امداد محمد شاهه : سنڌ جو بي داغ سياستدان ۽ مخلص سماج سڌارڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    امداد محمد شاهه : سنڌ جو بي داغ سياستدان ۽ مخلص سماج سڌارڪ

    سهيل ميمڻ

    وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل سماج سڌارڪ، سياستدان، سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند، سياست ۾ شرافت ۽ ايمانداريءَ جي روايت برقرار رکندڙ ۽ سنڌي روايتن جي بهادر سپاهي، سائين امداد محمد شاهه جي اڄ نائين ورسي آهي. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ جنم وٺندڙ سيد امداد محمد شاهه پنهنجي پرائمري تعليم سن ۾ ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ مشنري اسڪول ۾ ورتي، انٽر ميڊيئٽ ۽ سائنس ۾ گريجويشن پڻ ڪراچيءَ جي مشهور ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. سائين امداد محمد شاهه اصولن جو ايترو ته پڪو هو پنهنجي اولاد جي به نه ٻڌندو هو. ٺيٺ سنڌي لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو، انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس، سادو کائيندو هو ۽ سادو پائيندو هو، وڏي گاڏي رکي وڏيرن وانگر ڳوٺ وارن تي داٻي بجاءِ عام ڪار ۾ سفر ڪندو هو، روڊ جو سفر سائين امداد شاهه ايترو ڪيو جو جيڪڏهن چئجي ته سندس اڌ زندگي روڊ تي سفر ۾ گذري ته به غلط نه ٿيندو. هو چوندو هو، پرڻو ڀلي ڪنهن جو نه کائي سگهجي ته خير آهي پر مرڻي تي اڳ يا پوءِ ضرور پهچجي. اهوئي سبب هو جو سائين امداد محمد شاهه جي ڪارجي ڊگيءَ ۾ اجرڪون هميشه پيل هونديون هيون. سائين امداد محمد شاهه وٽ، سائين جي ايم سيد جيان شام جو کل، ڀوڳ جي محفل نه لڳي اهو ممڪن نه هو. قانون جو ايترو احترام ڪندو هو جو، پنهنجي ڪار جي ريڊيو جو لائسنس به ٺهرائيندو هو. ڏوهارين لاءِ پويون ڏينهن هو، سندس چوڻ هو ته جي ڪو ڏوهاري درياهه ۾ ٻڏندو هجي ۽ توهان کي بچائڻ لاءِ هٿ ڏئي ته، ان کي هٿ کان وٺي درياهه مان ڪڍڻ بجاءِ، اڃا به ڌڪو ڏئي ڇڏجي.
    سائين امداد محمد شاهه طبيعت ۾ صوفي هو، ملڪ جي سڀني صوبن ۾ اڪثر صوفين اوليائن جي درگاهن تي ويندو رهندو هو. سائين امداد محمد شاهه جو وقت سائين جي ايم سيد جو فرزند هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جي اهڙن با اصول ۽ باضمير ماڻهن سان گذريو، جيڪي سنڌ جي اصل سڃاڻ ۽ فخر هئا ۽ آهن. سائين امداد شاهه انهن عظيم هستين کان پرايو ۽ اهڙو ئي با اصول شريف ۽ سماج سڌارڪ انسان ٿيو. ننڊپڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ ۾ سندس تربيت ٿي. سائين امداد شاهه، پارسين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هو، هو چوندو هو ته پارسي ته مرڻ بعد به پنهنجو جسم پکين کي کارائين ٿا ۽ ملڪ ۾ عضون جي پيوندڪاري پارسين کان ئي شروع ٿي. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سائين امداد محمد شاهه جي زمينداري رهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول ۱۹۶۰ ۾ سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو ۽ پوءِ تعلقي سڪرنڊ جا مڊل اسڪول مجيد ڪيريو، صابو راهو، کڏهر، محراب پور، گبر ڏاهري، مير محمد جوڻو، لاکاٽ، لاکا آباد ۽ رمضان راهو سائين امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايا. علائقي جي ڳوٺن دليل راهو، خيبر لکمير، لانڍي، حسن جمالي، مهر علي جمالي، محمد فقير لغاري، ٻڍل شاهه، بچل پور ۽ ماڙي جلباڻي، جا هاءِ اسڪول ۽ قاضي احمد هائير سيڪنڊري اسڪول به امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايو. ان کان علاوه سنڌوءَ جي بچاءُ بندن تي سندس نظر هميشه رهي، ان کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنائين. صحت جي سهولتن لاءِ ڪيترائي بي ايڇ يو قائم ڪرايائين.
    سائين امداد محمد شاهه سياست جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش ٺهڻ بعد سائين امداد شاهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو، ان بعد ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻيو، سائين امداد محمد شاهه بي باڪ ۽ بي پرواهه ٿي ڳالهائيندو هو، کيس نوابشاهه ضلعي جي سيدن جي سياست جو ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو. سائين امداد محمد شاهه ثقافتي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، حمل فقير جو ميلو شروع ڪرائڻ جو بنياد سائين امداد شاهه ئي وڌو. سائين جي ايم سيد کان پوءِ سائين امداد محمد شاهه به قومپرست ڪارڪنن جي ٽيڪ ۽ ڏڍ هو، پري پري هو پر پوءِ به سندس هوندي ڪارڪنن کي وارث هجڻ جو احساس ٿيندو هو. هو سکر ايندو هو ته مٿئين طبقي جي دوستن وٽ نه رهندو هو، جيڪي ساڻس ايم پي ايز رهيا ۽ کيس منٿون ڪندا هئا يا ناراض ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندا هئا، مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين امداد محمد شاهه جڏهن به سکر ايندو هو ته مونکي خدمت جو شرف بخشيندو هو.
    سيد امداد محمد شاهه جا آخري سال پڻ پنهنجي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينون سنڀالڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرڻ، حمل فقير جو ميلو لڳرائڻ، مرڻي پرڻي ماڻهن سان پير ڀرڻ، ڳوٺاڻن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ هر ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪرڻ، پنهنجن ئي قائم ڪرايل اسڪولن ۽ اسپتالن جي سار سنڀال لهڻ، مالڪي ڪرڻ گذاريا. سيد امداد محمد شاهه ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ۲۹سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي گذاري ويو، کيس وصيت موجب سندس پنهنجي ٻنين ۾ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ دفنايو ويو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيد امداد محمد شاهه : هڪ صالح قومپرست اڳواڻ

    ابو ايلسا

    سنڌ جي سياست ۾ صالح اڳواڻن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، جن جا نالا وٺڻ سان تاريخ جا ڪيئي دور ياد اچي وڃن ٿا، سيد امداد محمد شاهه به انهن نالن مان هڪ آهي، هو بنيادي طور تي هڪ بهترين سماج سڌارڪ هو، سياست کيس وڏڙن جي طرفان ورثي ۾ ملي، پر هن مخلص سماجي اڳواڻ ۽ اصول پرست پارلياماني سياستدان طور پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ڪردار ذريعي ڪرائي، سن ۾ جنهن بنگلي ۾ هن وقت سائين جلال محمود شاهه ويهندو آهي، ان بنگلي جي مرمت سائين امداد محمد شاهه ڪرائي، شام جو وقت هو ماڻهن سان ڪچهري دوران سائين امداد محمد شاهه چيو ته اسان جا وڏڙا گهڻو ڪجهه ڇڏي ويا آهن ۽ اسان کي مرمت ڪرائڻ به ڏکي لڳي ٿي، پر پوءِ به نڀائي وينداسين.
    ”ٻري جن ٻاري، هلو تڪيا پسون تن جا“

    لطيف جو شعر چئي هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو فرض نڀايون پيا، اميد ته اسان جا پونئير ٻاريندا، سائين امداد محمد شاهه جي سماجي ڪم جو بنياد شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي آهي، ان کي لڳ ڀڳ ۴۰سال ٿي ويا آهن، جيڪا هينئر به پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، ان تنظيم جو بنياد وجهڻ وقت سن شهر جي هر دڪاندار کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو هو ته هر دڪاندار روزانو ۵پيسا جمع ڪرائيندو ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڀانڊارو ٺهرايو ويو هو ۽ سوسائيٽي لاءِ شايد ۴۰ايڪڙ زمين به رکي وئي هئي، سوسائيٽي جو ڪم صرف ۽ صرف غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اداري طرفان هڪ هاسٽل به ٺهرائي وئي هئي، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد، ڊيوٽي ڪندڙ ملازم ۽ آفيسر ماني کائيندا هئا، انهن شاگردن ۾ تازو چونڊيل ايم پي اي فقير داد کوسو به آهي، مهراڻ، لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن جي فيس ۽ ٻيو خرچ ٻه ادارو ادا ڪري ٿو، تازو شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي طرفان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ قائد عوام يونيورسٽي سان سائين جي ايم سيد، سيد امداد محمد شاهه ۽ جيجي درشهوار سيد جي نالن تي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي، سائين امداد محمد شاهه جو اهو خواب هو ته اهڙا ادارا قائم ڪري بهتر تعليم ۽ بهتر سماج اڏي سگهجن ٿا، سياسي زندگي ۾ سائين امداد محمد شاهه هڪ بهترين پارليامينٽيرين ۽ اصول پسند سياستدان هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سنڌ جو اڳواڻ به هو، ان پارٽيءَ ۾ شموليت کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد کان اجازت ورتي هئائين، پر اتي به هن پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪيو، ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جڏهن به اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، ٻيو عبدالحميد خان جتوئي لاءِ به مشهور هوندو هو، اهو به جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته ايوان ۾ جيڪڏهن سئي به اڇلائجي ته ان جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ان دور ۾ سائين جي ايم سيد کي اسيمبليءَ ۾ غدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪجهه ميمبرن گوڙ ڪيو هو ته عبدالحميد جتوئي گجگوڙ تي کين خاموش ڪرائي چيو ته جي پاڪستان ۾ توهان ويٺا آهيو ان جو جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. ايئن ئي جڏهن به عبدالحميدجتوئي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير لاءِ سائين امداد محمد شاهه اٿندو هو ته سمورا ميمبر کيس سنجيدگي سان ٻڌندا هئا، هن جي اسيمبلي ۾ احتجاج جو به انداز هڪ نرالو هوندو هو، توڙي ڦاٽڪ جي اسيرن جي آزادي لاءِ اسيمبلي ۾ زمين تي اجرڪ وڇائي ان تي ويهي احتجاج ڪيو هو، سندس هڪ ٻيو تاريخي ڪردار به وسارڻ جهڙو نه آهي، ايم آر ڊي جي دور ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۾ فوجين جي گولين سان پروڻ ٿيل ڳوٺاڻن جي لاش به فوجين وٽان پاڻ کڻائي نوابشاهه اسپتال آندا ۽ ان جي ڪفن ۽ دفن جو به بندوبست ڪرايائين، سنڌ اڄ اهڙي ڪردار کي ياد ڪندي پنهجو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪري رهي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيد امداد محمد شاهه : برک قومپرست سياستدان ۽ سماج سڌارڪ

    ايم حنيف لاشاري

    سنڌ ڌرتي صوفين، بزرگن، اوليائن۽ درويشن جي ڌرتي آهي. ان ڌرتي تي اهڙن سنڌ امڙ جي پٽن جنم ورتو آهي. جيڪو حق پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ جو نالو روشن ڪري هميشه لاءِ امر ٿي ويا. انهن مان سنڌ جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد جو ننڍو فرزند، برک قومپرست سياستدان ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه به هڪ آهي. سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي مشهور شهر ۽ سنڌ جي سياسي ڳڙهه سن شهر ۾ سائين جي ايم سيد جي حويلي ۾30 سيپٽمبر 1935ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. سائين امداد محمد شاهه سنڌي جا 3 درجا سن جي پرائمري اسڪول ۾پڙهيا. جنهن کانپوءِ ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ 1948ع تائين تعليم حاصل ڪئي. ان زماني ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ هندستان کان ڪيترن ئي لڏي آيل مسلمانن کي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽اسڪول بند ڪيا ويا. جنهن ڪري پاڻ واپس سن موٽي آيو.جتان ڪجهه دير سان واپس اسڪول ۾ پهچڻ ڪري سندس داخلا ختم ڪئي وئي.جنهن ڪري پاڻ هڪ مشينري اسڪول سينٽ پيٽرڪ ۾ داخلا ورتائون، 1953 ۽ 1954ع ڌاري انهيءَ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. سائين امداد محمد شاهه جو خيال هو ته انٽر سائنس امتيازي حيثيت سان پاس ڪرڻ کانپوءِ ميڊيڪل ۾ داخلا وٺان پر سندس اها خواهش گهر حالتن سبب پوري نه ٿي سگهي.ان وقت جيئن ته سندس وڏو ڀاءُ سيد اميرحيدر شاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو. ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾بند ڪيو ويو. ان ڪري تعليم سان گڏ پنهنجون گهرو ۽ زمينداريءَ جون ذميواريون وڌي وڃڻ جي ڪري پاڻ ميڊيڪل ۾ داخلا وٺي نه سگهيا ۽ آخر ۾ پاڻ ساڳئي ڪاليج مان بي ايس سي جو امتحان پاس ڪيائون. ان وقت سندس ڪاليج اليڪشن جو فارم سندس مهاجر دوست اسلم يار خان (وڏو بئنڪار) زوري ڀرايو چونڊ ۾ ڪل 9 اميدوار هئا، جن مان 3 سنڌي هئا انهن ۾ سيد امداد محمد شاهه به شامل هو. انهيءَ اليڪشن ۾ سندس ڪاميابي جي کيس اميد نه هئي پر پاڻ اها اليڪشن کٽي جنهن کانپوءِ پاڻ اسلاميه لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ 1965ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائون. 1966 ۽ 1967ع ڌاري پنهنجي حصي جي زمينداري سنڀالڻ لاءِ جڏهن سن کان نواب شاهه ضلعي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو نقل مقاني ڪئي ۽ پاڻ سنڌ جي هڏ ڏوکي، صوفي منش ۽ مدبر مرحوم قاضي فيض محمد جهڙي شخصيت جي صحبت ۾سماجي ڀلائي خاطر وڪالت شروعات ڪيائون. 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نواب شاهه جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پوري ضلعي نواب شاهه جي ٻهراڙين جي تعليم لاءِ پتوڙيائين ۽ ڪيترائي هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول، ڪاليجز، پرائمري اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪرايون. 1985 ۽ 1988ع ۾ 2 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ته پنهنجي تڪ سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ جي تعليم لاءِ آواز اٿاريائين.سنڌ اسيمبليءَ ۾ 2 ڀيرا ميمبر چونڊجڻ واري تجربي کانپوءِ اسيمبلين کي رڳو ڊبيٽنگ سوسائٽيون سڏيندڙ سائين امداد محمد شاهه نظريي جي ڀيٽ ۾ پريڪٽيڪل سياست ۾ ويساهه رکيو پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ صرف هڪ ئي پارٽي عوامي ليگ جيڪا شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي هئي.جنهن ۾ پاڻ صوبي سنڌ جي نائب صدر، عوامي ليگ ليبر جو سيڪريٽري ۽مرڪزي ايگزيڪيوٽو ميمبر جي عهدن تي رهيو. سائين امداد محمد بنيادي طرح سان سماجي ورڪر ۽ڪارڪن رهيو. پاڻ سياست ۾ 70 تائينر هيو. سائين امداد محمد شاهه ملڪ اندر ايڪي، اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي علامت سڏيو ويندو هو. پاڻ جڏهن اسيمبليءَ جو 2 ڀيرا ميمبر چونڊجي آيو ته نه رڳو پاڻ برسر اقتدار نه هو پر مخالفت ۾به اڪيلو هو پوءِ به هن اصولن جي پابندي ڪندي اڪيلائپ ۾ هڪ تنظيم ثابت ٿي ڏيکاريو. اها سندس بنيادي خواهش به هئي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي پنهنجي والد سائين جي ايم سيد وانگر سنڌ جي حقن خاطر حزب اختلاف جو ڪو ڪردار ادا ڪيان. ان وقت پ پ جي حڪومت ۾ اسيمبليءَ جي اسپيڪر تي اڪيلي سر عدم اعتماد ڪري سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاري هڪ تاريخ ساز عمل ڪيو. جنهن تي هر ايندڙ وقت جو مورخ قلم کڻندو ته سائين امداد محمد شاهه اڪليو هوندي به حڪومت کي ڪيتري نه پنهنجي مخالف واري حيثيت مڃائيندو رهيو. چوڌري مير زمان قتل ڪيس ۾ بيگناهه ٿرين جون گرفتاريون هجن يا سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جو مسئلو هجي،ڪالا باغ ڊيم جهڙو سنڌ دشمن منصوبو هجي يا سنڌي ٻولي خلاف سازش، سنڌ ۾ بي روزگاري جو مسئلو هجي يا رياستي بدامني، سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جي خلاف سائين امداد محمد شاهه اسيمبلي توڙي اسيمبلي کان ٻاهر هوندي به آواز اٿاريندو رهيو. سنڌ جي سماجي خدمتن لاءِ سائين جي سموري زندگي کليل ڪتاب وانگر رهي.سڪرنڊ لڳ ايم آر ڊي تحريڪ دوران قانون نافذ ڪندڙن سڌيون گوليون هلائي ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا 17 ڳوٺاڻا شهيد ڪري ڇڏيا اهڙي سانحي پيش اچڻ کانپوءِ ايم آر ڊي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ ۽ علائقي جا ڪيترائي وڏيرا هٿ ڪڍي ڀڄي ويا پر سيد ئي هيو جنهن قانون نافذ ڪندڙ درندن سان اکيون اٽڪائي نه رڳو شهيدڳوٺاڻن جا لاش وصول ڪيا پر شهيدن جي جنازي نمازکان وٺي ڪفن تائين ڏکويل ڳوٺاڻن سان سندس همدرديون رهيون. ساڳي تحريڪ دوران جڏهن لاکاٽ تي گولا باري ڪري گهرن جا گهر تباهه ڪيا ويا تڏهن انهن ڳوٺاڻن کي سرڪاري معاوضو وٺي ڏيارڻ لاءِ پڻ اسيمبليءَ ۾ ڀرپور آواز اٿاريو. جڏهن حڪومت معاوضو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پاڻ لاکاٽ لاءِ اسيمبلي اندر آواز اٿاري ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرايون ۽ اتي اسڪولن، اسپتالن ۽ پڪن روڊن جو ڄار وڇاريو. پاڻ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون پڻ کوليون، جن ۾ شاهه حيدر سوسائٽي، امداد فائونڊيشن شامل آهن. جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت صحت، تعليم سميت مختلف موضوعن تي ڪم ڪري رهيون آهن. جنهن کي سندس فرزند ناميارو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سيد زين شاهه سنڀالي رهيا آهن.سندس فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه آمريڪا ۾ ماهر ڊاڪٽر هيو.سندس والد سيد امداد محمد شاهه جي وڇوڙي بعد هُو آمريڪا کي الوداع چئي سندس والد جيان سماجي خدمتن ۾ اچي شاهه حيدر سوسائٽي سنڀالي تعليم، صحت ۽ ٻين موضوعن تي پنهنجي مدد پاڻ تحت ملهائي رهيو آهي. سندس تنظيم شاهه حيدر سوسائٽي جي اسڪالر شپ تان ان وقت جو غريب شاگرد ۽ هاڻوڪي ٿاڻي بولا خان تڪ جو ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيون هستيون اسڪالر شپ ذريعي هن تنظيم جي مدد سان پڙهي اڳتي نڪتيون. شاهه حيدر سوسائٽي جو بنياد 1958ع ڌاري سيد امداد محمد شاهه تعليم جي سڌاري لاءِ وڌو. سنڌ جو ناميارو ڏاهو، اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو، دانشور تاج جويو، ليکڪ ناز سنائي، پروفيسر ستار احمد ڪانڌڙو سميت ڪيتريون ئي وڏيون هستيون سن شهر مان ئي تعليم پرائي چڪيون آهن. ائين ئي سنڌ جي هن عظيم انسان جي سموري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ سماجي خدمتون ڪندي گذري بيماريءَ جي حالت ۾ به وفات کان هڪ ڏينهن به اسڪولن جو دورو ڪيو هئائين. 29 سيپٽمبر 2004ع اربع ڏينهن سنڌ جو ناميارو قومپرست اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو، سندس وفات تي هزارين چاهيندڙ زارو قطار ۽ اوڇنگارون ڏيندا روئيندا رهيا. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.سندس اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙ سيد امداد محمد شاهه کي ان وقت جا اسيمبلي ميمبر توڙي مخالف ۽ سندس چاهيندڙ اڄ به ياد ڪن ٿا.

    ڀلا ڀُونءِ نه وسرن، نه ڳُڻا چڙهن نه چت
    اڻ لوڀي ۽ نينهن گهڻو، اهڙا سڄڻ ڪٿ.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سيد امداد محمد شاهه:

    سيد امداد محمد شاهه، سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”سن“ جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن، سنڌ جي بزرگ سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، 30 سيپٽمبر 1935ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. امداد محمد شاهه ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 1948ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، ته دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. ان کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان 54 1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدرشاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، 1965ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين.

    امداد محمد شاهه، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن 1956ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين.

    امداد محمد شاهه، 1985ع ۽ 1988ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. شاهه صاحب، نوابشاهه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو.

    شاهه صاحب سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت ’پونم‘ جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. شاهه صاحب جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس وفات 29 سيپٽمبر 2004ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ 2007ع کان ڪم ڪري پيو .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جو امداد جيئن مون ڏٺو

    فدا حسين شيخ

    گهڻي وقت کان ذهن ۾ اهو خيال ستائيندو پي آيس ته سائين امداد محمد شاهه کي جيئن مون ڏٺو ايئن لکان پر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ گهڻين مجبورين ڪري سمجهان ٿو ته دير لڳي ويندي ۽ متان حياتي وفا نه ڪري ۽ سنڌ جي هن عظيم ۽ امين سماجي ڏاهي، سڌارڪ، اشراف سياستدان ۽ فقير طبعيت انسان جي ذاتي زندگي اعليٰ آدرشن ۽ اصولن جي باري ۾، توڙي جو اهي عالم آشڪار آهن پر جيئن مون هن کي ڏٺو ۽ سندس بيباڪ رمزن کي سمجهيو اسان ٻه ٽي دوست، ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ راقم جيڪي کين پنهنجي اولاد کان وڌيڪ عزيز هئا. اهي هجتون، دل لڳيون سامان، راز نياز، قربابئتيون ڪچهريون ۽ مستيون متان ڪنهن ٻي دوست ۽ واسطيدار جي گڏ ڪرڻ کان گهڻيون هجن يا کيس خبر ئي نه هجي، انهي ڪري بهتر سمجهيم ته سائين امداد جي يارهين ورسي جي مناسبت سان اهي رڪارڊ ڪرائي ڇڏجن.

    ”پور بيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح
    کٿوري خوشبوءِ، آهي انهي ڀيڻئين“

    منهنجي سائين امداد سان ملاقات جولاءِ 1976ع ۾ ٿي جڏهن نواب شاهه ۾ راشنگ آفيسر مقرر ٿيس، ٿيو هينئن جو هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس لال بلڊنگ نواب شاهه ۾ ويٺو هوس ته هڪڙو ماڻهو سائين امداد جي راشن ڪارڊ ۾ ٻن ماڻهن، جيڪي شايد سندس پٽ هئا جو اضافو ڪرائڻ آيو. پڇيو مانس ته ”ب“ فارم کڻي آيو آهين چيائين هائو؟ پڇيو مانس راشن ڪارڊ تنهنجو آهي، جواب ۾ چيائين سائين امداد شاهه جو آهي، منهنجي پڇڻ تي ته اهو ڪير آهي، چيائين سائين جي ايم سيد جو پٽ آهي، آئون پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيهي رهيس. همراهه کي ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي، پٽيوالي کي ڊوڙايم ته چانهه وٺي اچ، جيستائين پٽيوالو چانهه وٺي اچي، مون ڪارڊ ۾ ٻن جي بدران ڇهه ماڻهن جو اضافو ڪري ڪارڊ کيس ڏنو، اهو ماڻهو هو سندس ڊرائيور محمد خان ، جڏهن هن ڏٺو ته ڇهه ماڻهن جو اضافو ٿي ويو ته، هن مون کي يقدم ڪارڊ واپس ڏيندي چيو سائين، اهي ڪٽيو جو سائين مون سان وڙهندو ڇاڪاڻ ته هو بلڪل ايماندار آهي ۽ اهو برداشت نه ڪندو. چيومانس تون سائين امداد وٽ ڇا ڪندو آهين ته چيائين، ڊرائيور آهيان. مون چيو ٺيڪ آهي تون ذاتي نوڪر آهين،مون ڊرائيور جي ٻارن جو اضافو ڪري ڪارڊ ۾ انگ ساڳيو رکي درست ڪري ڪارڊ ڏنو ، ۽ پڇيو مانس ته سائين سان ملاقات ڏکي يا سولي، چيائين سولي.
    محمد خان هليو ويو مون کي اچي اڻتڻ ٿي ته سائين سان ملاقات ڪجي. پر ڪنهن چڱي دوست جي ڳولا ۾ هئس، پندرنهن، ويهن ڏينهن کانپوءِ احمد خان ٺٽيار نوري جي آڌار اچي نواب شاهه سهڙيو هو، گهڻو وقت سن ۾ يوسي جو سيڪريٽري ٿي رهيو هو چيو مانس سائين امداد سان ملڻو آهي، چيائين هلو ته هلون، اسان شام جي وقت ٽانگي تي چڙهي سائين جي نواب شاهه واري گهر روانو ٿياسون، اڃا اڌ پنڌ ۾ هئاسون ته هن رڙ ڪئي سائين گاڏي ۾ سامهون پيو اچي، هٿ به کنيائين ته سائين واري گاڏي اڳتي هلي اسان جي لاءِ بيهي رهي، ٽانگي واري کي ٿورو بيهڻ جو چئي اسان وڃي سائين سان ملياسون جيڪو اسان جي لاءِ اڳيئي گاڏي مان لٿو بيٺو هو، چيائين ٽانگي مان هٿ ڪڍو ۽ مون سان گاڏي ۾ ويهو،سائين اچي مرحوم قاضي فيض محمد جي آفيس تي لٿو ۽ اسان کي به پاڻ سان اندر وٺي ويو، مون کي ڏندين آڱريون تڏهن اچي ويون جڏهن پاڻ هڪ اسٽول تي ويهي رهيو ۽ مون کي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيائين، مون گهڻيون منٿون ڪيونمانس پر نه مڙيو، قاضي صاحب چانهه وغيره پياري ٿوري ڪچهري به ٿي، چيومانس سائين آئون ڪڏهن گهر واري اوطاقت تي ايندس ته وري ڪچهري لڳندي، چيائين بابا جڏهن وڻي تڏهن اچو، منهنجي آفيس اتان ويجهي هئي ۽ آئون موڪلائي هليو ويس.
    اتفاق هيئن ٿيو جو آئون ڪجهه ڏينهن ۾ نواب شاهه کان ٺٽي بدلي ٿي ويس ۽ ايئن وري رابطو نه ڪيم، تانجو مون کي سنڌ سرڪار جاتي ۾ (جيڪو منهنجو ڳوٺ آهي) غوث بخش بزنجي مرحوم جي 84، 85ع ۾ جلسي ڪرڻ جي سزا ۾ نوڪري مان معطل ڪيو، جو مقامي وڏيرن جيڪي سائين ڪوڙل شاهه جي پارٽيءَ جي هئا، جي اڳواڻن مون تي الزام هنيو ته مون حڪومت مخالف جلسو ڪرايو آهي، بهرحال بحالي جي گهڻي ڪوشش باوجود وزيراعليٰ سنڌ مون کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اٺ ايم پي اي ۽ هڪ وزير ڪوڙل شاهه انهي ۾ پيش پيش هئا ۽ هنن جو مطالبو هو ته فدا حسين شيخ کي نوڪري مان کي خارج ڪيو وڃي.
    مان ٻيو آسرو نه ڏسي شاهه محمد شاهه کي ساڻ ڪري وڃي سائين امداد وٽ لٿس، جنهن چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا ۽ سڄو مهينو گوڏو ٻڌي ڪراچي مون سان ويهي رهيو جو غوث علي شاهه ٽائيم ئي نه پيو ڏئي، سائين امداد پاڻ پريشان هو ته شاهه ايترو بي محابو ته ڪڏهن ڪو نه ٿيو آهي،انهي سڄي مهيني ۾ ايم پي اي هاسٽل ۾ سائين سان گڏ رهڻ ڪري مون کي نوڪري جو ڏک وسري، ويو جو سڄو ڏينهن دوستن جي آوت، جاوت ۽ ڊاڙ ٺڪاءَ ۽ سائين امداد جي خوش اخلاقي ۽ خوش مزاج طبيعت مونکي ويتر موهي وڌو.
    سائين جي ايم سيد چوندو هو ته ابا اهو ڪهڙو شيخ معطل ٿيو آهي جو سائين امداد نه سن ٿو اچي نه نواب شاهه، مهيني جي آخري ڏينهن تي دلچسپ صورتحال اها ٿي جو سائين امداد چيو ته فدا وڏو ڪو نڀاڳو آهين جو غوث علي شاهه مون کي وقت نه ٿو ڏئي، انهي ڪري رات آئون تنهنجي کڙي ڏنڀيندس، مون سمجهيو سائين مذاق پيو ڪري، صبح منهنجي عادت هئي ٿورو دير سان اٿندو هوس پر سائين سويرو اٿندو هو جو ماڻهو ڪمن ڪارن لاءِ اچي ويندا هئا. اهڙو ڪو ماڻهو جيڪو سگريٽ پي رهيو هو، سو سائين انهي کان سگريٽ وٺي اوچتو منهنجي کڙي تي رکيو، آئون ٽپ ڏئي اٿيس، مون چيو سائين ڇا ٿا ڪريو؟ سائين چيو اهو ئي جو ڪنهن نڀاڳي سان ڪبو آهي. سڀ ويٺل ماڻهو سائين ۽ مون سميت کل ۾ رڙهي وياسون ۽ تعجب جي حد نه رهي جو اڃا چانهه ئي پيتي سون ته وزيراعليٰ جو فون آيو ته رات اٺين بجي سائين جي چيف منسٽر سان ملاقات آهي پوءِ ته هيڪاري اسان سڀ کل ۾ ڇڙيون هڻڻ لڳاسون ۽ خير سان ٻئي ڏينهن آئون بحال ٿي ويس، پر جيڪو مون کي ساندھ مهينو سائين امداد سان گڏ گزارڻ جو مليو، اهو منهنجي زندگي تي وڏا اثر ڇڏي ويو مونکي سندس شخصيت ساندھ چوڏهين جي چنڊ وانگر نکريل نظر آئي. جنهن مون کي سندس آدرشن جي مئي تي مهراڻ ۽ خوب ٽٻيون هڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو، آئون جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه هوندس ته جيڪڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق ته، اهو مانوارو سيد امداد شاهه هو، جنهن تي سنڌ عاشق هئي. سندس ايم پي اي هاسٽل جي ڪمري نمبر 6 تي، سڄي سنڌ جي ماڻهن جا ڪم سانگي انبوهه هوندا هئا. جڏهن ته انهن ماڻهن جي تڪن مان چونڊجي آيل ميمبرن جا دروازا هر سائيل تي بند هئا. پر هن فقير طبيعت انسان ڪنهن ماڻهو کي ايئن به نه چيو ته باباس تون ٻئي تڪ جو يا ٻئي ضلعي جو آهين، پوءِ چاهي اهو ڪم ڪنهن نوڪري جو هجي يا بهبود ڀلائي يا ڪنهن ترقياتي رٿا جو، هر ماڻهوءَ سان بنا رنگ نسل جي گڏجي ويندو هو ۽ وري انهي ڪم جي پروگريس به وٺندو هو هڪ ڏينهن مون چيومانس ته سائين سخت بيمار آهيو ٻيو ته اهي ماڻهو اوهان جا ووٽر به ڪو نه آهن ۽ ڇتا پيپلا به آهن، ڇڏيون ته وڃي پنهنجي پنهنجي ايم پي اي جي درن تي ڌڪا جهلين، جو اوهان کي هلائي، هلائي بيحال ٿا ڪريو وجهن، پاڻ فرمايائون ته بابا تون سمجهين ٿو ته آئون صرف سڪرنڊ تعلقي جو ايم پي اي آهيان پر ايئن نه آهي، آئون سڄي سنڌ جو نمائندو آهيان ۽ مون کي سنڌ جو هر ماڻهو پنهنجو لڳندو آهي ۽ پنهنجن سنڌ جي ماڻهن کي خصيص وزيرن جيڪي پنهنجي پيٽ ڀرڻ کان واندا نه آهن، انهن جي اڳيان ذليل ٿيندي ڏسڻ نه ٿو چاهيان، مون کي انهي وقت اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ شاهه لطيف جو هيٺيون بيت به دل تي تري آيو.

    ”جيها جي تيها، مارو مون مڃيا
    مون جيڏيون ملير ۾ چونڊين موڪ ميها
    منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي“.

    اهڙي پيار ۽ پاٻوهه وارا رويا ته هئس عام ۽ اڻواقف ماڻهن سان پر سنڌ اسيمبلي ۾ سندس ڪو به مٽ يا ثاني نه هو، سنڌ جي هر مسئلي تي جنهن بيباڪيءَ ۽ قابليت سان مسئلن جي اپٽار ۽ ان جي قبوليت ڪرائي انهي جو رڪارڊ ته سنڌ اسيمبلي ۾ محفوظ آهي نه صرف ايترو پر ضرورت پئي ته اسيمبلي ٻاهران عام قومي ڪارڪنن سان بک هڙتال تي ويهي رهندو هو، هڪ دفعي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ۽ آصف زرداري سندس مڙس گڏجي ڀينگ پئي ڪئي ۽ وزير صاحب به مال ميڙڻ ۾ پورا هئا ته اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي سائين امداد محمد ساهه هيٺون شعر پڙهيو ته عبدالله شاهه جيڪو ان وقت اسپيڪر هو، رڙ ڪري چيو ته هاڻ ٿو گاريون ڏئي.

    ”گرگ سير، سگ وزيرو، موش ديوان سي شو
    باچيني ارڪان دولت، ملڪ ويران سي شو“

    سائين امداد، حافظ شيرازي جو شعر ته پڙهي ويو پر پوءِ اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو.

    هڪ دفعي سائين سنڌ جي ڪنهن مسئلي تي اسيمبلي فلور تان تقرير ڪري رهيو هو ته انهي دوران، وزيراعليٰ سائين قائم علي شاهه ايوان ۾ داخل ٿيو، تڏهن سندس مڇون رکيل هيون، سائين امداد کي وارو لڳو ۽ شاهه صاحب ڏانهن ڏسندي تقرير ۾ چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن مڇون رکيون ته حڪمراني ۾ ڪهڙو فرق پوندو.
    سائين چوندو هو ته هڪڙي خواهش اٿم ته اسيمبليءَ ۾ بابا (جي ايم سيد ) جي سيٽ تي وڃي ويهان معنيٰ اپوزيشن ليڊر ٿيان ۽ ايئن ٿيو. اڳئين اليڪشن ۾ اپوزيشن جي سيٽ تي ويٺو ۽ هڪڙي ماڻهو سڄي اسيمبلي ۾ نه رڳو سنڌ جي شاندار نمائندگي ڪئي پر اسيمبلي کي اڱرين تي هلايو، ڪٺ موشن، پر يو وليج موشن، ريزوليشن، پر يو وليج ڪاميٽيون، بجيٽ تقريرون ۽ تجويزون آئوٽ ۽ سوال جواب واري وقفي تي به ڇانيل رهندو هو،
    مون کي ساڻس گڏ رهڻ جو الاهي فائدو ٿيو جو اهي سڀ شيون مون کي سمجهائيندو هو ۽ مون کان اڪثر لکرائيندو به هو، ايئن آئون به اسيمبلي جي قانون کان گهڻو واقف ٿي ويس، سندس بيوروڪريسي ۾ ايڏي عزت هئي جو کاتي جي وزيرن جي به نه هئي. ڇو جو سائين ذاتي ڪم ۽ خانچي بازي کان سوين ڪوهه ڏور هوندو هو، آفيسرن کي خبر هئي ته امداد شاهه ڪو به غلط ڪم نه چوندو، انهي ڪري هر آفيسر کيس تمام وڏي عزت سان پيش ايندا هئو. آئون جڏهن به ڪراچي ۾ هوندس هوس ته رهندو ئي وٽس هئس. چاهي اها حيدر منزل هجي يا ايم پي اي هاسٽل، مون ڌٺو ته اڪثر سيڪريٽري کيس لفٽ تائين ڇڏڻ ايندا هئا. اڪثر ڪم ڪار وارا سائين سان سيڪريٽري جي آفيسن ۾ گهڙي پوندا پر مون ايئن ڪڏهن نه ڪيو، هڪ دفعو فرمايائين گهڻا ڪامريڊ ٽوپي نرڙ تي رکي مون سان آفيسن ۾ گهڙي پوندا آهن پر تون منهنجي چوڻ تي به اندر نٿو هلين، انهي جو ڪهڙو سبب آهي؟ چيو مانس قبله آئون اچان ته اوهان لاءِ ٿو نه آفيسرن لاءِ ٻيو هر ڪم هو توهان جي ڪري ڪندا نڪو اوهان سان گڏ هلڻ وارن جي ڪري سو آئون ڇو هلان پوءِ خوش ٿي منهنجي پٺي ٺپريندو هو.
    هڪ دفعو مون کي پاڻ ٻڌائين ته غوث علي شاهه صاحب کيس هڪ ڀيري چيو ته امداد سڀ ايم پي اي پلاٽن جي پٺيان آتا آهن ۽ هنن جي قانون مطابق هڪ هڪ جي Entetement به آهي پوءِ تون ڇو نه ٿو گهرين، وڌيڪ چيائين تون گهر نه گهر مون تنهنجي لاءِ هڪ سٺو پلاٽ رکيو آهي، سائين وراڻيو شاهه صاحب مهرباني، پلاٽ انهن کي ڏي جن کي خدا بک ڏني آهي، مون کي جيڪڏهن ڏيئي سگهين ته ماڻهن جا ڪم ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏي باقي اهڙيون جي مون کي صلاحون ڏنئين ته پنهنجي برادري ختم ٿي ويندي. سائين امداد ٻڌايو ته غوث علي شاهه سمجهيو ته امداد ٿوري تي راضي ڪو نه ٿيندو، سو ڪجهه مهينن کانپوءِ واري ملاقات ۾ هڪ فليٽ سائيت جو نقشو اڳيان رکندي چيائين ته امداد هي مون تنهنجي لاءِ رکي آهي. غوث علي شاهه جو اهو چوڻ ۽ سائين امداد جو ٽپ ڏيئي اٿڻ، ڏوراپو ڏيندي چيائين مڙو ڪو نه ٿا، توهان منهنجي قيمت لڳايو ويٺا آهيو، توهان کي خبر آهي ته جڏهن مون سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فليٽ سائيٽ ڇا ڪندس. غوث علي شاهه صاحب شرمسار ٿي کانئس معافي ورتي ۽ وري ڪڏهن به اهڙي آفر نه ڪيائين، البت سائين امداد جي پبلڪ اسڪيمن تي خاطر خواهه ڌيان ڏيندو هو، اهڙي لالچ ۽ لوڀ کان پري رهڻ وارن کي شاهه لطيف هيئين سيگاريو آهي

    ”ٻجها ڪوه ٻجهن، ته سپن ۾ ڇا سچي
    ڦريو ڦهيارن کي، ورثو وات وجهن
    سنڌي ذات هنجن، مُنهن لايو موتي چڻي“

    هڪ دفعي سائين امداد جي ورسي جي موقعي تي ادريس راجپوت سيڪريٽري ايريگيشن، انڪشاف ڪيو ته سائين امداد راجپوت هڪ الڳ پاڻي جي نالي جي اسڪيم کڻي آيو ۽ پوءِ انهي کجي مسلسل پيو پوئواري ڪندو هو، انهي تي راجپوت صاحب کي شڪ پيو ته شايد امداد شاهه پنهنجي ٻني لاءِ اها نالي ٿو ڪڍرائي انهي ڪري سيڪريٽري صاحب خود سر زمين ڏسڻ ويو جيڪا ضلعي نواب شاهه ۾ هئي کيس وڃي حيرت ٿي ته انهي ناليءَ جي ڪمانڊ ۾ رڳو غريبن جون زمينون هيون ۽ امداد شاهه جو هڪ ايڪڙ به نه هو. اصولن جي پاسداري دور انديشي ۽ پنهنجي والد جي ناياب روايتن کي برقرار رکڻ جا ڪجهه اهم واقعا به ٻڌندا هلو.
    محمد خان جوڻيجي جي وزارت اعظميٰ دوران وزيراعظم صاحب سائين امداد کي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي. پهريائين ته نياپن ۽ اڻ سڏي طريقي سان پر پوءِ ذاتي رابطو به ڪيائين ته مهرباني ڪري سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو قبول ڪريو، پر سائين جي ناڪاري جواب تي انهي وقت جي گورنر جهانداد خان کي اهو ٽاسڪ حوالي ڪيو ويو. ته ڪنهن به قيمت تي امداد شاهه کي وزارت اعليٰ لاءِ راصي ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن آئون ڳوٺان اچي هڪ بجي ڌاري حيدر منزل تي پهتس، ڏٺم ته سائين معمول جي خلاف تيار ٿي نڪرڻ وارو هو. آئين چڱو ٿيو جي آئين، توسان هڪ صلاح ڪرڻي اٿم، ڳالهه ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ چيائين ته تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي، جو آئون وڃان ٿو، گورنر صاحب منهنجي انتطار ۾ آهي، چيومانس ته سائين هڪ ته اوهان جو والد محترم نظر بند آهي ۽ ٻيو ته اوهان جي سنڌ جي باري ۾ هڪ الڳ سوچ آهي ۽ ڇا توهان کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ڪرڻ ڏيندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي عهدو ڏئي مهيني ٻن ۾ محمد خان جوڻيجي سميت اوهان کي گهر روانو ڪري ڇڏين ته پوءِ اوهان جي فيملي سياست خصوصن سائين جي ايم سيد جي سياست جو ڇا ٿيندو. پاڻ چيائين ته آئون اڳئي اهو سوچيو ويٺو هوس پر تنهنجو امتحان پئي ورتم، ايئن چئي پاڻ گورنر صاحب ڏانهن هليو ويو۔ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ واپس موٽي آيو آئون حيدر منزل تي موجود ئي هيس اچي حال احوال ڪيائين چيائين وڏي صاحب کان جند ڇڏائي آيس، شاهه لطيف ڇا خوب چيو آهي ته

    ”قوت نه قرار يا ڪاپڙي موهيا ڪنهن نه مال،
    جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا“.

    وڌيڪ گورنر صاحب چيو ته انهي فيصلي کيس وڏي حيرت ۾ وڌو آهي ۽ اهو به چيائين ته ڀلا جي اوهان نٿا ٿيو ته ڪنهن چڱي ماڻهو جو نالو ڏيو، جنهن کي وزيراعليٰ ڪيون، سائين چيس ته منهنجي نظر ۾ اوهان جي سيٽ اپ ۾ مون کي غوث علي شاهه صاحب کان ڪو بهتر ماڻهو نه ٿو لڳي، هو هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو آهي ۽ تعليم کاتي جو وزير به آهي، پوءِ ٿيو به ايئن غوث علي شاهه کي وزيراعليٰ مقرر ڪري کيس ڪنهن کان سيٽ خالي ڪرائي چونڊرايو ويو.
    سينيٽ جي اليڪشن هجي پير پاڳاري صاحب پاران بوستان علي هوتي صاحب نامزد هو، سائين امداد ۽ آئون اسيمبلي مان شام جو حيدر منزل پهتاسون، خبر پئي ته هوتي صاحب آيو هو ۽ پير سائين جو فون به آيو هو. مون کي سائين چيو ته ڀڄ ته ڀڄون جو پير صاحب جو فون يا هوتي اچي ويو ۽ پير صاحب سان رابطو ڪرائي ڇڏيائين ته هو اسان جو وڏو آهي، جواب ڪو نه ڏئي سگهبو، جو ٻئي ڏينهن تي سينيٽ جي اليڪشن هئي. سو نوڪرن کي سمجهائي ڇڏيو ۽ اسان وڃي پراڻي ايئرپورٽ واري هوٽل۾ ويهي رهياسون. جو سائين جو چوڻ هو ته کيس ووٽ چاچي عبدالحميد جتوئي جي پٽ اعجاز کي ڏيڻو آهي. سڄي رات ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسون، ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، ان وقت اڃا موبائل فون ڪو نه هيون، صبح جو سوير تيار ٿي سائين وڃي اعجاز جتوئي کي ووٽ ڪيو، نوڪرن ٻڌايو ته آخري دفعو هوتي صاحب رات جو هڪ بجي به آيو هو، ايئن سائين پنهنجي ضمير، والد جي دوست ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئي کي اتم رکيو. (هلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو