• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 3 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 3 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


3 آڪٽوبر 1789ع ڪتاب ٽرئولسان بلوچستان اينڊ سنڌ جي ليکڪ هينري پاٽينجر (انگلينڊ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 آڪٽوبر 1828ع تي مشھور ڪافي گو شاعر سيد مصري شاھہ جي نصرپور جي رضوي ساداتن جي گهراڻي ۾ پيدائش ٿي.
3 آڪٽوبر 1915ع نامور استاد مهر الدين ولد احمد خان چنڙ، ڳوٺ سومر چنڙ، تعلقي ڪنڊياري جو جنم ڏينهن آهي.
3 آڪٽوبر 1941ع شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ (احمد پور ضلع خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
3 آڪٽوبر 1955ع شاعر شير محمد عاجز (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
3 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ روشن آرا ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
3 آڪٽوبر 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

3 آڪٽوبر 1967ع هند ۽ سنڌ جي مشھور ڪارٽونسٽ ۽ مصور، عبدالسميع دهلوي جي وفات ٿي.
3 آڪٽوبر 2007ع شاعر، ليکڪ، مصور، سماجي ڪارڪن ۽ استاد عبدالستار رانجهاڻي جي وفات ٿي.
3 آڪٽوبر 2012ع هندستان جي مشهور اسلامي اسڪالر عبدالحق انصاري جي وفات ٿي.
3 آڪٽوبر 2015ع اڳوڻي جج، قانوندان، فلاسافر ۽ علامہ اقبال جي پُٽ، جسٽس جاويد اقبال جي وفات ٿي.
3 آڪٽوبر 2015ع اردو ۽ پشتو جي ليکڪ، مورخ ۽ ڪالم نگار محمد نواز خان جي وفات ٿي.

اڄوڪي ڏينهن 3 آڪٽوبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1926ع – مصطفى ڪمال پاشا، اتاترڪ جو پھريون مجسمو استنبول ۾ نسب ڪيو ويو.
1929ع – مملڪت سَرون جو نالو تبديل ڪري يوگوسلاويہ رکيو ويو.
1932ع – عراق برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.
1952ع – برطانيا ايٽمي ڌماڪو ڪري دنيا جو ٽيون ايٽمي طاقت بڻجي ويو.
1960ع – فرانس، موريطانيہ کي آزادي ڏني.
1990ع ــ اولھ ۽ اوڀر جرمنيءَ جو ڳانڍاپو ٿيو.
1991ع – ناڊينگور ڊيمر پهرين ڏکڻ آفريڪا جي شهري هئي جنهن امن جو نوبل انعام ماڻيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top