• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 28 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 28 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


28 سيپٽمبر 1861ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاھ راشدي (پير جو ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1907ع آزادي جي جنگ جي متوالي ڀڳت سنگهہ جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1913ع شاعر ۽ بزرگ پير سيد زين العابدين شاھ ’زينل‘ جيلاني جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1923ع ليکڪ، سياستدان ۽ اڳوڻي ڪاموري روئداد خان جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1924ع شاعر زين العابدين شاھ زينل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1924ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره سندري اتمچنداڻي (حيدر آباد / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1924ع ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1942ع شاعر پير بخش پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1944ع سگهڙ محمود شر جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1944ع ليکڪ اعجاز علي بيگ مرزا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1947ع بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ واجد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1951ع چترڪار محمد علي ڀٽي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1960ع شاعر سهڻل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1973ع شاعر انور پرديسي ڪٽوهر (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
28 سيپٽمبر 1988ع گلوڪاره پارس علي پارس جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

28 سيپٽمبر 1895ع مشھور سائنسدان لوئي پاسچر جو انتقال ٿيو.
28 سيپٽمبر 1939ع مذهبي عالم ۽ آزادي لاء جاکوڙيندڙ مولانا عبدالحق چانڊيي جو انتقال ٿيو.
28 سيپٽمبر 1954ع شاعر مراد علي ڪاظم جو لاڏاڻو ٿيو.
28 سيپٽمبر 1966ع شاعر هسانند جادوگر (ڪنڊييارو / هندستان) جي ديهانت ٿي.
28 سيپٽمبر 1970ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبدلناصر جو انتقال ٿيو. اندازي موجب سندس جنازي ۾ 40 لک ماڻهن شرڪت ڪئي.
28 سيپٽمبر 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جان سرهندي جو انتقال ٿيو.
28 سيپٽمبر 2025ع صحافي ۽ اينڪرپرسن امتياز مير وفات ڪري ويو، ھو 21 سيپٽمبر تي ڪراچيءَ ۾ حملي ۾ زخمي ڪيو ويو ھيو.


اڄوڪي ڏينهن 28 سيپٽمبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1928 - اليگزينڊر فليمنگ (Alexander Fleming) پينسلين دريافت ڪئي.
1961ع – شام ۾ فوجي بغاوت کان پوءِ، گڏيل عرب جمهوريہ جو خاتمو آيو، ان اتحاد ۾ مصر ۽ شام شامل هئا.
1992ع – پي آئي اي جو جهاز نيپال جي جبلن ۾ ڪري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ عملي سيمت 167 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top