• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 29 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 29 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


29 سيپٽمبر 1904ع ننڍي کنڊ جي نامور سماج سڌارڪ سريچند ميوارام جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 سيپٽمبر 1929ع ليکڪ نند ريجهسنگهاڻي (لاڙڪاڻو / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 سيپٽمبر 1929ع ڪشميري حريت پسند اڳواڻ سيد علي شاھ گيلاني جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 سيپٽمبر 1939ع شاعر دولت عيدناڻي (سنڌ / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 سيپٽمبر 1959ع شاعر وفا لانگاھ جو جنم ڏينهن آهي.
29 سيپٽمبر 1967ع شاعر ماڻڪ ملاح سڪرنڊ ۾ جنم ورتو.
29 سيپٽمبر 1970ع پاڪستاني ڳائڻي ۽ موسيقار جواد احمد جو جنم ڏينھن آھي.
29 سيپٽمبر 1967ع شاعر فرهاد جروار سڪرنڊ ۾ جنم ورتو.

وڇوڙو:

29 سيپٽمبر 1805ع سنڌ جو تاريخدان ۽ شاعر عبدالمجيد جوکيو بکري جو انتقال ٿيو
29 سيپٽمبر 1965ع شاعر گل نصرپوري جو انتقال ٿيو
29 سيپٽمبر 1971ع سياستدان سيد امام علي شاھ (مٽياري) جو انتقال ٿيو.
29 سيپٽمبر 1971ع گلوڪارہ نسيم بيگم جو انتقال ٿيو.
29 سيپٽمبر 1974ع سماجي خدمتگار ۽ سخي انسان، رئيس حاجي عثمان مريءَ جو انتقال ٿيو.
29 سيپٽمبر 1978ع رومن ڪيٿولڪ عيسائين جو روحاني پيشوا، پوپ جان پال (اول) جو لاڏاڻو ٿيو.
29 سيپٽمبر 1981ع شاعر ميان جان محمد عباسي شاد ٻورڙائي جو لاڏاڻو ٿيو.
29 سيپٽمبر 1996ع ماهر لسانيات ۽ شاعر پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
29 سيپٽمبر 1999ع صحافي ۽ سماجي ڪارڪن علي شير آفريدي وفات ڪئي.
29 سيپٽمبر 2004ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ سيد امداد محمد شاھ جي وفات ٿي.
29 سيپٽمبر 2021ع مشهور صحافي، سماج سڌارڪ ۽ ٽي وي اينڪر گلشن شيخ جي وفات ٿي.

اڄوڪي ڏينهن 29 سيپٽمبر جا ڪجهہ اهم واقعا

29 سيپٽمبر 1946ع تي نواب آف ڀوپال ۽ قائداعظم جي ملاقات ٿي.
29 سيپٽمبر 1972ع تي سنڌ جي مشھور سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي رجسٽريشن ڪرائي وئي.
29 سيپٽمبر 2007ع تي سنڌو نگر، الھاس نگر هندستان ۾ مقيم سنڌين، سنڌو ساک سنگم (Sindhu Sakha Sangam) ٿيئٽر قائم ڪيو.
29 سيپٽمبر 1983ع تي سڪرنڊ لڳ قومي شاھراھ تي ڳوٺ ڳوٺ پنھل خان چانڊيي ۾ ايم اير ڊي تحريڪ جي جلوس تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا شهيد ڪيا ويا ۽ 51 ڄڻن کي زخمي ڪري کين گرفتار ڪيو ويو.

29 سيپٽمبر تي ھر سال دنيا ۾ دل جو عالمي ڏينھن World Heart Day ملھايو ويندو آھي.

حوالہ:


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top