان اسان جي هڪ پروفيسرس دوست جو هڪ دوست جيڪو عبدالخالق جمالي جيڪو گورک هل اسٽيشن ڊولپمنٽ اٿارٽي جي ملازم جو ڀاءَ سجاد احمد جمالي گائيڊ طور اسان سان گڏجي سفر ۾ شامل ٿيو عليڪ سليڪ ڪرڻ بعد هن مونکي گورک هل تفريحي ماڳ بابت سٺي ڄاڻ ڏني گورک هل اسٽيشن صوبي سنڌ جي دادو ضلعي ۾ واقع آهي دادو جيڪو سال 1931 ڪراچي ضلعي کان ڌار ٿي ضلعو بڻيو دادو ضلعو چئن تعلقن جهڙوڪ دادو ميهڙ خيرپور ناٿن شاهه ۽ جوهي تعلقن تي مشتمل آهي دادوضلعو جيڪو 19070 چورس ڪلوميٽر ايراضي جي پکيڙ تي مشتمل پڻ آهي گورک هل اسٽيشن جيڪا دادو شهر کان 94 ڪلوميٽرس پري اولهه کيرٿر جبل جي سلسلي جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي 5688 فوٽ بلندي ۽ نهايت خوبصورت ۽ لاجواب چوٽي آهي هن تفريحي ماڳ کي ڏسڻ لاءَ شهر دادو کان جوهي ۽ واهي پانڌي واري روڊ ذريعي وڃبو آهي ڏيڍ ڪلاڪ سفر ڪرڻ بعد اسين واهي پانڌي شهر جي هڪ پيٽرول پمپ تي پهتا سين جتان اسان کي گائيڊ ڪندڙ سجاد احمد جمالي ٻڌايو ته هاڻ ڦورويل پوٽوهار کاڏين تي سفر ڪنداسين ۽ اسان هن جي مشوري بعد ٻه ڦور ويل پوٽار گاڏيون بڪ ڪرائي سفر کي اڳتي گورک هل اسٽيشن ڏانهن وڌايوسين 48 کان 50 گرمي پد تي جابلو سفر اسان کي مونجهائي ڇڏيو نيٺ وڃي گورک هل اسٽيشن جي 35 پوائنٽ تي پهتاسين جتي هڪ پوليس پوسٽ نظر آئي جتي پوليس عملو موجود نظر نه آيو مگر اتي هڪ ننڍڙو هوٽل نظر آيو جتي اسين اڌ ڪلاڪ کن آرام دوران چانهه ۽ ڪولڊڊرنگ پيتو سين گاڏي جي ڊرائيو حضرات وري گاڏين کي هيٽ (گرمي) گهٽ ڪرڻ لاءَ پاڻي پئي وڌو هاڻ اسان جي گائيڊ جمالي صاحب ٻڌايو ته ڏکيو سفر شروع ٿيڻ واري آهي اسين سڀ پروفيسرس گورک هل اسٽيشن ڏانهن رواناٿيا سين 35 پوائنٽ تي بلندي واري جبل ايندڙ سمورن تفريح ڪندڙ ماڻهن کي سلام پئي ڪيو 35 پوائنٽ کان جئين اسين مٿاهين تي پيا وياسين ته موسم خوشگوار ۽ ٿڌي پئي محسوس ٿي مگر مسلسل طاقت سان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل جي بلندي ۽ ور وڪڙ وارو سفر پئي ڪيوسين 5688 فوٽن واري بلند پهاڙ جي مٿاهين ڏسندي تمام گهڻا حيران پئي ٿيا سين اڻانگي رستي جي ڪري ۽ پهاڙ جي بلندي واري هيبت ڪري گاڏيون آهستي آهستي آرام سان هلنديون رهيون بس روڊ جا وروڪڙ ختم ٿيڻ جو ته ڪو نالو به نه هيو وڪڙ جيئن جئين گهڻا ٿيندا نظر پئي آيا اسين بلندي طرف پئي وڌيا سين اسين جڏهن پهاڙ جي مٿاهين تي پهتا سين ته ۽ گاڏين کان هيٺ نظر پئي ڪئي سين ته ساهه مٺ ۾ پئي آيو جتي رڳو خوف ئي خوف وارو عالم پئي نظر آيو منهنجي پياري دوست مسٽر شفيق مصطفي ڇٽو صاحب گورک جي سفر متعلق هڪ همراهه جو سرائڪي زبان ۾ چيل جملو مونکي ان وقت ذهن ۾ بار بار پئي ياد آيو ته ( سائين مين گورک هل اسٽيشن تي ول نه ويسان ) ڪافي 3کان 4 ڪلوميٽر اڻانگو سفر ڪيو سين پئي ته اوچتو اسان جي گاڏي منجهه ننڍڙو ڏيڄاريندڙ آواز به ٿيو اسين الله تعالي جي حمد ۽ ثنا شروع ڪري ڏني تمام هاهر ڊرائيور گاڏي تي فوري طور ڪنٽرول ڪندي اسان سڀني کي آٿت ڏنيدي چيو ته ڪو به فڪر نه ڪيو اسان جي گاڏي کي ڪنهن پٿر جو ٽڪرو لڳو آهي ڊرائيور تيزي سان گاڏي کي سفر مڪمل ڪرڻ لاءَ وڌايو مسلسل 5688 فوٽن واري مٿاهين واري سفر کي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ مڪمل ڪري ٽاپ (مٿاهين تي خيرسان پهتا سين جتي پري کان گورک هل اسٽيشن جو خوبصورت ريسٽ هائوس ۽ پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪندي نظرپئي آيو نيٺ الله تعالي جي مهرباني سان خوشگوار موسم کان لطف اندوز ٿيندي ٿيندي 3.58 منجهند ڌاري وڃي پنهنجي منزل تي پهتاسين اتي پهچڻ شرط اسان جي لنچ ( منجهند جي ماني ) جو بندوبست ٿيل هو آءَ ۽ سڀئي پروفيسرس دوست هوٽل تي پهتاسين جتي شاندار لذيذ چڪن برياني کاڌي سين کاڌي جي ڪوليٽي ۽ معيار بلڪل معياري ۽ تمام بهتر پڻ هو سروس ڪندڙ علي رضا ميمڻ ۽ علي اصغر ملاح اسان کي گهرج مطابق کاڌو پئي پيش ڪيو ماني کائڻ کان پوءِ اسين سڀئي هوٽل تي بڪنگ ٿيل ڪمرن ۾ آرامي ٿيا سين موسم لش لاجواب هئي اسان کي بجلي فين هلائڻ جي ضرورت نه پئي محسوس ٿئي ٻن ڪلاڪن جي آرام بعد اسين شام جو 6 وڳي ڌاري تيار ٿي وري گاڏين تي مٿاهين واري (زيرو پوائنٽ ) تي 7000 هزار فوٽ جي بلندي گهمڻ پهتاسين ته چوڌاري جهڙ ئي جهڙ ۽ جبل تي ساوڪ ئي ساوڪ نظر پئي آئي 7000 فوٽ بلندي وارو ماڳ گورک هل اسٽيشن واقعي ايترو ته خوبصورت نظر پئي آيو ڄڻ ( ڪوهه مري ) کان به زياده خوبصورت وڻندڙ موسم من ئي ٺاري ڇڏيو هن خوبصورت مٿاهين واري چوٽي کي (زيرو پوائنٽ ) سڏبو آهي گورک هل تي واقع اسان جي جسم کي سردي محسوس پئي ٿي خوبصورت ريسٽ هائوس کان علاوه 8 ڪمرن تي مشتمل هڪ هوٽل ۽ ڪجهه خيما بستي به نظر آئي هن خوبصورت گورک هل اسٽيشن جي ملازم مسٽر جمن جمالي صاحب ٻڌايو ته هن علائقي جي ايم اين اي محترم رفيق احمد جمالي جيڪو ( گورک هل اسٽيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ) چئرمين پڻ آهي ان جي ڪوششن سان هل اسٽيشن کي ترقي وٺرائڻ لاءَ نوان 14 ڪمرا هڪ مسجد ۽ هڪ لک ٽن پاڻي جمع ڪرڻ واري هڪ ٽانڪي جو ڪم تيزي سان شروع آهي ۽ اسين خود پاڻ به ڏٺو سين گورگ هل اسٽيشن جي گرمي پد معلوم ڪيو سين ته ڏينهن يا گرمي جي مند منجهه 20کان 25 سينٽي گريڊ ۽ رات جو گرمي جي موسم ۾ وري 15 کان 17 سينٽي گريڊ رهندو آهي ۽ سياري جي موسم ۾ وري ڪاٽو 3 کان 6 به رهندو آهي گورک هل اسٽيشن جي ايراضي متعلق به ٻڌايو ويو ته 2500 ايڪڙ تي هي خوبصورت موسم هميشه رهندي آهي باقي 1947 کان وٺي هت آ لکاڻي قبيلي جا مقامي ماڻهن ٽن چئن گهرن تي مشتمل ڳوٺ ۾ رهندا آهن جن جي وڏي جو نالو فيض محمد لکاڻي ٻڌايو ويو انکان علاوه هڪ جهازن جو هيلي پيڊ ۽ ڪرڪيٽ راند کي لاءَ پري کان اسان کي گرائونڊ به نظر آيو گورک هل اسٽيشن لاءَ منهنجي نماڻي تجويز آهي ته هن کي وڌيڪ پارڪ هوٽلون خريداري مرڪز ۽ روڊ رستا ويڪر ٺهرايا وڃن جئين سنڌ جو هي تفريحي ماڳ به ٻئن تفريحي ماڳن جيان وڌيڪ ترقي ڪري ۽ ٻاهريان سياح گهمڻ لاءِ اچن ۽ جنت جي هن ٽڪري کي ڏسي سياحت ۽ موسم جو مزو وٺن اهڙي طرح اسين واپس هڪ ڏينهن رهڻ بعد خيرسان پنهنجي ماڳن تي پهتا سين ۽ هي منهنجو سفر اسان جي خوبصورت يادن ۾ هميشه لاءِ شامل ٿئي ويو
    سنڌ جو ڪوهه مري تفريح ماڳ گورک هل اسٽيشن

    ابراهيم لاشاري (وارهه)
     
    آخري ترميم: ‏6 سيپٽمبر 2017
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو