محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جوسنڌي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي​


    [​IMG]

    صبر توڪل ته لازمي ڳالهيون آهن مگر اهيا به حقيقت آهي ته محنت کانسواء به ڪجهه ناهي، قرآن ۾ رب ڪائنات جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي فرمائي ٿو جنهن جو مفهوم هي آهي ته جيڪو جيتري محنت ڪندو، ان کي اوترو ملندو ان ۾ نه رنگ جو ذڪر نه نسل جو نه قوم جو۔ ادا مون کي ڏک ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جا سنڌي ڪجهه سسست آهن۽ ڪم کان نٽائيندا آهن۔ اهيو منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي، مون ڪجهه دوستن کي مختلف ڪمپنين ۾ نوڪرين سان به لڳرايو مگر ڪم ۽* ٽائيم وڍيڪ ڏسي ڪراچي ڇڏي ويا. جڏهن ته هت ڪراچي ۾ پٺاڻ اچي ٿو ۽ ڪراچي ۾ هر اهو ڪم ڪري ٿو جيڪو ڪم سنڌي نه ٿو ڪري.
    هت پٺاڻ هڪ ڪمري ۾ اچي 20،20 ڄڻا رهندا ۽ پنهنجا پيسا بچائيندا ، آرام ۽ سڪون کي ڪونه ڏسندا، جڏهن ته اسان جو سنڌي چوندو آرام ۽ سڪون کپي. ۽ اچي چوندا آهن ته ادا اسان کي نوڪري ته کپي مگر پگهار سٺي هجي ۽ ڪم ۽ ٽائيم ٿورو هجي۔ جڏهن ته پٺاڻ شروع ۾ پراڻا پنا ڪچرو ميڙڻ کان ڪم شروع ڪندو (مان ائين به ڪو نه ٿو چوان ته ڪو سنڌي ڪراچي اچن ۽ اچي ڪراچي ۾ پنا ميڙين پر محنت ڪن پوء اهو ڪم ڇو نه ننڊو کڻي هجي. ) ۽ پوء هوٽل تي بيري جو ڪم ڪندو ، پوء چانهه ٺاهڻ جو ڪم ڪندو ، پوء هوٽل جو مالڪ ٿي ويهندو. ۽ اڄ ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ کانپوء هت پٺاڻن جو اثر آهي ۽ اڪثريت آهي. ڪراچي جي هر ڪنڊ ۾ توهان کي پٺاڻ جو ڪاروبار ملندو هر قسم جي دڪان کان وٺي۔ٻيو ته ٻيو جهوپڙا ئي سهي پر هوٽل توهان کي پٺاڻ جو ضرور ملندو۔ پوء اتي به جتي اڃان صحيح طريقي سان آبادي به آباد نه ٿئي هجي.
    ان کان علاوه ٽرنسپورٽ ٽوٽل پٺاڻ جي قبضي ۾ آهي، ۽ ڪراچي جو هر فرد ٽرانسپورٽ جي ڪري مجبور ٿيو پوي. ۡڪراچي سبزي منڊي پڻ پٺاڻ جي قبضي ۾ آهي. ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪراچي کان ٻاهر نڪرڻ جا تمام رستا جهڙوڪ سهراب ڳوٺ، قائدآباد وغيره پڻ پٺاڻن جي قبضي ۾ آهن . افسوس ته اسان جو سنڌي اڃان به ان انظار ۾ آهي ته اسان کي جيسيتائين ڦرڻ واري ڪرسي نه ملندي تيسيتائين گهران نه نڪرنداسيين.
    منهنجا ڀاء انسان جيسيتائين پاڻ نه ڪوشش ڪندو تيسيتائين ڪجهه به نه ٿيندو. الله به ان جي مدد ڪندو آهي جو پنهنجي مدد پاڻ ڪندو آهي. هاڻ اسان جي سنڌين کي اٿڻو پوندو بغير ڪنهن ڪرامت جي. انتظار جي.
    توهان ڌٺو هوندو ته جڏهن امريڪا عراق ۾ روضن مٿان پئي بم ڪرايا تڏهن به ڪا ڪرامت نازل نه ٿئي، ته پوء هت سنڌ ۾ ڇو نازل ٿيندي. ڀائرو اٿو ۽ سجاڳي پيدا ڪريو
    توهان پوري دنيا گهمي ڏسو توهان کي اگر ننڊ ۽ سستي جو سخت دشمن نظر ايندو ته اهو به توهان کي هن سهڻي سوهاري سنڌڙي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي صاحب ئي ملندو پر پوء به افسوس جو اسان سنڌي اڃان ننڊ ۾ پيا آهيون. شاه صاحب جو پورو رسالو سجاڳي ۽ محنت جو سبق ڏئي ٿو سو اسان کي سجاڳي ڪرڻي پوندي ۽ سخت ،پسند نه ايندڙ به محنت ڪرڻي پوندي.
    ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛
    ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گھورِيِسَ“ ڪيو گِھڙَنِ؛
    ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي.

    پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ!
    پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
    واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.6



    ممتاز مصطفه وگهيو
    ڪراچي سنڌ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جوسنڌي

    تمام سٺو ليک آهي ۔۔۔ مٺڙا ممتاز ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي بري نظر کان بچائي ۔۔۔ اهڙيون چهنڊڙيون قوم کي پائيندا رهجو ۔۔۔
    جي ماسو جڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين ۔۔۔ جيئان جي هڪ به سنڌي اوهانجي ڳالهه تي عمل ڪندي محنت ۽ توڪل جي ترهي تي چڙهي پيو ته ٻيڙا پار ٿي ويندا ۔۔۔
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونــــداه، پيــــر نه لهين پرينءَ جـــو۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جوسنڌي

    ادا ممتاز وگهيو جو هي مضمون تمام شاندار آهي پر جنهن سيڪشن ۾ اهو ونڊ ڪيو ويو آهي، اهو سيڪشن صرف سنڌ سلامت جي اسٽوڊيو جنهن ۾ سنڌ سلامت جا آڊيو يا وڊيو ونڊ ڪري سگهجن ٿا، ادا عبدالرشيد سمون کي عرض آهي ته هي بهترين ۽ انتهائي ڪارائتو مضمون حالت حاضره سيڪشن يا تعلق رکندڙ ڪنهن سيڪشن ۾ ٽرانسفر ڪيو وڃي ته مهرباني ٿيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو