• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 28 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 28 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
28 سيپٽمبر 1861ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير جو ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1907ع آزادي جي جنگ جي متوالي ڀڳت سنگهه جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1924ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1924ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره سندري اتمچنداڻي (حيدر آباد / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1924ع ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1942ع شاعر پير بخش پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1944ع سگهڙ محمود شر جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1944ع ليکڪ اعجاز علي بيگ مرزا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1951ع چترڪار محمد علي ڀٽي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1960ع شاعر سهڻل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1973ع شاعر پرديسي انور ڪٽوهر (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1988ع گلوڪاره پارس علي پارس جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
28 سيپٽمبر 1939ع مذهبي عالم ۽ آزادي لاء جاکوڙيندڙ مولانا عبدالحق چانڊيي جو انتقال ٿيو.
28 سيپٽمبر 1954ع شاعر مراد علي ڪاظم جو لاڏاڻو ٿيو.
28 سيپٽمبر 1966ع شاعر هسانند جادوگر (ڪنڊييارو / هندستان) جي ديهانت ٿي.
28 سيپٽمبر 1970ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبدلناصر جو انتقال ٿيو. اندازي موجب سندس جنازي ۾ 40 لک ماڻهن شرڪت ڪئي.
28 سيپٽمبر 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جان سرهندي جو انتقال ٿيو.
_______
اڄوڪي ڏينهن 28 سيپٽمبر جا ڪجهه اهم واقعا
ixTTePnGmp8G3.jpg
حواله:
______
 
Back
Top